Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 19:3 - Sindhi Bible

3 ۽ تون پنهنجي لاءِ هڪڙو رستو بہ تيار ڪج، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن کي ٽن حصن ۾ ورهائي حدون ٻڌج، تہ هرڪو خوني ڀڄي اتي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 19:3
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُتي هڪڙو شاهي رستو جاري ٿيندو، هڪڙو رستو جو پاڪيزگيءَ جو رستو سڏجڻ ۾ ايندو؛ ڪوبہ ناپاڪ انهيءَ تان نہ لنگهندو؛ پر اهو انهن مسافرن جي لاءِ ٿيندو، هائو، بي عقل بہ انهي تي نہ ڀلبا.


۽ ائين چيو ويندو، تہ مٿانهون ڪريو، مٿانهون ڪريو، رستو تيار ڪريو، منهنجي اُمت جي رستي تان ٿاٻي کائڻ جي شيءِ پاسي ڪري ڇڏيو.


لنگهي وڃو، دروازن مان لنگهي وڃو، اوهين اُمت جو رستو تيار ڪريو؛ شاهي سڙڪ مٿانهين ڪريو، مٿانهين ڪريو؛ پهڻ ميڙي پري ڪريو؛ قومن جي لاءِ جهنڊو کڙو ڪريو.


تڏهن جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي قبضي ۾ ڏئي ٿو، تنهن ۾ ٽي شهر تون پنهنجي لاءِ ڌار ڪج.


۽ جيڪو خوني ڀڄي وڃي اتي رهندو، تنهن جي بابت هي حڪم آهي: جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڀل مان ماري وجهي، ۽ اڳي انهي سان ڪابہ دشمني نہ هجيس؛


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ جڏهن تون پهچين، ۽ انهي تي قبضو ڪري منجهس رهڻ لڳين؛


انهي کان سواءِ خداوند اوهان جي ڪري مون سان ڪاوڙيو، ۽ قسم کڻي چيائين، تہ تون يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ داخل ڪين ٿيندين:


۽ پنهنجي پيرن جي لاءِ رستا سنوان ڪريو، تہ جيڪو منڊو آهي سو ٿاٻو نہ کائي، بلڪ ڇُٽي چڱو ڀلو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ