Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 18:9 - Sindhi Bible

9 جڏهن تون انهي ملڪ ۾ پهچين جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تڏهن تون انهن قومن وانگر مڪروهہ ڪم ڪرڻ متان سکين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ”جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ پهچو جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تڏهن اوهين انهن قومن وانگر ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ نہ سکجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 18:9
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اُتي اُنهن سڀني مٿانهين جاين ۾ هو لوبان ساڙيندا هئا، جيئن ٻيون قومون ڪنديون هيون، جن کي خداوند هنن جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو؛ ۽ هنن خداوند کي ڪاوڙائڻ لاءِ بڇڙا ڪم ڪيا:


۽ جن قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪلي ڪڍيو تن جي، ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي جوڙيل قانونن تي هليا.


تنهن کانسواءِ هن هنوم جي پٽ جي واديءَ ۾ لوبان ساڙيو، ۽ جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو، تن جي ڪراهت جهڙين رسمن موجب هن پنهنجا ٻار باهہ ۾ ساڙيا.


تنهن کانسواءِ ڪاهنن جي سڀني سردارن ۽ ماڻهن غير قومن جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان لڳي وڏا وڏا گناهہ ڪيا؛ ۽ جيڪو خداوند جو گهر يروشلم ۾ هو، ۽ هن پاڪ ڪيو هو، سو هنن پليت ڪري ڇڏيو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ قومن جو رستو نہ سکو، ۽ آسمان جي نشانن تي حيران نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو قومون انهن تي حيران ٿيون ٿين.


تنهنڪري اوهين منهنجو حڪم مڃيندا رهجو، انهي لاءِ تہ اوهان کان اڳي جيڪي مڪروهہ رسمون ۽ ڪم ڪيا ويا هئا، تن مان اوهين ڪوبہ نہ ڪريو، ۽ نڪي انهن جي ڪري پاڻ کي پليت ڪريو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


انهي لاءِ تہ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم انهن پنهنجن معبودن لاءِ ڪيا آهن، سي اوهان کي بہ ڪرڻ نہ سيکارين؛ تہ متان اوهين خداوند پنهنجي خدا جا گنهگار ٿيو.


جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي، تڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئج، تہ منهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري خداوند مون کي هن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ هتي وٺي آيو آهي: بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي سببان خداوند انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي.


تون پنهنجي راستبازيءَ يا پنهنجيءَ دل جي سچائيءَ جي ڪري، انهن جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ نٿو وڃين: پر انهن قومن جي بدڪاريءَ جي سببان خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي، انهي لاءِ تہ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان، يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کڻي جيڪو واعدو ڪيو هو، سو پورو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ