Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 16:6 - Sindhi Bible

6 پر جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي شام جو سج لهڻ مهل، جنهن وقت تون مصر مان نڪتو هئين، انهي وقت فسح جي قرباني ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اُتي ئي شام جو سج لهڻ مهل، جنهن وقت اوهين مصر مان نڪتا هئا، انهيءَ وقت عيد فصح جي قرباني ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 16:6
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا، اوهان جي سڀني قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، انهي لاءِ تہ اتي پنهنجو نالو قائم ڪري، اتي، يعني هن جي مسڪن وٽ اوهين اچجو:


نہ تہ جهان جي شروعات کان وٺي گهڻائي ڀيرا کيس ڏک سهڻو پوي ها: پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ڀيرو ظاهر ٿيو، انهي لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناهہ مٽائي ڇڏي.


هاڻي جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن هو ٻارهن ئي شاگردن سان گڏجي ماني کائڻ ويٺو؛


ٻئي مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو هو اها عيد ملهائين، ۽ هو اها فطيري مانيءَ ۽ ڪؤڙين ڀاڄين سان گڏ کائين.


انهي مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ شام جو ٺهرايل وقت تي اوهين اها ملهائجو؛ انهيءَ جي سڀني قانونن ۽ حڪمن موجب اها ملهائيندا رهجو.


تون منهنجي لاءِ هڪڙي مٽيءَ جي قربانگاهہ جوڙج؛ ۽ انهيءَ تي پنهنجون سوختنيون قربانيون، ۽ پنهنجون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهج، يعني پنهنجون رڍون ۽ ڏاند انهيءَ تي قربان ڪج؛ ۽ جتي جتي آءٌ پنهنجو نالو قائم ڪندس، اتي آءٌ تو وٽ ايندس، ۽ توکي برڪت ڏيندس.


جيڪي ڳوٺ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تن مان ڪنهن ۾ بہ تون فسح جي قرباني نہ ڪج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ