Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 17:9 - Sindhi Bible

9 ۽ اتي جيڪي لاوي ڪاهن هجن، يا جيڪو قاضي هجي، تنهن وٽ وڃي پڇا ڪج؛ ۽ اهي توکي فيصلي جو حڪم ٻڌائيندا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ انهن ڏينهن ۾ اتي مقرر ٿيل ان جج ۽ لاوي ڪاهنن کي وڃي اهي ڳالهيون ٻڌائجو. هو اوهان کي فيصلو ڪري ٻڌائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 17:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اضهارين مان ڪنانياہ ۽ سندس پٽ، اسرائيل جي مٿان، ٻاهرين ڪم لاءِ هئا، يعني عملدار ۽ قاضي هئا.


تنهن کان سواءِ جڏهن هنن ۾ ڪو جهيڙو ٿو ٿئي، تڏهن بہ هو مون وٽ ٿا اچن، ۽ آءٌ انهن ٻنهي جي عدالت ٿو ڪريان، ۽ کين خدا جي قاعدن ۽ سندس شريعت مان واقف ٿو ڪريان.


پر جي چور هٿ نہ اچي تہ پوءِ گهر جو مالڪ خدا جي حضور ۾ حاضر ٿئي، ۽ ثابت ڪري تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ ڪونہ لاتو آهي.


تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.


۽ تڪرار وقت هو منصف ٿي بيهن، ۽ منهنجن حڪمن موجب هو انصاف ڪن: ۽ منهنجن سڀني مقرر ڪيل عيدن تي منهنجي قاعدن جي سنڀال ڪن؛ ۽ منهنجن سبتن کي پاڪ رکن.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ شريعت بابت ڪاهنن کان پڇ ۽ چئين، تہ


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون منهنجي راهہ ۾ هلندين ۽ منهنجي حڪم جي تعميل ڪندين، تہ تون بہ منهنجي گهر تي حڪم هلائيندين، ۽ منهنجي ايوان جي سنڀال ڪندين، ۽ آءٌ توکي هي جيڪي بيٺا آهن، تن ۾ بيهڻ جي جاءِ ڏيندس.


۽ لشڪرن جي خداوند جي گهر جي ڪاهنن ۽ نبين کان پڇن، تہ اسين پنجين مهيني ۾ پاڻ کي جدا ڪري، ماتم ڪريون ڇا، جيئن سال بسال اسان ڪيو آهي؟


ڇالاءِ جو لازم آهي تہ ڪاهن جي چپن تي علم هجي، ۽ ماڻهو اُنهيءَ جي واتان شريعت جي پڇا ڪن: ڇالاءِ جو هو لشڪرن جي خداوند جو پيغمبر آهي.


تون پنهنجن قبيلن جي سڀني ڳوٺن ۾، جيڪي خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، پنهنجي قبيلن موجب قاضي ۽ حاڪم مقرر ڪج: تہ اهي سچائيءَ سان ماڻهن جي عدالت ڪن.


۽ جيڪو حڪم اهي توکي خداوند جي چونڊيل جاءِ تان ٻڌائين، تنهن موجب تون عمل ڪج، ۽ جيڪي اهي توکي سيکارين، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪج:


۽ بني لاوي جي ڪاهن آهن، سي ويجهو اچن؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا انهن کي چونڊيو آهي، تہ سندس خدمت ڪن، ۽ خداوند جي نالي برڪت ڏين؛ ۽ انهن جي چوڻ موجب هر ڪنهن جهيڙي ۽ تڪرار جو فيصلو ٿئي:


جيڪڏهن ماڻهن ۾ ڪو تڪرار ٿئي، ۽ اهي عدالت ۾ اچن، ۽ قاضي انهن جو انصاف ڪن؛ تہ هنن کي گهرجي تہ راستباز کي بيگناهہ ٺهرائين، ۽ شرير کي سزا ڏين؛


اهي يعقوب کي تنهنجا فيصلا، ۽ اسرائيل کي تنهنجي شريعت سيکاريندا، اهي تنهنجي حضور ۾ لوبان ساڙيندا، ۽ تنهنجيءَ قربانگاهہ تي پوري قرباني چاڙهيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ