Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 17:3 - Sindhi Bible

3 ۽ ٻين معبودن جي عبادت ڪئي هجيس، يعني سج کي، يا چنڊ کي، يا خدا جي ساري خلقت مان ڪنهن کي سجدو ڪيو هجيس، جنهن جون مون حڪم نہ ڏنو آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪئي هجيس، يا سج، چنڊ يا سمورين آسماني شين مان ڪنهن کي بہ سجدو ڪيو هجيس، جنهن کان هن اوهان کي روڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 17:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ طرح آسمان ۽ زمين ۽ سندن سڄي لشڪر جي پيدائش جو ڪم پورو ٿيو.


ڇالاءِ جو هن وري اُهي مٿانهيون جايون جوڙايون، جي سندس پيءُ حزقياہ ڊاهي ڇڏيون هيون؛ ۽ هن بعل جي لاءِ قربانگاهون اڏايون؛ ۽ هڪڙو يسيرت بہ جوڙايو، جيئن ڪ اسرائيل جي بادشاهہ اخي آب ڪيو هو، ۽ آسمان جي سڀني تارن جي عبادت ڪيائين، ۽ اُنهن جي بندگي ڪيائين.


جيڪو هڪڙي خدا کان سواءِ ٻئي جي لاءِ قرباني ڪري، سو اصل تباهہ ڪيو وڃي.


۽ بعل جي واسطي مٿانهان مڪان ٺاهيا اٿن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن کي سوختني قربانيءَ لاءِ بعل جي اڳيان باهہ ۾ ساڙين؛ جڏهن تہ مون اهڙو حڪم ڪونہ ڏنو، ۽ نہ ڪو ذڪر ڪيم، ۽ نہ ڪو اهڙو خيال منهنجي دل ۾ آيو:


۽ هنن بعل جا اُهي مٿانهان مڪان جوڙيا، جي هنوم جي واديءَ ۾ آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجن ڌيئن کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان لنگهائين؛ جنهن جي ڪرڻ لاءِ مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نڪي اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن، ۽ يهوداہ کان گناهہ ڪرائين.


۽ هنن توفت، جو هنوم جي پٽ جي واديءَ ۾ آهي، تنهن تي مٿانهان مڪان اڏيا آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئن کي باهہ ۾ ساڙين؛ پر مون اهڙو حڪم نہ ڪيو، ۽ نہ اهڙي ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي.


۽ انهن کي سج ۽ چنڊ ۽ آسمان جي سڄي لشڪر جي اڳيان پکيڙيندا، جن سان انهن محبت رکي آهي، ۽ جن جي هنن عبادت ڪئي آهي، ۽ جن جي پٺيان هو هليا آهن، ۽ جن کي هنن ڳوليو آهي، ۽ جن کي هنن سجدو ڪيو آهي: هو نہ گڏ ڪيا ويندا ۽ نہ دفن ڪيا ويندا؛ هو زمين جي سطح تي ڇيڻي جي بجاءِ ٿيندا.


۽ هن مون کي خداوند جي گهر جي اندرئين ايوان ۾ آندو ۽ ڏسو، اُتي خداوند جي هيڪل جي در وٽ، اڳ واري ورانڊي ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾، اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا هئا، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏي هيون، ۽ سندن منهن اُڀرندي ڏي هئا؛ ۽ انهن اُڀرندي ڏانهن سج جي عبادت پي ڪئي.


اوهين پنهنجي خبرداري ڪجو، متان اوهان جي دل ٺڳجي وڃي، ۽ اوهين گمراهہ ٿي ٻين معبودن جي عبادت ڪريو، ۽ انهن جي اڳيان سجدو ڪريو؛


۽ انهيءَ ڳالهہ جي توکي خبر پوي، ۽ تون اها ٻڌين، تہ پوءِ تون چڱيءَ طرح تحقيقات ڪج، ۽ ڏس، جيڪڏهن اها ڳالهہ سچي هجي، ۽ اها پڪ هجي، تہ اسرائيل ۾ اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي؛


يا جڏهن تون آسمان ڏانهن نهارين، ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان جي ساري خلقت کي ڏسي گمراهہ ٿين ۽ انهن کي سجدو ڪرين، ۽ انهن جي عبادت ڪرين، جن کي خداوند تنهنجي خدا زمين جي سڀني قومن لاءِ رکيو آهي.


جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جو عهد ڀڃندا، جنهن جو حڪم هن ڏنو آهي، ۽ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪندا، ۽ انهن کي سجدو ڪندا؛ تڏهن خداوند جي ڪاوڙ اوهان تي ڀڙڪندي، ۽ اوهين جلد ناس ٿي انهيءَ چڱيءَ زمين تان چٽ ٿي ويندا، جا هن اوهان کي ڏني آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ