Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 16:2 - Sindhi Bible

2 تنهنڪري جيڪو هنڌ خداوند پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اتي تون پنهنجن ڍورن ۽ پنهنجن ڌڻن مان، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ فسح جي قرباني ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تنهنڪري جيڪا جاءِ خداوند پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اُتي اوهين پنهنجن ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين مان، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ عيد فصح جي قرباني ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 16:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ فسح جي عيد ڪريو، جيئن ڪ عهدنامي جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهي.


۽ يوسياہ بني اُمت کي ڌڻ مان گهيٽا ۽ ڇيلا، انهن سڀني کي ڏنا جي حاضر هئا، تہ فسح جي قرباني ڪن، ۽ اهي ڳاڻاٽي ۾ ٽيهہ هزار هئا، ۽ ٽي هزار ڏاند هئا: اهي بادشاهہ جي مال مان هئا.


بني اسرائيل ٺهرايل وقت تي فسح جي عيد ملهائين.


هاڻي فطيري عيد جي پهرئين ڏينهن شاگردن يسوع کي اچي چيو تہ تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي تہ اسين تنهنجي فسح کائڻ لاءِ ڪٿي وڃي تياري ڪريون؟


اوهان کي خبر آهي تہ ٻن ڏينهن کانپوءِ فسح جي عيد ايندي، ۽ ابن آدم کي صليب تي چاڙهڻ لاءِ جهلائيندا.


۽ فطيري عيد جي پهرئين ڏينهن، جڏهن هنن فسح جي قرباني ٿي چاڙهي، تڏهن هن جي شاگردن کيس چيو تہ تنهنجي مرضي ڪهڙي آهي، تہ اسين تنهنجي فسح کائڻ جي ڪٿي وڃي تياري ڪريون؟


۽ هنن کي چيائين، تہ منهنجي ڏاڍي دل آهي تہ آئون ڏکن سهڻ کان اڳي اوهان سان گڏجي هيءُ فسح کان.


تڏهن يسوع پطرس ۽ يوحنا کي موڪليو، تہ وڃي فسح تيار ڪن تہ کائين.


جيئن تہ اوهين بي خمير آهيو، پراڻو خمير ڪڍي ڦٽو ڪريو، تہ نئون تازو ڳوهيل اٽو ٿي پئو. ڇالاءِ جو اسان جو فسح بہ قربان ٿي ويو آهي، يعني مسيح.


تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو هنڌ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي جي مسڪن لاءِ چونڊيندو، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جا ڏهان حصا، ۽ اوهان جي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ اوهان جي خوشيءَ جون مڃتائون، جي اوهين خداوند جي اڳيان مڃيندا:


پر جيڪا جاءِ خداوند تنهنجن قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، اتي ئي اوهين پنهنجون سوختنيون قربانيون پيش ڪجو؛ ۽ جن ڪمن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي سڀ اتي ئي ڪجو.


پر اهي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ جيڪو لاوي تنهنجي گهر ۾ هجي سو، اهي شيون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهي هنڌ کائجو، جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي ڪڍي؛ ۽ تون پنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ لاءِ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪج.


پر پنهنجون پاڪ شيون انهي هنڌ کڻي وڃج جو خداوند چونڊيندو:


بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا، اوهان جي سڀني قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، انهي لاءِ تہ اتي پنهنجو نالو قائم ڪري، اتي، يعني هن جي مسڪن وٽ اوهين اچجو:


اهو تون پنهنجي گهراڻي سميت انهيءَ جاءِ تي، جا خداوند تنهنجو خدا چونڊيندو، سال بسال کائيندو رهج.


تون ابيب جو مهينو ياد رکج، ۽ انهي ۾ خداوند پنهنجي خدا جو فسح ڪج: ڇالاءِ جو انهي ابيب جي مهيني ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي رات جي وقت مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو.


تون انهيءَ سان گڏ خميري ماني نہ کائج؛ ست ڏينهن تون انهيءَ سان گڏ بي خميري ماني کائج، يعني ڏک جي ماني؛ ڇالاءِ جو تون مصر جي ملڪ مان تڙتڪڙ ۾ نڪري آئين: سو جنهن ڏينهن تون مصر جي ملڪ مان نڪتين، اهو ڏينهن پنهنجي سڄيءَ حياتيءَ ۾ ياد رکج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ