Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 2:21 - Sindhi Bible

21 اهي بہ عناقيم وانگر وڏا، ۽ گهڻا، ۽ قداور هئا؛ پر خداوند انهن کي بني عمون جي اڳيان برباد ڪيو؛ ۽ هو انهن کي ڀڄائي، پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 اهي ماڻهو بہ راڪاسن وانگر طاقتور، گھڻا ۽ قداور هئا. پر خداوند انهن کي بني عمون جي اڳيان برباد ڪيو ۽ انهن جي جاءِ تي بني عمون پاڻ رهڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 2:21
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي اسين ڪيڏانهن وڃون؟ اسان جي ڀائرن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي، جو چون ٿا تہ اتي جا ماڻهو اسان کان ڊگها ۽ قداور آهن؛ اتي جا شهر وڏا آهن، ۽ انهن جون ڀتيون آسمان تائين ٿيون پهچن؛ تنهن کان سواءِ اسان اتي عناقيم جو اولاد بہ ڏٺو.


(اهو بہ رفائيم جو ملڪ ٿو سڏجي: اڳئين وقت ۾ اتي رفائيم رهندا هئا؛ پر عموني انهن کي زمزميم ڪري سڏيندا هئا؛


جهڙيءَ طرح ڪ هن شعير ۾ رهندڙ بني عيسوءَ جي اڳيان، حورين کي برباد ڪيو، ۽ هو انهن کي ڀڄائي پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا؛ ۽ اڄ ڏينهن تائين اتي رهندا اچن:


(ڇالاءِ جو رفائيم جي نسل منجهان فقط بسن جو بادشاهہ عوج وڃي بچيو هو: ۽ ڏس، هن جو پلنگ لوهہ جو ٺهيل هو؛ ۽ اهو بني عمون جي شهر ربہ ۾ موجود نہ آهي ڇا؟ انهي جي ڊيگهہ، ماڻهوءَ جي هٿن جيڏا نوَ هٿ، ۽ انهي جي ويڪر چار هٿ هئي.)


جيڪي تنهنجي معبود ڪموس توکي ورثو ڪري ڏنو آهي سو تون جيڪر هٿ نہ ڪرين ڇا؟ انهي طرح جنهن کي خداوند اسان جي هٿان ڦرايو آهي، تن کي اسين ضرور هٿ آڻينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ