Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 18:6 - Sindhi Bible

6 ۽ ساري اسرائيل ۾ جيڪي تنهنجا ڳوٺ آهن، تن مان جي ڪنهن ۾ بہ لاوي رهندو هجي، ۽ جيڪڏهن اهو پنهنجيءَ دل جي پوري ارادي سان، انهيءَ جاءِ تي اچي، جا خداوند چونڊيندو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 سڄي ملڪ منجھان اوهان جي ڪنهن بہ شهر ۾ رهندڙ ڪو لاوي جيڪڏهن پنهنجيءَ دل جي پوري ارادي سان انهيءَ جاءِ تي اچي، جيڪا خداوند چونڊيندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 18:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، آءٌ تنهنجي رهڻ جي گهر، ۽ تنهنجي جلال واريءَ جاءِ کي پيار ٿو ڪريان.


مون خداوند کي هڪڙو سوال ڪيو آهي، ۽ انهي جو آءٌ طالب رهندس؛ تہ آءٌ سڄي ڄمار خداوند جي گهر ۾ گذاريان، ۽ خداوند جو جمال ڏسان، ۽ سندس هيڪل ۾ ڌيان ڪريان.


ڇالاءِ جو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بڇڙن جي تنبن ۾ رهڻ کان مون کي پنهنجي خدا جي گهر جو دربان ٿيڻ پسند آهي.


مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن کي توکان طاقت ٿي ملي؛ ۽ جنهن جي دل ۾ صيون جا شاهي رستا آهن.


۽ اوهين شهر جي ٻاهران اُڀرندي ڏانهن ٻہ هزار هٿ ماپجو، ۽ ڏکڻ ڏانهن ٻہ هزار هٿ، ۽ الهندي ڏانهن ٻہ هزار هٿ، ۽ اُتر ڏانهن ٻہ هزار هٿ، پوءِ شهر انهن جي وچ ۾ ٿيندو. اهي هن جي لاءِ شهرن جون ٻهراڙيون ٿينديون.


تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو هنڌ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي جي مسڪن لاءِ چونڊيندو، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جا ڏهان حصا، ۽ اوهان جي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ اوهان جي خوشيءَ جون مڃتائون، جي اوهين خداوند جي اڳيان مڃيندا:


پر جيڪا جاءِ خداوند تنهنجن قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، اتي ئي اوهين پنهنجون سوختنيون قربانيون پيش ڪجو؛ ۽ جن ڪمن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي سڀ اتي ئي ڪجو.


بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا، اوهان جي سڀني قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، انهي لاءِ تہ اتي پنهنجو نالو قائم ڪري، اتي، يعني هن جي مسڪن وٽ اوهين اچجو:


تنهنڪري جيڪو هنڌ خداوند پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اتي تون پنهنجن ڍورن ۽ پنهنجن ڌڻن مان، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ فسح جي قرباني ڪج.


تہ هو پنهنجن سڀني لاوي ڀائرن وانگر، جي اتي خداوند جي حضور ۾ حاضر هجن، خداوند پنهنجي خدا جي نالي خدمت ڪندو رهي.


اها ڳالهہ سچي آهي تہ جيڪو ماڻهو نگهبان (بشپ) جو عهدو ٿو چاهي تہ اهو چڱي ڪم جي خواهش ٿو ڪري.


خدا جو ڌڻ، جو اوهان جي سپرد آهي، تنهن کي اوهين چاريو ۽ انهي جي نگهباني ڪريو، نہ لاچاريءَ سبب، پر خوشيءَ سان، نہ پيسي جي لالچ تي، پر دل جي شوق سان؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ