Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 18:5 - Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا، انهن کي تنهنجن سڀني قبيلن منجهان چونڊي ڪڍيو آهي، انهي لاءِ تہ اهي، ۽ سندن اولاد هميشہ خداوند جي نالي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ سبب جو خداوند اوهان جي خدا لاوين کي اوهان جي سڀني قبيلن منجھان چونڊي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي ۽ سندن اولاد هميشہ خداوند جي نالي جي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 18:5
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون انهن کي، يعني هارون ۽ سندس پٽن کي، چيلهہ تي ڪمربند ٻڌج، ۽ ٽوپيون پهرائج؛ تہ کين هميشہ جي قانون موجب ڪهانت جو حق حاصل ٿئي: ائين تون هارون ۽ سندس پٽن کي مخصوص ڪج.


پوءِ هن قورح ۽ سندس سڄي ٽوليءَ کي چيو تہ سڀاڻي صبح جو خداوند پاڻيهي ڏيکاريندو تہ ڪير سندس آهي، ۽ ڪير پاڪ آهي، ۽ ڪنهن کي هو پاڻ وٽ ٿو سڏي؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي هو پسند ڪندو، تنهن کي ئي پاڻ وٽ سڏيندو.


۽ اهو هن جي لاءِ، ۽ هن کان پوءِ سندس اولاد جي لاءِ، هميشہ جي ڪهانت جو عهد ٿيندو؛ ڇالاءِ جو هو پنهنجي خدا جي لاءِ غيرت وارو ٿيو، ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ڪيائين.


۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مقرر ڪر تہ اهي ڪهانت جي ڪم ۾ مشغول رهن: ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو اچي سو ماريو وڃي.


انهي وقت خداوند لاويءَ جي قبيلي کي ڌار ڪيو، تہ اهي خداوند جي عهد جي صندوق کڻن، ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي انهي جي خدمت ڪن، ۽ سندس نالو وٺي برڪت ڏين، جيئن اڄ ڏينهن تائين ٿيندو اچي.


۽ جيڪو ڪاهن اتي خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر هجي، يا جيڪو قاضي اتي هجي، تنهن جي ڳالهہ جيڪڏهن ڪو شخص گستاخي ڪري نہ ٻڌي، تہ اهو شخص ماريو وڃي: ۽ تون اها خرابي اسرائيل مان ڪڍي ڇڏج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ