Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 17:1 - Sindhi Bible

1 تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ڪنهن اهڙي ڍڳي، يا گهيٽي جي قرباني نہ ڪج، جنهن ۾ ڪو عيب يا ڪا بدزيبائي هجي: ڇالاءِ جو اهو خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ڪنهن بہ اهڙي ڍور ڍڳي يا رڍ ٻڪريءَ جي قرباني نہ ڪجو جنهن ۾ ڪو عيب يا خامي هجي، ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 17:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏسو، انهن جي پٺيان ست ٻيون ضعيف، بدشڪل ۽ ڏٻريون ڳئون درياهہ مان نڪري آيون؛ اهي اهڙيون خراب هيون، جو سڄي مصر جي ملڪ ۾ مون ڪڏهن ڪين ڏٺيون:


اوهان جو گهيٽو بي عيب هڪ سالو نر هئڻ گهرجي: اوهين رڍن مان گهيٽو، يا ٻڪرين مان ڇيلو ڪڍجو:


ڪوڙيءَ ساهميءَ کان خداوند کي نفرت اچي ٿي: پر سچيءَ تور ڪري هو خوش ٿئي ٿو.


شريرن جي قرباني خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙي شيءِ آهي: پر سچن جي دعا اُن جي خوشي آهي.


ٻن قسمن جا تورا ۽ ٻن قسمن جا ماڻ، ٻنهي کان خداوند کي نفرت آهي.


ڇهہ شيون آهن جن کي خداوند ڌڪاري ٿو؛ هائو ست آهن، جن کان هن کي نفرت ٿي اچي.


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڍورن مان سوختني قرباني هجي، تہ اهو ڍور نر ۽ بي عيب هئڻ گهرجي: هو انهي کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي پيش ڪري، تہ هو پاڻ خداوند جي حضور ۾ قبول پوي.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جڏهن اوهين انڌن جي قرباني ٿا چاڙهيو، تہ اُها ڪا بڇڙائي ناهي! يا جڏهن منڊي يا بيمار جي قرباني ٿا چاڙهيو، تہ انهي ۾ ڪا برائي ڪانهي! هاڻي اهي قربانيون کڻي پنهنجي حاڪم کي ڏي، تہ هو تو مان راضي ٿيندو ڇا؟ يا توکي قبول ڪندو ڇا؟


پر اوهين خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهجو؛ يعني هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا گهيٽا؛ اهي سڀ بي عيب هئڻ گهرجن:


۽ جيڪڏهن انهي ۾ ڪو عيب هجي، جيئن تہ هو منڊو يا انڌو هجي، يا ٻيو ڪو عيب هجيس، تہ اهو تون خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان قربانيءَ طور پيش نہ ڪج.


تون ڪنهن ڪسبياڻيءَ جي يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان نذرانو ڪري، خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ متان آڻين: ڇالاءِ جو انهن ٻنهي کان خداوند تنهنجي خدا کي نفرت آهي.


تہ سندس پهريون مڙس، جنهن ڪڍي ڇڏيو هوس، سو هن جي ناپاڪ ٿيڻ کان پوءِ وري کيس پنهنجي زال نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو اهڙو ڪم خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي: ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ گناهہ ٿيڻ نہ ڏج.


ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهو اهڙا ڪم ٿا ڪن، يعني جيڪي اهڙا ڪپت جا ڪم ٿا ڪن، سي خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهن.


اوهين انهن جي معبودن جي اُڪريل مورتن کي باهہ سان ساڙي ڇڏجو: ۽ جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي، تنهن جي تون لالچ نہ ڪج، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻج، متان تون انهن ۾ ڦاسي پوين: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي:


تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.


پر هڪڙي بي عيب ۽ بي داغ گهيٽي جي قيمتي رت سان ملي، يعني مسيح جي رت سان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ