Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 17:4 - Sindhi Bible

4 ۽ انهيءَ ڳالهہ جي توکي خبر پوي، ۽ تون اها ٻڌين، تہ پوءِ تون چڱيءَ طرح تحقيقات ڪج، ۽ ڏس، جيڪڏهن اها ڳالهہ سچي هجي، ۽ اها پڪ هجي، تہ اسرائيل ۾ اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ جڏهن انهيءَ ڳالهہ جي اوهان کي خبر پوي، تڏهن چڱيءَ طرح انهيءَ جي تحقيقات ڪجو. جيڪڏهن اها ڳالهہ سچي ثابت ٿئي تہ بني اسرائيل ۾ اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 17:4
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو خدا جو جلال آهي تہ ڪا شيءِ لڪائي: پر بادشاهن جو فخر انهيءَ ۾ آهي تہ ڳالهہ ڳولي ظاهر ڪن.


تہ پهريائين، جيسين ڪنهن ماڻهوءَ جي ڳالهہ نہ ٻُڌي آهي، ۽ نہ خبر پيئي آهي تہ هو ڇا ٿو ڪري، تيسين اسان جي شريعت ڪنهن جي بہ عدالت ڪري ٿي ڇا؟


تہ پوءِ تون ضرور انهي شهر جي رهاڪن کي ترار جي ڌار سان قتل ڪج، ۽ جيڪي انهي ۾ هجي سو سڀ، ۽ انهي جو چوپايو مال بہ ترار جي ڌار سان بلڪل تباهہ ڪري ڇڏج.


۽ ٻين معبودن جي عبادت ڪئي هجيس، يعني سج کي، يا چنڊ کي، يا خدا جي ساري خلقت مان ڪنهن کي سجدو ڪيو هجيس، جنهن جون مون حڪم نہ ڏنو آهي؛


تہ پوءِ جنهن مرد يا زال اهڙو خراب ڪم ڪيو هجي، تنهن کي ڳوٺ جي دروازي تي وٺي اچج، ۽ انهي کي سنگسار ڪري ماري ڇڏج.


۽ اهي قاضي چڱيءَ طرح تحقيقات ڪن: ۽ ڏسو، جي اهو شاهد ڪوڙو هجي، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ جي برخلاف ڪوڙي شاهدي ڀري هجيس؛


پر جي اها ڳالهہ سچي هجي، يعني انهيءَ ڇوڪريءَ ۾ ڪنوارپڻي جون نشانيون ڏسڻ ۾ نہ آيون هجن:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ