6 اوهين کائڻ لاءِ کاڌو بہ هنن کي پئسا ڏيئي خريد ڪجو؛ ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ هنن کان پئسا ڏيئي وٺجو.
6 اوهين کاڌو ۽ پاڻي بہ هنن کي پئسا ڏيئي خريد ڪجو.
تڏهن بني اسرائيل هن کي چيو تہ اسين سڙڪ ئي سڙڪ ڏيئي هليا وينداسين، ۽ جي اسان ۽ اسان جي مال تنهنجو پاڻي پيتو، تہ اسين انهي جو ملهہ ڏينداسين: اسين ٻيو ڪجهہ بہ نٿا گهرون، رڳو اسان کي پنهنجي پيرين لنگهي وڃڻ ڏي.
تنهنڪري جيڪي بہ اوهين ڀانئيو تہ ماڻهو اسان سان ڪن، اُوئين اوهين بہ ساڻن ڪريو، ڇالاءِ جو توريت توڙي نبين جو حڪم اهو ئي آهي.
بديءَ جي عيوض ڪنهن سان بدي نہ ڪريو. جي ڳالهيون سڀني ماڻهن جي نظر ۾ چڱيون آهن، تن جو خيال رکو.
هنن سان متان وڙهو؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي هنن جي ملڪ مان ڪجهہ بہ نہ ڏيندس، اصل پير رکڻ جيترو هنڌ بہ ڪين ڏيندس: ڇوتہ شعير جبل مون عيسوءَ کي ورثي طور ڏنو آهي.
ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا تنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي: ۽ هن وڏي بيابان ۾ تنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي بہ هن کي خبر آهي: هي چاليهہ ورهيہ خداوند تنهنجو خدا توساڻ رهيو؛ ۽ توکي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.