Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 2:7 - Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا تنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي: ۽ هن وڏي بيابان ۾ تنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي بہ هن کي خبر آهي: هي چاليهہ ورهيہ خداوند تنهنجو خدا توساڻ رهيو؛ ۽ توکي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 مون خداوند اوهان جي خدا، اوهان جي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي. هن وڏي بيابان ۾ اوهان جي گھمڻ ڦرڻ جي بہ مون کي خبر آهي. هنن چاليهن سالن ۾ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، اوهان سان گڏ هئس ۽ اوهان کي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 2:7
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين.


خداوند منهنجي مالڪ کي گهڻي برڪت ڏني آهي ۽ هو وڏو ماڻهو آهي: هن کيس ڌڻ، ڍور، چاندي، سون، غلام، ٻانهيون، اُٺ ۽ گڏهہ ڏنا آهن.


۽ اسحاق انهيءَ زمين ۾ پوک ڪئي، ۽ ساڳئي سال سؤڻي پيدائش ٿيس، ۽ خداوند کيس برڪت ڏني.


تڏهن لابن چيس تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هجي تہ هتي ئي رهہ؛ ڇالاءِ جو مون کي آزمودي مان معلوم ٿيو آهي، تہ تنهنجي ڪري خداوند مون کي برڪت ڏني آهي.


۽ سندس مالڪ ڏٺو تہ خداوند يوسف سان آهي، ۽ جيڪي هو ڪري ٿو، تنهن سڀ ۾ خداوند برڪت ٿو وجهي.


۽ هيئن ٿيو تہ جنهن وقت کان هن کيس پنهنجي گهر جي مٿان ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن سڀ جي مٿان مختيار مقرر ڪيو، تنهن وقت کان وٺي، يوسف جي ڪري، خداوند انهيءَ مصري جي گهر ۾ برڪت وڌي؛ ۽ جيڪي وٽس هو، گهر ۾، توڙي ٻنيءَ ۾، تنهن سڀ ۾ خداوند جي برڪت پيئي.


هائو، چاليهہ سال برابر تو هنن کي بيابان ۾ پاليو، ۽ هنن کي ڪنهن بہ شيءِ جي گهرج نہ ٿي؛ هنن جا ڪپڙا پراڻا نہ ٿيا، ۽ هنن جا پير نہ سُڄيا.


پر جيڪو رستو آءٌ وٺان ٿو سو هو ڄاڻي ٿو؛ جڏهن هو مون کي پرکيندو تڏهن آءٌ سون وانگر ظاهر ٿيندس.


ڇالاءِ جو خداوند، راستبازن جي واٽ ڄاڻي ٿو: پر بڇڙن جي واٽ نابود ٿي ويندي.


اهي رڻ پٽ جي رستي تي بيابان ۾ پئي رُليا، ۽ ڪوبہ شهر رهڻ لاءِ نٿي ملين.


آءٌ تنهنجي رحم جي ڪري خوشي ڪندس ۽ سرهو ٿيندس: ڇالاءِ جو تو منهنجي مصيبت تي نظر ڪئي، ۽ تون منهنجيءَ جان جي ڏکن کان واقف آهين:


شل خداوند اسان جي خدا جو جمال اسان تي هجي: تون اسان جي هٿن جي ڪم کي قائم ڪر؛ هائو، تون ئي اسان جي هٿن جي ڪم کي قائم ڪر.


۽ بني اسرائيل چاليهن ورهين تائين برابر من پئي کاڌي، جيسين ڪ هو ڪنهن آباد ملڪ ۾ آيا؛ يعني جيسين هو ڪنعان ملڪ جي حد ۾ آيا، تيسين من پئي کاڌائون.


وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين.


بيابان ۾ يعني تمام خشڪ زمين ۾ مون تنهنجي خبر لڌي.


مون اوهان کي مصر جي ملڪ مان بہ ڪڍي آندو، ۽ اوهان کي چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ گهمايم، تہ اوهين امورين جي زمين جا مالڪ ٿيو.


جڏهن بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تڏهن ٻئي ورهيہ جي ٻئي مهيني جي پهرينءَ تاريخ، سينا جي بيابان ۾، جماعت واري تنبوءَ ۾، خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


۽ اوهان جا ٻار چاليهن ورهين تائين هن بيابان ۾ پيا رلندا، ۽ اوهان جي زناڪارين جو ڪيتو پيا لوڙيندا؛ جيسين ڪ اوهان جا لاشا بيابان ۾ سڙي ڳري ويندا.


جيترن ڏينهن ۾ اوهان انهي ملڪ جي جاسوسي ڪئي آهي، يعني چاليهن ڏينهن ۾، انهن مان هرهڪ ڏينهن لاءِ هڪ سال تائين، يعني چاليهن سالن تائين اوهين پنهنجين براين جو بار کڻندا، ۽ منهنجي وڇوڙي جي اوهان کي خبر پوندي.


تڏهن خدا بلعام کي چيو، تہ تون هنن سان نہ وڃ؛ نڪي انهن ماڻهن کي لعنت ڪج: ڇالاءِ جو اهي برڪت وارا آهن.


۽ خداوند کي بني اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هن کين چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هيڏانهن هوڏانهن رلايو، جيسين ڪ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ ماڻهو، جن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي هئي، سي نابود ٿي ويا.


۽ هن چين تہ جڏهن مون اوهان کي بنا ڳوٿريءَ ۽ بنا جهوليءَ، يا بنا جُتيءَ موڪليو، تڏهن ڪنهن شيءِ جي اوهان کي گهٽتائي ٿي ڇا؟ هنن چيو تہ نہ.


منهنجيون رڍون منهنجو آواز ٻُڌن ٿيون، ۽ آئون اُنهن کي سڃاڻان ٿو، ۽ اُهي منهنجي پٺيان ٿيون اچن.


پوءِ اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب حورب کان روانا ٿياسين، ۽ انهي وڏي ۽ خوفناڪ بيابان مان لنگهياسين، جو اوهان امورين جي ٽڪرائتي ملڪ ڏانهن ويندي واٽ تي ڏٺو؛ ۽ پوءِ قادس برنيع ۾ آياسين.


سو اوهين ڪيترائي ڏينهن قادس ۾ رهيا، يعني ڳچ مدت تائين.


۽ قادس برنيع کان رواني ٿيڻ کان وٺي، زرد نهر جي پار وڃڻ تائين اسان کي اٺٽيهہ ورهيہ لڳا؛ انهي وچ ۾ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ جنگي مرد منزلگاهہ منجهان مري کپي ويا، جيئن ڪ خداوند قسم کڻي انهن کي چيو هو.


اوهين کائڻ لاءِ کاڌو بہ هنن کي پئسا ڏيئي خريد ڪجو؛ ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ هنن کان پئسا ڏيئي وٺجو.


پر خداوند توکي اڄوڪي ڏينهن تائين نہ اهڙي دل ڏني آهي جا سمجهي، نہ اهڙيون اکيون ڏنيون آهن جي ڏسن، ۽ نہ اهڙا ڪن ڏنا آهن جي ٻڌن.


مون چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ اوهان جي اڳواڻي ڪئي: ۽ نہ اوهان جي بت جا ڪپڙا پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جي پير جي جتي پراڻي ٿي.


ڇالاءِ جو بني اسرائيل چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ پئي رليا، جيستائين ڪ سڄي قوم، يعني سڀ جنگي مرد جي مصر مان نڪتا هئا، سي مري کپي ويا، ڇو جو هنن خداوند جو حڪم نہ مڃيو: ۽ انهن سان خداوند قسم کنيو هو، تہ جنهن ملڪ جي کين ڏيڻ جو خداوند انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، سا هنن کي نہ ڏيکاريندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ