Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 15:6 - Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏيندو، جيئن ڪ هن توسان واعدو ڪيو آهي: تون گهڻين قومن کي قرض ڏيندين، پر تون قرض ڪونہ کڻندين؛ تون گهڻين قومن تي حڪومت هلائيندين، پر اهي توتي حڪومت نہ هلائينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 خداوند اوهان جو خدا اوهان کي برڪت ڏيندو، جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي. اوهين گھڻين ئي قومن کي قرض ڏيندا پر پاڻ قرض نہ کڻندا. اوهين گھڻين ئي قومن تي حڪومت ڪندا پر اوهان تي ڪابہ قوم حڪومت نہ ڪندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 15:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي زمين تائين، ۽ مصر جي سرحد تائين جيڪي بادشاهتون هيون تن سڀني تي سليمان حڪم هلائيندو هو؛ اُهي نذرانا آڻيندا هئا، ۽ سندس ساري حياتيءَ جا ڏينهن سليمان جي خدمت چاڪري ڪندا رهيا.


ڇالاءِ جو فرات نديءَ جي هن ڀر تفسح کان وٺي غزہ تائين جيڪو ملڪ هو تنهن تي، ۽ فرات نديءَ جي هن ڀر جيڪي بادشاهہ هئا تن تي، هن جو حڪم هلندو هو: ۽ هن جي آس پاس سڀني پاسن ڏانهن صلح هو.


۽ هاڻي توکي قبول پيو آهي تہ پنهنجي ٻانهي جي گهر کي برڪت ڏين، تہ اهو تنهنجي اڳيان هميشہ تائين قائم رهي: ڇالاءِ جو، اي خداوند، تو برڪت ڏني آهي، ۽ تنهنڪري اُهو هميشہ لاءِ مبارڪ آهي.


۽ نديءَ کان وٺي فلستين جي زمين تائين، ۽ مصر جي حد تائين هو سڀني بادشاهن تي حڪم هلائيندو هو.


يروشلم تي زور وارا بادشاهہ ٿي گذريا آهن، جن سڄي ملڪ تي، نديءَ جي هن ڀر بادشاهي پئي ڪئي آهي؛ ۽ ڍل، ۽ محصول، ۽ چونگي انهن کي پئي ملي آهي.


تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي عذاب ڏنا: ۽ مصيبت جي وقت جڏهن هنن تو وٽ دانهون ڪيون، تڏهن اُهي تو آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ پنهنجي بي انداز رحم سان تو هنن کي بچائڻ وارا ڏنا، جن هنن کي سندن دشمنن جي هٿان بچايو.


جيڪو ماڻهو رحم ڪري اُڌارو ٿو ڏئي تنهن جو ڀلو ٿيندو؛ هو پنهنجو ڪم ڪار سچائيءَ سان ڪندو.


بدڪار اُڌارو وٺي وري موٽائي نٿو ڏئي، پر راستباز رحمدل ٿي ڏئي ٿو.


هو سارو ڏينهن رحم ڪري قرض ٿو ڏئي؛ ۽ هن جي اولاد کي برڪت ٿي ملي.


شاهوڪار غريب تي حڪم هلائي ٿو، ۽ اُڌار کڻندڙ اُڌاري ڏيندڙ جو نوڪر آهي.


پر اوهين پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو، اُڌارو ڏيو ۽ نااُميد نہ ٿيو، تہ اوهان جو اجر وڏو ٿيندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا فرزند ٿيندا: ڇوتہ هو بي شڪرن ۽ برن تي مهربان آهي.


بشرطيڪ تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز ڌيان ڏيئي ٻڌين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن سڀني تي خبرداريءَ سان عمل ڪرين.


هو توکي قرض ڏيندو، پر تون هن کي قرض ڪين ڏيئي سگهندين: هو اڳيان وڌندو ۽ تون پٺتي ٿيندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ