3 اوهين هن جبل جي آس پاس گهڻو ئي رليا آهيو: هاڻي اُتر ڏانهن ڦرو.
3 ’اوهين هن جابلو علائقي ۾ گھڻو ئي رليا آهيو. هاڻي اتر طرف وڃو.‘
پر جيستائين ڪڪر عبادتگاهہ جي مٿان بيٺو هوندو هو، تيستائين بني اسرائيل منزل ڪري ويٺا هوندا هئا، ۽ ڪوچ ڪين ڪندا هئا؛ پوءِ ٻہ ڏينهن هجن يا مهينو هجي يا سال هجي. وري جڏهن اهو کڄندو هو، تڏهن اهي ڪوچ ڪندا هئا.
خداوند اسان جي خدا، حورب ۾ اسان سان ڳالهايو، ۽ چيائين تہ، اوهين هن جبل تي گهڻو رهيا آهيو:
۽ قادس برنيع کان رواني ٿيڻ کان وٺي، زرد نهر جي پار وڃڻ تائين اسان کي اٺٽيهہ ورهيہ لڳا؛ انهي وچ ۾ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ جنگي مرد منزلگاهہ منجهان مري کپي ويا، جيئن ڪ خداوند قسم کڻي انهن کي چيو هو.
۽ خداوند مون کي فرمايو، ۽ چيائين تہ
۽ تون ماڻهن کي حڪم ڏيئي چئُہ تہ اوهان کي پنهنجن ڀائرن، بني عيسو جي سرحد وٽان لنگهڻو آهي، جيڪي شعير ۾ ٿا رهن؛ ۽ اهي اوهان کان ڊڄندا: تنهنڪري اوهين پنهنجي چڱي خبرداري ڪجو:
ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا تنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي: ۽ هن وڏي بيابان ۾ تنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي بہ هن کي خبر آهي: هي چاليهہ ورهيہ خداوند تنهنجو خدا توساڻ رهيو؛ ۽ توکي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.