Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 15:9 - Sindhi Bible

9 خبردار رهج، متان تنهنجيءَ دل ۾ اهڙو هلڪو خيال اچي تہ ستون سال، يعني ڇوٽڪاري وارو سال ويجهو آهي؛ ۽ تنهنجي نيت تنهنجي انهي غريب ڀاءُ ڏانهن خراب ٿئي، ۽ تون هن کي ڪجهہ بہ نہ ڏين؛ ۽ هو تنهنجي برخلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري، ۽ اهو تنهنجي لاءِ گناهہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 خبردار، متان اوهان جي دل ۾ اهڙو بد خيال پيدا ٿئي تہ ستون سال، يعني معافيءَ وارو سال ويجھو آهي، سو اوهان جي نيت اوهان جي غريب هم‌قوم ڏانهن خراب ٿئي ۽ اوهين کيس ڪجھہ بہ نہ ڏيو. پوءِ هو اوهان جي خلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري ۽ اوهان جي لاءِ اهو گناهہ قرار ڏنو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 15:9
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن ڪري هنن غريبن جي دانهن هن تائين پهچائي، ۽ هن ڏکويلن جي دانهن ٻڌي.


آءٌ ڪنهن خراب ڳالهہ کي پنهنجي سامهون ڪين رکندس: جيڪي خراب رستي تي ٿا هلن تن جي ڪمن کان مون کي نفرت آهي؛ انهن سان منهنجو ڪوبہ لاڳاپو ڪونهي.


خداوند چوي ٿو تہ غريبن جو لٽجڻ، ۽ محتاجن جي دانهن ڪري، هاڻي آءٌ اُٿندس؛ ۽ جنهن تي اهي ٺٺوليون ٿا ڪن، تنهن کي سلامت رکندس.


ڇالاءِ جو خون جي جانچ ڪرڻ وارو انهن کي ياد ٿو ڪري؛ هو غريبن جي دانهن کي وساري نہ ٿو.


اوهين ڪنهن بيوہ يا يتيم کي نہ ڏکوئجو.


جيڪڏهن تون انهن کي ڪنهن بہ طرح ڏکوئيندين ۽ اهي مون کي پڪاريندا، تہ آءٌ ضرور هنن جي پڪار ٻڌندس؛


۽ خداوند چيس تہ منهنجي اُمت، جا مصر ۾ آهي، تنهن جي مصيبت مون ڏٺي آهي، ۽ سندن مقدمن جي سختيءَ جي ڪري سندن دانهن ٻڌي اٿم؛ مون کي هنن جي ڏکن جي خبر آهي،


جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڌڪاري ٿو سو گناهہ ڪري ٿو: پر جيڪو غريبن تي رحم ٿو ڪري سو سڀاڳو آهي.


جيڪو غريب جي دانهن تي پنهنجا ڪن بند ڪندو، سو پاڻ بہ دانهون ڪندو پر ٻڌندس ڪوبہ ڪونہ.


بد نظر واري ماڻهوءَ جي ماني نہ کاءُ، ۽ نہ انهيءَ جي عمدن طعامن جي خواهش رک:


بي عقل جو خيال گناهہ آهي: ۽ ٺٺولي ڪندڙ مان ماڻهن کي نفرت ٿي اچي.


جنهن جي نظر بري آهي سو دولت جي پٺيان تڪڙو ٿي پوي ٿو ۽ اهو سماءُ نٿو پويس تہ ڪنگالپڻ مٿس ڪاهي اچي پوندي.


ڏاڍي ڪوشش سان دل جي سنڀال رک؛ ڇالاءِ جو حياتيءَ جا نتيجا انهيءَ مان ٿا نڪرن.


آءٌ خداوند دلين کي ٿو چڪاسيان، ۽ گردن جي آزمائش ٿو وٺان، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال موجب، ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.


ستن ورهين کان پوءِ اوهان جو ڀاءُ عبراني جو اوهان وٽ وڪڻيو ويو هجي، ۽ جنهن ڇهہ ورهيہ اوهان وٽ خدمت چاڪري ڪئي هجي، تن کي اوهان مان هرڪو آزاد ڪري ڇڏي: پر اوهان جي ابن ڏاڏن منهنجي نہ ٻڌي ۽ نہ ڪن ڏنائون.


ڇالاءِ جو دل مان بڇڙا خيال، خون، زناڪاريون، حرام ڪاريون، چوريون، ڪوڙي شاهدي، گلائون ٿيون نڪرن:


مون کي اهو حق ڪونهي ڇا تہ پنهنجي پئسي سان جيئن وڻيم تيئن ڪريان؟ ڇالاءِ جو آئون ڀلو آهيان، تنهنڪري تون برو ٿو سمجهين ڇا؟


ستن ستن ورهين کان پوءِ تون ڇوٽڪارو ڏج.


جنهن ڏينهن هو ڪمائي، انهي ڏينهن سج لهڻ کان اڳ ۾ تون هن کي مزوري ڏج؛ ڇالاءِ جو هو غريب آهي، ۽ هن جي دل انهي ۾ لڳل آهي: متان هو تنهنجي برخلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري، ۽ اهو تنهنجي لاءِ گناهہ ٿئي.


۽ موسيٰ انهن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ ستن ورهين جي پڇاڙيءَ ۾، ڇوٽڪاري واري سال جي مقرر ڪيل وقت تي، تنبن واريءَ عيد تي،


تنهنڪري جيڪو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ نٿو ڪري، تنهن جي لاءِ اهو گناهہ آهي.


يا اوهين ائين ٿا ڀانئيو ڇا، تہ پاڪ ڪتاب جو چوڻ اجايو آهي تہ ”جيڪو روح هن اسان کي ڏنو تہ اسان ۾ رهي، تنهن جي هن کي غيرت آهي؟“


ڏسو، جن مزورن اوهانجين ٻنين ۾ لابارو وڌو، تن جي مزوري، جا اوهان ٺڳي ڪري روڪي رکي ڇڏي، سا رڙيون پيئي ڪري: ۽ اُنهن لاهيارن جون دانهون لشڪرن جي خداوند جي ڪَنن تائين وڃي پهتيون آهن.


اي ڀائرو، هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان ڏوهاري ٺهرو: ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي.


ڪُرڪڻ کانسواءِ هڪٻئي جي مهمان نوازي ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ