Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 2:5 - Sindhi Bible

5 هنن سان متان وڙهو؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي هنن جي ملڪ مان ڪجهہ بہ نہ ڏيندس، اصل پير رکڻ جيترو هنڌ بہ ڪين ڏيندس: ڇوتہ شعير جبل مون عيسوءَ کي ورثي طور ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اوهين انهن سان ڇيڙڇاڙ نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي هنن جي ملڪ مان اصل پير رکڻ جيتري بہ جاءِ ڪين ڏيندس، ڇو تہ ادوم جو جابلو علائقو مون عيسوءَ کي ميراث ڪري ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 2:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن عيسو، جنهن جو ٻيو نالو ادوم بہ ٿو سڏجي، سو وڃي شعير جبل ۾ رهڻ لڳو.


۽ شعير جبل وارن ادومين جي پيءُ عيسوءَ جو نسب نامو هن ريت آهي:


مون زمين، ۽ ماڻهن، ۽ جانورن کي جي زمين جي سطح تي آهن، پنهنجي قدرت سان ۽ پنهنجي ڊگهيريل ٻانهن سان جوڙيو آهي؛ ۽ اُها زمين آءٌ جنهن کي مناسب ٿو سمجهان تنهن کي ٿو ڏيان.


اي آدمزاد، پنهنجو رخ شعير جي جبل ڏانهن ڪر ۽ انهي جي برخلاف نبوت ڪر،


تہ تون ماڻهن مان هڪاليو ويندين، ۽ تنهنجو رهڻ جهنگ جي جانورن سان ٿيندو، ۽ تون ڍڳن وانگي گاهہ کائيندين ۽ ماڪ سان پسندين، ۽ توتي ست زمانا گذري ويندا؛ جيسين ڪ تون ڄاڻين تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي اُها ڏئي ٿو.


۽ تون ماڻهن مان هڪاليو ويندين ۽ تنهنجو رهڻ جهنگ جي مرن سان ٿيندو، تو کي ڍڳن وانگي گاهہ کارايو ويندو، ۽ تو تي ست زمانا گذري ويندا؛ جيستائين تون سمجهين تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي اُها ڏئي ٿو.


۽ هن هڪڙي ئي اصل مان ماڻهن جون سڀ قومون روءِ زمين تي رهڻ لاءِ پيدا ڪيون، ۽ سندن لاءِ ٺهرايل وقت ۽ رهڻ جون حدون مقرر ڪري ڇڏيائين؛


۽ هن ملڪ ۾ ڪابہ ميراث ڪانہ ڏنائينس، نہ، بلڪ پير رکڻ جيتري جاءِ بہ ڪانہ ڏنائينس؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اولاد ڪونہ هو، تہ بہ اهو واعدو ڪيائينس تہ اِهو ملڪ توکي ۽ توکان پوءِ تنهنجي نسل کي ملڪيت ڪري ڏيندس.


جهڙيءَ طرح ڪ هن شعير ۾ رهندڙ بني عيسوءَ جي اڳيان، حورين کي برباد ڪيو، ۽ هو انهن کي ڀڄائي پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا؛ ۽ اڄ ڏينهن تائين اتي رهندا اچن:


اوهين کائڻ لاءِ کاڌو بہ هنن کي پئسا ڏيئي خريد ڪجو؛ ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ هنن کان پئسا ڏيئي وٺجو.


جڏهن خدا تعاليٰ قومن کي سندن ورثو ڏنو، جڏهن هن بني آدم کي ڌار ڌار ڪيو، تڏهن هن بني اسرائيل جي شمار موجب قومن جون حدون مقرر ڪيون.


۽ مون اسحاق کي يعقوب ۽ عيسو ڏنو: ۽ عيسوءَ کي شعير جبل قبضي ۾ ڏنو؛ ۽ يعقوب پنهنجي ٻارن سميت مصر ۾ ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ