Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 17:7 - Sindhi Bible

7 ۽ انهي کي قتل ڪرڻ لاءِ پهرين انهن شاهدن جا هٿ مٿس پون، پوءِ ٻين ماڻهن جا هٿ: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پهريائين اهي شاهد مٿس پٿر اڇلائين، پوءِ باقي ٻيا ماڻهو. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 17:7
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن شخص لعنت ڪئي آهي، تنهن کي ڪڍي منزلگاهہ کان ٻاهر آڻ؛ ۽ جن جن اها ٻڌي آهي، سي سڀيئي پنهنجا هٿ انهي جي مٿي تي رکن، ۽ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪري.


مگر جڏهن هو کانئس پڇندا رهيا، تڏهن هن ڪنڌ مٿي ڪري چين، تہ اوهان مان جيڪو بيگناهہ هجي، سو پهريائين هن کي پهڻ هڻي.


پر جيڪي ٻاهر آهن تن تي خدا فتويٰ ٿو ڏئي. سو اُنهي شرير ماڻهوءَ کي پاڻ منجهان ڪڍي ڇڏيو.


تون انهي کي سنگسار ڪج، تہ هو مري وڃي؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا جنهن توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ٻاهر ڪڍي آندو، تنهن کان توکي ڦيرائڻ جي هن ڪوشش ڪئي آهي.


۽ انهي نبيءَ يا خوابن ڏسڻ واري کي ماري ڇڏجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا جو اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، ۽ توکي غلاميءَ جي گهر مان ڇڏايائين، تنهن جي برخلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ جنهن رستي هلڻ لاءِ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي، تنهن کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪريئي. انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ، يعني تنهنجيءَ ماءُ جو پٽ، يا تنهنجو پٽ، يا تنهنجي ڌيءَ، يا تنهنجي دلگهري زال، يا تنهنجو جاني دوست توکي ڳجهيءَ طرح لالچائي، ۽ اهڙن معبودن جي عبادت ڪرڻ جي لاءِ چوي، جن جي توکي ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هجي،


پر تون انهي کي ضرور قتل ڪج؛ انهي کي قتل ڪرڻ لاءِ پهرين تنهنجو هٿ مٿس پوي، ۽ پوءِ ٻين ماڻهن جو هٿ.


۽ جيڪو ڪاهن اتي خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر هجي، يا جيڪو قاضي اتي هجي، تنهن جي ڳالهہ جيڪڏهن ڪو شخص گستاخي ڪري نہ ٻڌي، تہ اهو شخص ماريو وڃي: ۽ تون اها خرابي اسرائيل مان ڪڍي ڇڏج.


جيئن هن پنهنجي ڀاءُ سان ڪرڻ گهريو ٿي، تيئن اوهين بہ ساڻس ڪجو: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


پوءِ انهي جي شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. انهي طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج؛ ۽ سڀ اسرائيلي اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.


تہ پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گهر جي در تي وٺي اچن، ۽ سندس شهر جا ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين: ڇالاءِ جو هن پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ زناڪاري ڪري اسرائيل ۾ بيعزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


جيڪڏهن ڪو مرد ماڻهو ڪنهن پرڻيل زال سان گڏ سمهندو ڏسڻ ۾ اچي، تہ اهي ٻئي ماريا وڃن، يعني اهو جو زال سان گڏ ستو، ۽ اها زال: انهيءَ طرح تون اها خرابي اسرائيل جي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


تہ اوهين انهن ٻنهي کي انهي شهر جي دروازي تي آڻي، کين سنگسار ڪري ماري ڇڏجو؛ انهيءَ ڇوڪريءَ کي هن ڪري، جو هو شهر ۾ هئي تڏهن بہ رڙيون نہ ڪيائين؛ ۽ انهي ماڻهوءَ کي هن ڪري، جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي بي آبرو ڪيو: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجن بني اسرائيلي ڀائرن مان ڪنهن کي چورائي، پاڻ وٽ غلامي ڪرائي، يا وڪڻي ڇڏيس، تہ اهو چور ضرور ماريو وڃي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


تنهنڪري هاڻي انهن شيطان زادن کي، جي جبعہ ۾ آهن، اسان جي حوالي ڪريو، تہ اسين انهن کي قتل ڪريون، ۽ اسرائيل مان خرابي ڪڍي ڇڏيون، پر بني بنيمين پنهنجن ڀائرن بني اسرائيل جي ڳالهہ نہ مڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ