Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 15:7 - Sindhi Bible

7 جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجن ڀائرن منجهان جيڪڏهن ڪو غريب تنهنجي ڳوٺ ۾ تو وٽ رهندو هجي، تہ تون پنهنجي غريب ڀاءُ جي لاءِ پنهنجي دل سخت نہ ڪج، نڪي پنهنجي مٺ بند ڪج؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جيڪڏهن اوهان جي پنهنجي قوم وارن منجھان ڪو غريب اوهان جي شهر ۾ اوهان وٽ رهندو هجي، تہ اوهين انهيءَ غريب ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي دل سخت نہ ڪجو، نڪي کانئس پنهنجي مٺ بند ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 15:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانپوءِ ماڻهن ۽ سندن زالن جي طرفان، سندن يهودي ڀائرن تي وڏي شڪايت ٿيڻ لڳي.


تنهنڪري جيڪي ڳوٺن جا يهودي بنا ڀتين شهرن ۾ ٿا رهن، سي ادار مهيني جي چوڏهين تاريخ خوشيءَ ۽ مانيءَ جي مجلس جو ڏينهن ۽ وڏو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪليندا آهن.


جو اُهي ڏينهن آهن جن ۾ يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو، ۽ انهيءَ مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک ڦري سک ٿيو، ۽ ماتم بدلجي خوشيءَ جو ڏينهن ٿيو: ۽ اهي مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جا ڏينهن مقرر ڪن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪلين ۽ غريبن کي بخششون ڏين.


منهنجي قوم مان جيڪو تو وٽ غريب آهي تنهن کي جيڪڏهن تون ڪي پئسا اُڌارا ڏين، تہ قرض خواہ وانگر انهي کان ڇڪ نہ ڪج، نڪي مٿس وياج رکج.


جنهن کي مسڪين تي رحم ٿو اچي سو خداوند کي اُڌارو ٿو ڏئي، ۽ انهيءَ جي چڱي ڪم جو بدلو هو کيس پاڻيهي وري ڏيندو.


جيڪو غريب جي دانهن تي پنهنجا ڪن بند ڪندو، سو پاڻ بہ دانهون ڪندو پر ٻڌندس ڪوبہ ڪونہ.


جيڪڏهن تون پنهنجيءَ دل سان بکين ڏانهن رغبت ڪندين، ۽ ڏکويل روح کي آسودو ڪندين؛ تہ تنهنجي روشنائي اوندهہ ۾ چمڪندي، ۽ تنهنجو انڌڪار ٻنپهرن جهڙو ٿيندو:


۽ جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ غريب ٿي وڃي، ۽ تو ڏانهن پنهنجو فرض پورو ڪري نہ سگهي؛ تہ تون انهي جي مدد ڪج: هو پرديسي يا مسافر وانگي توسان گڏ رهي.


پر هن سندس ڳالهہ نہ مڃي ۽ وڃي قيد ۾ وڌائينس، جيسين ڪ قرض ادا ڪري.


جيڪو توکان ڪي گهري، تنهن کي ڏي، ۽ جيڪو توکان اُڌارو وٺڻ گهري، تنهن کان منهن نہ موڙ.


ڇو جو غريب تہ سدائين ملڪ ۾ هوندا: تنهنڪري آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان تہ تون پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ، ۽ پنهنجي محتاج جي لاءِ، ۽ پنهنجي غريب جي لاءِ، پنهنجي مٺ کليل رکج.


خبردار رهج، متان تنهنجيءَ دل ۾ اهڙو هلڪو خيال اچي تہ ستون سال، يعني ڇوٽڪاري وارو سال ويجهو آهي؛ ۽ تنهنجي نيت تنهنجي انهي غريب ڀاءُ ڏانهن خراب ٿئي، ۽ تون هن کي ڪجهہ بہ نہ ڏين؛ ۽ هو تنهنجي برخلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري، ۽ اهو تنهنجي لاءِ گناهہ ٿئي.


تون پنهنجي غريب ۽ محتاج پورهيت تي ظلم نہ ڪج، پوءِ اهو تنهنجن ڀائرن منجهان هجي، يا انهن ڌارين مان جي تنهنجي ملڪ ۾ تنهنجن شهرن ۾ رهندا هجن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ