Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 17:11 - Sindhi Bible

11 جيڪو شريعت جو رستو اهي توکي سيکارين، ۽ جيڪو فيصلو اهي توکي ٻڌائين، تنهن موجب تون عمل ڪج: ۽ جيڪو حڪم اهي توکي ٻڌائين، تنهن کان ساڄي پاسي يا کٻي پاسي نہ ڦرج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 شريعت جي جيڪا ڳالهہ اهي اوهان کي سيکارين ۽ جيڪو فيصلو اوهان کي ٻڌائين، تنهن موجب عمل ڪجو. اُهي جيڪا بہ فتويٰ ڏين تنهن کان ساڄي يا کاٻي پاسي نہ ڦرجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 17:11
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

رڳو مضبوط ۽ تمام همت وارو ٿي، ۽ انهيءَ سڄي شريعت موجب ڌيان ڏيئي عمل ڪج، جنهن بابت منهنجي ٻانهي موسيٰ توکي حڪم ڏنو هو: انهيءَ کان سڄي يا کٻي پاسي نہ لڙج، تہ جيڏانهن وڃين اوڏانهن پوريءَ طرح ڪامياب ٿين.


تڏهن بہ ساڳيءَ طرح اهي ماڻهو بہ پنهنجن اجاين خيالن ۾ پئجي جسم کي ناپاڪ ٿا ڪن، ۽ حڪومت کي ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن، ۽ جلال وارن کي بي عزت ٿا ڪن.


۽ خاص ڪري انهن کي جي جسم جي ناپاڪ خواهشن تي ٿا هلن، ۽ حڪومت کي ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن، ۽ گستاخ ۽ ضدي آهن، ۽ جلال وارن جي گلا ڪرڻ کان بہ نٿا ڊڄن.


انهن کي ياد ڏيار تہ حاڪمن ۽ اختياريءَ وارن جا تابعدار رهن ۽ سندن حڪم مڃين، ۽ هر ڪنهن نيڪ ڪم لاءِ تيار رهن،


نڪي سڄي پاسي ڦر نڪي کٻي پاسي؛ پنهنجو پير بديءَ کان پري ڪر.


تڏهن بادشاهہ چيو تہ انهيءَ ساري ڳالهہ ۾ يوآب جو هٿ توسان آهي ڇا؟ ۽ اُنهي زال ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجي جان جو قسم آهي تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، جيڪي منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ فرمايو آهي تنهن کان ڪوبہ ماڻهو نہ سڄي هٿ پاسي ڦري ٿو سگهي نہ کٻي هٿ پاسي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي يوآب مون کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو، ۽ انهي اهي سڀ ڳالهيون تنهنجي ٻانهيءَ جي وات ۾ وڌيون:


تنهنڪري جيڪي موسيٰ جي شريعت واري ڪتاب ۾ لکيل آهي، تنهن سڀ جي همت جهلي پيروي ۽ تعميل ڪجو، تہ اوهين انهيءَ کان سڄي يا کٻي پاسي نہ مُڙو؛


۽ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي حڪم ٿو ڏيان، تن مان ڪنهن کان بہ ساڄي پاسي، يا کٻي پاسي ڦري ٻين معبودن جي پيروي ۽ عبادت نہ ڪندين.


جيڪڏهن ماڻهن ۾ ڪو تڪرار ٿئي، ۽ اهي عدالت ۾ اچن، ۽ قاضي انهن جو انصاف ڪن؛ تہ هنن کي گهرجي تہ راستباز کي بيگناهہ ٺهرائين، ۽ شرير کي سزا ڏين؛


هو پاڻ کي پنهنجن ڀائرن کان وڌيڪ نہ سمجهي، ۽ هن حڪم کان ساڄي پاسي يا کٻي پاسي نہ ڦري، تہ اسرائيل منجهہ سندس بادشاهت ۾، سندس، ۽ سندس اولاد جي عمر وڏي ٿئي.


تنهنڪري جيڪو حڪم خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏنو آهي، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ ساڄي يا کٻي پاسي نہ مُڙجو.


۽ اوهين بني اسرائيل کي اهي سڀ قانون سيکاريو، جي خداوند موسيٰ جي هٿان کين ٻڌايا آهن.


۽ جيڪو حڪم اهي توکي خداوند جي چونڊيل جاءِ تان ٻڌائين، تنهن موجب تون عمل ڪج، ۽ جيڪي اهي توکي سيکارين، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪج:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ