Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 2:30 - Sindhi Bible

30 پر حسبون جي بادشاهہ سيحون اسان کي پنهنجيءَ حد مان لنگهڻ نہ ڏنو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا، هن جو مزاج تيز، ۽ دل سخت ڪئي، انهي لاءِ تہ هو انهي کي تنهنجي حوالي ڪري، جيئن ڪ اڄ ڪيو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 پر حشبون جي بادشاهہ سيحون اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھي وڃڻ نہ ڏنو. خداوند اسان جي خدا هن جو مزاج تيز ۽ دل سخت ڪئي هئي، انهيءَ لاءِ تہ هو انهيءَ کي اوهان جي حوالي ڪري، جيڪو اڄ تائين اسان جي حوالي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 2:30
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ طرح بادشاهہ هنن ماڻهن جي دانهن نہ ٻڌي؛ ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند جي طرفان ٿيل هئي تہ هو پنهنجو ڪلام قائم ڪري، جو خداوند اخياہ سيلاني جي هٿان يربعام بن نباط سان ڪيو هو.


انهيءَ طرح بادشاهہ ماڻهن جي ڳالهہ نہ مڃي؛ ڇالاءِ جو اها خدا جي ڪيل رٿ هئي، تہ جيڪو ڪلام خداوند اخياہ سيلانيءَ جي معرفت يربعام بن نباط سان ڪيو هو، سو قائم ٿئي.


۽ موسيٰ ۽ هارون اهي سڀ عجيب ڪم فرعون کي ڏيکاريا، پر خدا فرعون جي دل سخت ڪئي، ۽ هن بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ نہ ڏنو.


۽ خداوند، موسيٰ کي چيو تہ جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين، تڏهن اهي سڀ معجزا جي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي سڀ فرعون جي اڳيان ڏيکارج؛ پر آءٌ هن جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ فرعون جي دل سخت ٿي آهي ۽ هو انهن کي وڃڻ نٿو ڏئي.


ڇالاءِ جو مون کي خبر هئي تہ تون ضدي آهين، تنهنجي ڳچيءَ جون نسون لوهہ جون آهن، ۽ تنهنجي پيشاني پتل جي آهي.


تون هنن کي دل جي سختي ۽ پنهنجي لعنت ڏي.


پر سيحون اسرائيلين کي پنهنجي حد مان لنگهڻ نہ ڏنو: پر سيحون پنهنجا سڀ ماڻهو گڏ ڪري، اسرائيلين جي مقابلي لاءِ بيابان ۾ آيو، ۽ يهض ۾ اچي اسرائيلين سان جنگ ڪيائين.


تنهن کان پوءِ هو اُتان ڦيرو کائي، بسن ڏانهن ويا: ۽ بسن جو بادشاهہ عوج، پنهنجن سڀني ماڻهن سميت هنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ادرعيءَ ۾ ويو.


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ هن کان نہ ڊڄ: ڇالاءِ جو مون هن کي، ۽ سندس سڀني ماڻهن کي، ۽ سندس سڄي ملڪ کي تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي؛ تون هن سان بہ ائين ئي ڪر، جيئن تو امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو، جو حسبون ۾ رهندو هو.


۽ خداوند مون کي چيو، تہ ڏس، آءٌ سيحون ۽ سندس ملڪ کي تنهنجي حوالي ٿو ڪريان: تون انهي تي قبضو ڪرڻ شروع ڪر تہ تون هن جي ملڪ جو وارث ٿين.


پر سيحون جو اسرائيلين تي ايترو ڀروسو نہ ٿيو جو پنهنجي حد مان انهن کي لنگهڻ ڏئي: اُٽلندو سيحون پنهنجا سڀ ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ يهض ۾ منزل ڪري اسرائيلين سان وڙهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ