Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 2:24 - Sindhi Bible

24 هاڻي اوهين اٿي ڪوچ ڪريو، ۽ ارنون جي ماٿري لنگهي پار وڃو: ڏسو، مون حسبون جي اموري بادشاهہ سيحون کي، سندس ملڪ سميت تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي: سو انهي تي قبضو ڪر، ۽ انهي سان جنگ شروع ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”موآب مان لنگھي وڃڻ کان پوءِ خداوند اسان کي فرمايو تہ ’هاڻي اوهين اُٿي روانا ٿيو ۽ برساتي نهر ارنون مان لنگھي پار وڃو. ياد رکو، مون حشبون جي اموري بادشاهہ سيحون کي سندس ملڪ سميت اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. تنهنڪري اوهين انهيءَ جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪريو ۽ ساڻس جنگ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 2:24
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي تہ خداوند، آسمان جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان. تنهنڪري انهيءَ جي ساريءَ قوم مان جيڪو بہ ماڻهو اوهان ۾ هجي، تنهن سان خداوند سندس خدا شل همراهہ ٿئي، ۽ اهو ڀلي موٽي وڃي.


فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند آسمان جي خدا، دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان.


مون زمين، ۽ ماڻهن، ۽ جانورن کي جي زمين جي سطح تي آهن، پنهنجي قدرت سان ۽ پنهنجي ڊگهيريل ٻانهن سان جوڙيو آهي؛ ۽ اُها زمين آءٌ جنهن کي مناسب ٿو سمجهان تنهن کي ٿو ڏيان.


۽ مون هن کي مصر جي زمين عيوضو ڪري ڏني، جنهن لاءِ هن خدمت ڪئي هئي، ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي تہ هن منهنجي لاءِ اُهو پورهيو ڪيو.


۽ جتي جتي بني آدم رهي ٿو، اُتي جهنگ جا جانور، ۽ هوا جا پکي هن تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، ۽ توکي انهن سڀني تي حاڪم ڪيو اٿس: تون اُهو سون جو مٿو آهين.


اها فتويٰ نگهبانن جي حڪم موجب آهي، ۽ اها ڳالهہ قدوسن جي چوڻ موجب آهي: انهي لاءِ تہ جيڪي جيئرا آهن سي ڄاڻن تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس اُنهي کي اُها ڏئي ٿو، ۽ انهي تي تمام گهٽ درجي واري ماڻهوءَ کي مقرر ڪري ٿو.


پوءِ اتان بہ اڳتي هليا، ۽ زرد جي ماٿري ۾ اچي منزل ڪيائون.


۽ ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي، جو عروعير شهر آهي، ۽ ماٿريءَ ۾ جيڪو شهر آهي، تنهن کان وٺي جلعاد تائين، اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو: سڀيئي شهر، خداوند اسان جي خدا، اسان جي حوالي ڪيا:


۽ هيئن ٿيو جو ستين ڀيري جڏهن ڪاهنن قرنائون وڄايون تڏهن يشوع ماڻهن کي چيو تہ رڙيون ڪريو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي هي شهر ڏنو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ