Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 17:12 - Sindhi Bible

12 ۽ جيڪو ڪاهن اتي خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر هجي، يا جيڪو قاضي اتي هجي، تنهن جي ڳالهہ جيڪڏهن ڪو شخص گستاخي ڪري نہ ٻڌي، تہ اهو شخص ماريو وڃي: ۽ تون اها خرابي اسرائيل مان ڪڍي ڇڏج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جيڪو ڪاهن اتي خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر هجي يا جيڪو جج اتي مقرر هجي، تنهن جي ڳالهہ جيڪڏهن ڪو شخص گستاخي ڪري نہ ٻڌي تہ انهيءَ شخص کي موت جي سزا ڏني وڃي. اوهين اهڙي خرابيءَ کي بني اسرائيل مان ڪڍي ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 17:12
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪو اميرن ۽ بزرگن جي صلاح موجب ٽن ڏينهن جي اندر نہ ايندو، تنهن جو سڀ مال ملڪيت ضبط ٿيندو، ۽ اهو پاڻ قيد مان آيلن جي جماعت کان ڌار ڪيو ويندو.


پنهنجي ٻانهي کي گستاخيءَ جي گناهن کان بہ روڪ؛ اُهي مون تي غالب نہ پون: تڏهن آءٌ ڪامل ٿيندس، ۽ وڏي گناهہ کان ڇٽي ويندس.


جڏهن ٺٺولي ڪندڙ کي سزا ملندي آهي، تڏهن ڀورڙو عقل سکندو آهي: ۽ جڏهن ڏاهي کي تعليم ملندي آهي، تڏهن ان کي علم حاصل ٿيندو آهي.


انهي هوندي بہ ڪو ماڻهو جهيڙو نہ ڪري، ۽ نہ ڪو ماڻهو عتاب ڏئي، ڇالاءِ جو تنهنجي قوم انهن جهڙي آهي جي ڪاهن سان جهيڙو ٿا ڪن.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون منهنجي راهہ ۾ هلندين ۽ منهنجي حڪم جي تعميل ڪندين، تہ تون بہ منهنجي گهر تي حڪم هلائيندين، ۽ منهنجي ايوان جي سنڀال ڪندين، ۽ آءٌ توکي هي جيڪي بيٺا آهن، تن ۾ بيهڻ جي جاءِ ڏيندس.


پر جيڪو ماڻهو ڄاڻي ٻجهي ڪو اهڙو ڪم ڪري، پوءِ اهو ملڪ ۾ ڄاول هجي، توڙي پرديسي هجي، تہ اهو خداوند جي لاءِ ڪفر ٿو بڪي؛ ۽ اهو شخص پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.


ڇالاءِ جو هن خداوند جي ڪلام جي بي ادبي ڪئي، ۽ سندس حڪم ڀڳائين؛ اهڙو شخص اصل تباهہ ڪيو ويندو، ۽ هن جو گناهہ انهي جي سر تي رهندو.


۽ جيڪو اوهان کي قبول نہ ڪري، نڪي اوهان جي ڳالهہ ٻڌي، تہ جيئن اُنهي گهر يا شهر مان نڪرو، تيئن پنهنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو.


۽ جيڪو اوهان جي ٿو ٻُڌي، سو منهنجي ٿو ٻُڌي؛ ۽ جيڪو اوهان کي نٿو مڃي، سو مون کي نٿو مڃي؛ ۽ جيڪو مون کي نٿو مڃي، سو اُنهي کي نٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.


جيڪو مون کي نٿو مڃي، ۽ منهنجون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، تنهن جي عدالت ڪرڻ وارو هڪڙو آهي: ڪلام جو مون ڪيو آهي، سو ئي پوئين ڏينهن سندس عدالت ڪندو.


جن جا گناهہ اوهين معاف ڪندا تن کي معاف ٿيا، ۽ جن جا اوهين قائم رکندا تن جا قائم رهيا.


پر جيڪي ٻاهر آهن تن تي خدا فتويٰ ٿو ڏئي. سو اُنهي شرير ماڻهوءَ کي پاڻ منجهان ڪڍي ڇڏيو.


انهي موجب مون اوهان کي چيو، پر اوهان ڪين ٻڌو؛ ۽ اُٽلندو اوهان خداوند جي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو، ۽ گستاخي ڪري جبل تي چڙهي ويا.


انهي وقت خداوند لاويءَ جي قبيلي کي ڌار ڪيو، تہ اهي خداوند جي عهد جي صندوق کڻن، ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي انهي جي خدمت ڪن، ۽ سندس نالو وٺي برڪت ڏين، جيئن اڄ ڏينهن تائين ٿيندو اچي.


۽ سڀ اسرائيلي اهو ٻڌي ڊڄندا، ۽ تنهنجي وچ ۾ وري اهڙي شرارت نہ ڪندا.


۽ انهي نبيءَ يا خوابن ڏسڻ واري کي ماري ڇڏجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا جو اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، ۽ توکي غلاميءَ جي گهر مان ڇڏايائين، تنهن جي برخلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ جنهن رستي هلڻ لاءِ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي، تنهن کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪريئي. انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ، يعني تنهنجيءَ ماءُ جو پٽ، يا تنهنجو پٽ، يا تنهنجي ڌيءَ، يا تنهنجي دلگهري زال، يا تنهنجو جاني دوست توکي ڳجهيءَ طرح لالچائي، ۽ اهڙن معبودن جي عبادت ڪرڻ جي لاءِ چوي، جن جي توکي ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هجي،


۽ سڀ ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄندا، ۽ وري اهڙي گستاخي نہ ڪندا.


۽ انهي کي قتل ڪرڻ لاءِ پهرين انهن شاهدن جا هٿ مٿس پون، پوءِ ٻين ماڻهن جا هٿ: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


پر جيڪو نبي گستاخي ڪري ڪا اهڙي ڳالهہ منهنجي نالي چوندو، جنهن جو مون هن کي حڪم نہ ڏنو هوندو، يا جيڪو ٻين معبودن جي نالي ڪي چوندو، تہ اهو نبي ضرور ماريو ويندو.


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا، انهن کي تنهنجن سڀني قبيلن منجهان چونڊي ڪڍيو آهي، انهي لاءِ تہ اهي، ۽ سندن اولاد هميشہ خداوند جي نالي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر رهن.


تہ هو پنهنجن سڀني لاوي ڀائرن وانگر، جي اتي خداوند جي حضور ۾ حاضر هجن، خداوند پنهنجي خدا جي نالي خدمت ڪندو رهي.


ڇالاءِ جو اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسان اوهان کي خداوند يسوع جي طرفان ڪهڙا ڪهڙا حڪم پهچايا.


تنهنڪري جيڪو هيءَ ڳالهہ رد ٿو ڪري، سو ماڻهوءَ کي رد نٿو ڪري پر خدا کي رد ٿو ڪري، جو پنهنجو پاڪ روح اوهان کي ڏئي ٿو.


جيڪي گناهہ ڪن، تن کي سڀني جي اڳيان ملامت ڪر، تہ ڀلي ٻين کي بہ ڪو ڊپ ٿئي.


جيڪو تنهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪندو، ۽ جيڪي ڳالهيون تون فرمائيندين سي نہ ٻڌندو، سو کڻي ڪير بہ هوندو، تہ انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏبو: رڳو مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار.


تنهنڪري هاڻي انهن شيطان زادن کي، جي جبعہ ۾ آهن، اسان جي حوالي ڪريو، تہ اسين انهن کي قتل ڪريون، ۽ اسرائيل مان خرابي ڪڍي ڇڏيون، پر بني بنيمين پنهنجن ڀائرن بني اسرائيل جي ڳالهہ نہ مڃي.


ڇالاءِ جو مون هن کي چيو آهي تہ جنهن ڏوهہ جي کيس خبر آهي تنهن جي لاءِ آءٌ هميشہ تائين سندس گهراڻي کي سزا ڏيندس، ڇالاءِ جو هن جي پٽن پاڻ تي لعنت آندي، ۽ هن کين ڪين روڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ