Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 19:4 - Sindhi Bible

4 ۽ جيڪو خوني ڀڄي وڃي اتي رهندو، تنهن جي بابت هي حڪم آهي: جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڀل مان ماري وجهي، ۽ اڳي انهي سان ڪابہ دشمني نہ هجيس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جيڪو خوني پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڄي اوڏانهن وڃي، تنهن بابت هي حڪم آهي. ٿي سگھي ٿو تہ ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي بناارادي ماري وجھي، جڏهن تہ اڳي انهيءَ سان ڪابہ دشمني نہ هجيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 19:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب لابن جي منهن ڏانهن نظر ڪئي ۽ هن جو رخ پاڻ ڏانهن اڳئين جهڙو نہ ڏٺائين.


تڏهن زال چيو تہ آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ بادشاهہ خداوند پنهنجي خدا کي ياد ڪري تہ خون جي بدلي وٺڻ وارو وري ڪنهن کي نہ ماري، متان منهنجي پٽ کي ناس ڪري ڇڏين. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ تنهنجي پٽ جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو.


گذريل وقت ۾، جڏهن سائول بادشاهہ هوندو هو، تڏهن بہ اُهو تون ئي هئين جنهن اسان کي وٺي اسرائيل ۾ آندو: ۽ خداوند تنهنجي خدا توکي چيو تہ تون منهنجي قوم اسرائيل کي کارائيندي پياريندين، ۽ منهنجي قوم اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين.


ڇالاءِ جو قديم زماني کان توفت تيار ڪيل آهي؛ هائو، اهو بادشاهہ جي لاءِ تيار ڪيل آهي؛ هن انهي کي اونهو ۽ وڏو ڪيو آهي: انهي ۾ باهہ ۽ گهڻين ڪاٺين جو ڍير آهي؛ خداوند جو دم گندرف جي نهر وانگي انهي کي ٻاري ٿو.


انهن شهرن ۾ اوهان کي وير وٺڻ واري کان پناهہ ملندي؛ انهي لاءِ تہ جيسين خوني جماعت جي اڳيان فيصلي جي لاءِ حاضر نہ ٿئي، تيسين اهو ماريو نہ وڃي.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ


۽ تون پنهنجي لاءِ هڪڙو رستو بہ تيار ڪج، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن کي ٽن حصن ۾ ورهائي حدون ٻڌج، تہ هرڪو خوني ڀڄي اتي وڃي.


جهڙيءَ طرح ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان گڏجي ڪاٺين وڍڻ لاءِ ٻيلي ۾ وڃي، ۽ وڻ وڍڻ لاءِ ڪهاڙو کڻي ڌڪ هڻي، ۽ ڦر ڳن مان نڪري وڃي سندس پاڙيسريءَ کي لڳي، ۽ اهو مري پوي: تہ هو انهن شهرن مان ڪنهن هڪڙي ۾ ڀڄي وڃي تہ جيئرو رهي:


انهي لاءِ تہ متان انهي خون جي وير وٺڻ وارو دل جي جوش کان انهي خونيءَ جي پٺيان پوي، ۽ پنڌ پري هئڻ جي ڪري رستي ۾ جهليس، ۽ ڌڪ هڻي ماري وجهيس؛ جيتوڻيڪ اهو شخص موت جي لائق نہ آهي، ڇو جو اڳي انهي سان ڪابہ دشمني ڪانہ هيس.


انهي لاءِ تہ جيڪو خوني ڀل مان پنهنجي پاڙيسريءَ کي ماري وجهي، ۽ اڳي انهي سان ڪابہ دشمني نہ هجيس، سو اتي ڀڄي وڃي؛ ۽ انهن شهرن مان هڪڙي ۾ وڃي رهي:


پر اوهان جي، ۽ انهيءَ جي وچ ۾، اٽڪل ٻن هزارن هٿن جيتري وڇوٽي رهي. انهيءَ کي ويجهو نہ اچجو، تہ جنهن رستي تان اوهان کي هلڻو آهي تنهن جي اوهان کي خبر پوي؛ ڇالاءِ جو اوهين اڳي ڪڏهن بہ هن رستي کان نہ آيا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ