Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 18:1 - Sindhi Bible

1 لاوي ڪاهنن کي، يعني لاوين جي سڄي قبيلي کي، اسرائيل سان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ ملندو: اهي خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيون، ۽ انهن جو مقرر حصو کائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ڪاهنن جي سڄي قبيلي يعني لاويءَ کي بني اسرائيل سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ ملندو. انهيءَ جي بدران اهي خداوند جي ميراث يعني ساڙيون ويندڙ قربانيون ۽ نذرانا کائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 18:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نڪا ڪاهنن يعني لاوين کي، سوختني قربانين چاڙهڻ لاءِ، ۽ نذرانن ساڙڻ لاءِ، ۽ هميشہ قرباني ڪرڻ لاءِ منهنجي اڳيان ڪنهن ماڻهوءَ جي کوٽ ٿيندي.


۽ هنن کي هڪڙي ميراث ملندي؛ آءٌ انهن جي ميراث آهيان: ۽ اسرائيل مان اوهين هنن کي ڪابہ ملڪيت نہ ڏجو؛ آءٌ هنن جي ملڪيت آهيان.


۽ خداوند هارون کي فرمايو تہ هنن جي زمين ۾ تو کي ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو، نڪي هنن ۾ تنهنجو ڪو حصو ٿيندو: بني اسرائيل ۾ تنهنجو حصو ۽ تنهنجو ورثو آءٌ آهيان.


باقي انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪ مهينو يا انهي کان مٿي هئي، تن جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهي ٽيويهہ هزار ٿيا: انهن جو شمار بني اسرائيل سان گڏ نہ ڪيو ويو، ڇالاءِ جو انهن کي ورثو ڪونہ ملڻو هو.


انهي ڪري لاوين کي سندن ڀائرن سان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ مليو؛ ڇالاءِ جو خداوند پاڻ هنن جو ورثو آهي، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا هنن کي فرمايو آهي.)


۽ تون خبردار رهج، ۽ جيسين تون انهي ملڪ ۾ جيئرو رهين، تيسين لاوين کي وساري نہ ڇڏج.


رڳو لاوي جي فرقي کي هن ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو؛ خداوند اسرائيل جي خدا جون باهہ سان ساڙڻ واريون قربانيون انهن جو ورثو آهن، جيئن هن کيس فرمايو.


پر لاوي جي فرقي کي موسيٰ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو: خداوند، اسرائيل جو خدا، انهن جو ورثو آهي، جيئن هن انهن کي فرمايو.


پر لاوين جو اوهان سان گڏ حصو ڪونهي؛ ڇالاءِ جو خداوند جي ڪهانت هنن جو ورثو آهي: ۽ جد، ۽ روبن، ۽ منسي جي اڌ فرقي کي پنهنجو ورثو يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏانهن ملي ويو آهي، جو خداوند جي ٻانهي، موسيٰ هنن کي ڏنو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ