Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 18:8 - Sindhi Bible

8 انهن کي کائڻ لاءِ هڪ جيترو حصو ملندو، ۽ جيڪي هن جي اباڻي ملڪيت جي وڪري مان پيدا ٿئي، سو بہ ملندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هن کي بہ کائڻ لاءِ ٻين جيترو حصو ملندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪا رقم کيس اباڻي ملڪيت جي وڪري مان حاصل ٿئي، سا بہ ملندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 18:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانسواءِ يروشلم جي رهاڪن کي هن حڪم ڏنو تہ ڪاهنن ۽ لاوين جو حصو ڏين، تہ هو خداوند جي شريعت جي ڪم ۾ پاڻ کي مشغول رکن.


انهيءَ ڏينهن خزاني وارين ڪوٺين تي، کڻڻ وارين قربانين لاءِ، پهرين ڦرن لاءِ، ۽ ڏهاڪيءَ لاءِ، ماڻهو مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ شهرن جي ٻنين موجب، جيڪي حصا شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر ڪيل هئا، سي انهن ۾ آڻي گڏ ڪن: ڇالاءِ جو يهوداہ ڪاهنن لاءِ، ۽ خدمت ڪندڙ لاوين لاءِ بہ خوشيون ڪيون.


۽ زربابل جي ڏينهن ۾، ۽ نحمياہ جي ڏينهن ۾، سڀ اسرائيلي ڳائڻ وارن، ۽ دربانن جي لاءِ روزمرہ جي گهرج موجب حصا ڏيندا هئا؛ ۽ هو لاوين جي لاءِ ڌار ڪندا هئا، ۽ لاوي هارون جي پٽن لاءِ ڌار ڪندا هئا.


۽ زمين جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو خداوند جو آهي، پوءِ اها ٻنيءَ جي پيدائش هجي توڙي وڻن جو ميوو هجي، اهو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي.


۽ انهن مان هرهڪ قربانيءَ منجهان هڪڙي هڪڙي ماني هو کڻڻ واري قربانيءَ طور خداوند جي اڳيان پيش ڪري: اها انهي ڪاهن جي ٿيندي، جو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت ڇاٽاريندو.


۽ ڏس، بني لاوي جيڪا خدمت ڪن ٿا، يعني جيڪا خدمت هو جماعت واري تنبوءَ جي ڪن ٿا، تنهن جي بدلي ۾ مون هنن کي اسرائيل ۾ سڀ ڪنهن شيءِ جو ڏهون حصو ورثي طور ڏنو آهي.


پوءِ اُنهي گهر ۾ ٽڪي پئجو، ۽ جيڪي ڪي اوهان کي ڏين، سو کائيندا پيئندا رهجو، ڇوتہ مزور پنهنجيءَ مزوريءَ جو حقدار آهي. گهر گهر نہ گهُمجو.


تہ هو پنهنجن سڀني لاوي ڀائرن وانگر، جي اتي خداوند جي حضور ۾ حاضر هجن، خداوند پنهنجي خدا جي نالي خدمت ڪندو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ