Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 17:5 - Sindhi Bible

5 تہ پوءِ جنهن مرد يا زال اهڙو خراب ڪم ڪيو هجي، تنهن کي ڳوٺ جي دروازي تي وٺي اچج، ۽ انهي کي سنگسار ڪري ماري ڇڏج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن جنهن اهڙو خراب ڪم ڪيو هجي، پوءِ اهو مرد هجي توڙي عورت، تنهن کي اوهين شهر کان ٻاهر وٺي وڃي سنگسار ڪري ماري ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 17:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ اهو بہ اهڙو ڏوهہ آهي جنهن جي لاءِ قاضي سزا ڏين ها: ڇالاءِ جو ائين خدا، جو مٿي آهي تنهن وٽ ڪوڙ ڳالهايان ها.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جانور سان بدفعلي ڪري تہ اهو ضرور ماريو وڃي.


انهي کان سواءِ تون بني اسرائيل کي چئج، تہ بني اسرائيل مان، يا جيڪي پرديسي اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو پنهنجو اولاد مولڪ کي نذر ڪري ڏيندو، سو ضرور ماريو ويندو: ملڪ جا ماڻهو انهي کي سنگسار ڪري ڇڏين.


جنهن شخص لعنت ڪئي آهي، تنهن کي ڪڍي منزلگاهہ کان ٻاهر آڻ؛ ۽ جن جن اها ٻڌي آهي، سي سڀيئي پنهنجا هٿ انهي جي مٿي تي رکن، ۽ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪري.


۽ جيڪو خداوند جي نالي تي ڪفر بڪندو سو ضرور قتل ڪيو ويندو؛ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪندي: اهو پرديسي هجي توڙي ديسي هجي، پر جنهن وقت هو خداوند جي نالي تي ڪفر بڪندو، تنهن وقت هو ضرور قتل ڪيو ويندو.


۽ انهي نبيءَ يا خوابن ڏسڻ واري کي ماري ڇڏجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا جو اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، ۽ توکي غلاميءَ جي گهر مان ڇڏايائين، تنهن جي برخلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ جنهن رستي هلڻ لاءِ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي، تنهن کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪريئي. انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


۽ انهيءَ ڳالهہ جي توکي خبر پوي، ۽ تون اها ٻڌين، تہ پوءِ تون چڱيءَ طرح تحقيقات ڪج، ۽ ڏس، جيڪڏهن اها ڳالهہ سچي هجي، ۽ اها پڪ هجي، تہ اسرائيل ۾ اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي؛


پوءِ انهي جي شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. انهي طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج؛ ۽ سڀ اسرائيلي اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.


تہ پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گهر جي در تي وٺي اچن، ۽ سندس شهر جا ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين: ڇالاءِ جو هن پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ زناڪاري ڪري اسرائيل ۾ بيعزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


تہ اوهين انهن ٻنهي کي انهي شهر جي دروازي تي آڻي، کين سنگسار ڪري ماري ڇڏجو؛ انهيءَ ڇوڪريءَ کي هن ڪري، جو هو شهر ۾ هئي تڏهن بہ رڙيون نہ ڪيائين؛ ۽ انهي ماڻهوءَ کي هن ڪري، جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي بي آبرو ڪيو: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


۽ يشوع چيو تہ ڇو تو اسان کي تڪليف ڏني آهي؟ خداوند اڄوڪي ڏينهن توکي تڪليف ڏيندو. پوءِ سڀني اسرائيلين هن کي سنگسار ڪيو؛ ۽ هن کي باهہ سان ساڙي پٿرن سان سنگسار ڪيائون.


۽ يوآس، جيڪي ماڻهو سندس برخلاف اُٿيا هئا، تن سڀني کي چيو تہ اوهين بعل جي طرفداري ٿا ڪريو ڇا؟ جيڪو انهي جي طرفداري ڪندو سو ڀلي تہ صبح جو ئي قتل ڪيو وڃي: جيڪڏهن هو ڪو خدا آهي تہ پاڻيهي پنهنجي طرفان وڙهي، جو ڪنهن ماڻهوءَ سندس قربانگاهہ ڊاهي ڇڏي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ