Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 13:6 - Sindhi Bible

6 جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ، يعني تنهنجيءَ ماءُ جو پٽ، يا تنهنجو پٽ، يا تنهنجي ڌيءَ، يا تنهنجي دلگهري زال، يا تنهنجو جاني دوست توکي ڳجهيءَ طرح لالچائي، ۽ اهڙن معبودن جي عبادت ڪرڻ جي لاءِ چوي، جن جي توکي ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هجي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جيڪڏهن اوهان جو سڳو ڀاءُ، پٽ، ڌيءَ، دلگھُري زال يا اوهان جو جاني دوست اوهان کي ڳجھيءَ طرح لالچائي اهڙن معبودن جي پوڄا ڪرڻ لاءِ چوي، جن جي اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 13:6
50 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ساريءَ ابرام کي چيو تہ مون سان جيڪو ظلم ٿيو آهي، سو تنهنجي سر تي آهي! مون پنهنجي ٻانهي تنهنجيءَ هنج ۾ ڏني ۽ هاڻي جڏهن هن ڏٺو تہ پيٽ سان ٿي آهي، تڏهن مون ڏانهن حقارت سان ٿي نهاري: سو خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ انصاف ڪندو.


اي منهنجا ڀاءُ يونتن مون کي تنهنجو ڏاڍو ڏک آهي: تون مون کي ڏاڍو وڻندو هئين: تنهنجي محبت مون سان عجب جهڙي هئي، زالن جي محبت کان بہ وڌيڪ هئي.


۽ ايلياہ هنن کي چيو تہ بعل جي نبين کي پڪڙيو؛ جيئن هڪڙو بہ نہ ڀڄي وڃي. ۽ اُنهن کي پڪڙيائون: ۽ ايلياہ هنن کي وٺي قيسون نهر تي آندو، ۽ اُتي هنن کي قتل ڪيائين.


پوءِ ملڪ جا سڀ ماڻهو بعل جي گهر ڏانهن ويا ۽ اُنهيءَ کي وڃي ڊاٺائون؛ انهيءَ جون قربانگاهون، ۽ انهيءَ جون مورتون سڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ قربانگاهن جي اڳيان بعل جي پوڄاريءَ متان کي قتل ڪيائون. ۽ ڪاهن خدا جي گهر تي عملدار مقرر ڪيا.


۽ جيڪو خداوند، اسرائيل جي خدا کي نہ ڳوليندو، سو قتل ڪيو ويندو، پوءِ اهو ننڍو هجي يا وڏو، مرد هجي يا زال.


۽ سڀ ماڻهو بعل جي گهر ڏي ويا ۽ انهيءَ کي ڀڳائون، ۽ انهيءَ جون قربانگاهون ۽ انهيءَ جا بُت ڀڃي پرزا پرزا ڪيائون، ۽ بعل جي ڪاهن متانَ کي قربانگاهہ جي اڳيان قتل ڪيائون.


تہ منهنجي دل ڳجهہ ڳوهہ ۾ ڦري ويئي ۽ منهنجي وات منهنجي هٿ کي چُميو آهي:


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


۽ هن کين چيو تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي ترار چيلهہ سان ٻڌي منزلگاهہ ۾ هڪڙي دروازي کان ٻي دروازي تائين گشت ڪري، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي سنگتيءَ کي، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي قتل ڪري.


جيڪو گهڻا دوست ٿو ڪري سو خود پنهنجي ناس ٿيڻ لاءِ ٿو ڪري: پر اهڙو بہ ڪو دوست ٿيندو آهي جو ڀاءُ کان بہ وڌيڪ پيار ٿو ڪري.


اي منهنجا پٽ، ڇو تون پرائيءَ زال تي مست ٿو ٿين، ۽ ڌاريءَ زال جي سيني کي ڀاڪر ٿو وجهين؟


تڏهن يرمياہ نبيءَ حننياہ نبيءَ کي چيو تہ اي حننياہ، هاڻي ٻڌ؛ خداوند توکي ڪونہ موڪليو آهي؛ پر تون هن قوم کي هڪڙي ڪوڙ تي ڀروسو ٿو ڪرائين.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي زمين جي سطح تان ڪڍي ڇڏيندس: هن ئي سال تون مري ويندين، ڇالاءِ جو تو خداوند جي برخلاف بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي.


تنهنجو سبب هيءُ آهي تہ هنن جي شرارت مون کي ڪاوڙ ڏياري، جو هنن وڃي ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيا ۽ انهن جي عبادت ڪيائون، جنهن کي نہ هنن ٿي ڄاتو، يعني نہ اوهان نہ اوهان جي ابن ڏاڏن.


۽ جڏهن ڪوبہ پيشنگوئي ڪندو، تڏهن سندس ماءُ پيءُ، جن کيس ڄڻيو آهي، سي چوندس تہ تون جيئرو نہ رهندين؛ ڇالاءِ جو تون خداوند جو نالو وٺي ڪوڙ ٿو ڳالهائين: ۽ جڏهن هو نبوت ڪندو، تڏهن سندس ماءُ پيءُ، جن کيس ڄڻيو آهي، کيس قتل ڪندا.


تنهنڪري هن کانپوءِ اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي جسماني طور نٿا سڃاڻون، جيتوڻيڪ اسان مسيح کي بہ جسماني طور سڃاتو هو، پر هاڻي اسين هن کي ائين نٿا سڃاڻون.


سو رڳو انهن ڪوڙن ڀائرن جي ڪري، جي لڪي ڇپي داخل ٿيا هئا، جي انهي ڪري چوريءَ گهڙي آيا هئا تہ جيڪا آزادي يسوع مسيح ۾ حاصل ٿي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي غلام بنائين.


تہ اڳتي اسين ٻار نہ رهون، ۽ ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراهہ ڪندڙ منصوبن ۾ ڦاسي، هر ڪنهن قسم جي تعليم جي جهُوٽن ۾ هيڏانهن هوڏانهن نہ اُڇلجون، ۽ گهلجي نہ وڃون؛


۽ جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو.


۽ جنهن نشان يا عجيب ڪم جي هو توکي خبر ڏئي، سو پورو ٿئي، ۽ پوءِ هو توکي اهڙن معبودن جي پيروي ڪرڻ ۽ انهن جي عبادت ڪرڻ لاءِ چوي، جن کان تون ناواقف هجين؛


يعني انهن ماڻهن جا معبود، جي تنهنجي آس پاس، ويجها توڙي پري، بلڪ زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رهندا هجن؛


۽ جيڪو ڪاهن اتي خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر هجي، يا جيڪو قاضي اتي هجي، تنهن جي ڳالهہ جيڪڏهن ڪو شخص گستاخي ڪري نہ ٻڌي، تہ اهو شخص ماريو وڃي: ۽ تون اها خرابي اسرائيل مان ڪڍي ڇڏج.


پر جيڪو نبي گستاخي ڪري ڪا اهڙي ڳالهہ منهنجي نالي چوندو، جنهن جو مون هن کي حڪم نہ ڏنو هوندو، يا جيڪو ٻين معبودن جي نالي ڪي چوندو، تہ اهو نبي ضرور ماريو ويندو.


جيئن هن پنهنجي ڀاءُ سان ڪرڻ گهريو ٿي، تيئن اوهين بہ ساڻس ڪجو: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


پوءِ انهي جي شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. انهي طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج؛ ۽ سڀ اسرائيلي اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.


تہ پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گهر جي در تي وٺي اچن، ۽ سندس شهر جا ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين: ڇالاءِ جو هن پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ زناڪاري ڪري اسرائيل ۾ بيعزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجن بني اسرائيلي ڀائرن مان ڪنهن کي چورائي، پاڻ وٽ غلامي ڪرائي، يا وڪڻي ڇڏيس، تہ اهو چور ضرور ماريو وڃي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


۽ جيڪو ماڻهو اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندو، تنهن جي بہ پنهنجي ڀاءُ ڏانهن، ۽ پنهنجيءَ دل گهري زال ڏانهن، ۽ جيڪي ٻار باقي بچيا هوندس، تن ڏانهن خراب نيت ٿيندي:


سو ائين نہ ٿئي تہ اوهان ۾ ڪو اهڙو مرد، يا زال، يا خاندان، يا قبيلو هجي، جنهن جي دل اڄوڪي ڏينهن خداوند اسان جي خدا کان ڦري وڃي، ۽ وڃي انهن قومن جي معبودن جي عبادت ڪري؛ متان اوهان منجهہ ڪا اهڙي پاڙ هجي جا پتي ۽ گوماندر جهڙو ڪؤڙو ڦل ڏئي؛


تڏهن تنهنجي دل مغرور ٿي پوي، ۽ تون خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏين، جو توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ٻاهر ڪڍي آيو؛


اهو آئون انهي ڪري ٿو چوان تہ متان ڪو گمراهہ ڪندڙ ڳالهيون ڪري اوهان کي ڀُلائي،


اُٿ، ماڻهن کي پاڪ ڪر، ۽ چئين تہ سڀاڻي جي لاءِ اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل تنهنجي وچ ۾ هڪڙي لعنت ڪيل شيءِ آهي، ۽ جيستائين اوهين اُها لعنت ڪيل شيءِ پاڻ وٽان ڪڍي نہ ڇڏيندا، تيستائين اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان بيهي نہ سگهندا.


پر انهيءَ اُمت ۾ بہ ڪوڙا نبي پيدا ٿيا، جيئن ڪ اوهان ۾ بہ ڪوڙا اُستاد پيدا ٿيندا، جي ڳجهہ ڳوهہ ۾ برباد ڪندڙ بدعتون شروع ڪندا، ۽ ايتري قدر جو انهي ڌڻيءَ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين خريد ڪيو، ۽ هو پاڻ کي جلد ئي برباد ڪري ڇڏيندا.


۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.


۽ انهي حيوان جي اڳيان جن نشانن ڪرڻ جو اختيار هن کي ڏنو ويو هو، تن جي ڪري هن زمين جي رهاڪن کي گمراهہ پئي ڪيو، ۽ انهن کي پئي چيائين تہ جنهن حيوان کي ترار جو زخم هو ۽ وري جيئرو ٿي پيو، تنهن جو بُت جوڙيو.


۽ اُنهيءَ اوڙاهہ ۾ اُڇلائي اتي بند ڪري ڇڏيائينس، ۽ مٿس مهر هڻي ڇڏيائين، تہ هزار ورهين جي پوري ٿيڻ تائين وري قومن کي گمراهہ نہ ڪري؛ انهي کانپوءِ ٿوري وقت تائين کيس ڇوڙيو ويندو.


۽ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ بعليم ۽ عستارات جي، ۽ ارام جي معبودن، ۽ صيدا جي معبودن، ۽ موآب جي معبودن، ۽ بني عمون جي معبودن، ۽ فلستين جي معبودن جي عبادت ڪرڻ لڳا؛ ۽ هنن خداوند کي ڇڏي ڏنو، ۽ انهي جي عبادت نٿي ڪيائون.


۽ هو خدا کي ڇڏي، بعل ۽ عستارات جي عبادت ڪرڻ لڳا.


تنهنڪري هاڻي انهن شيطان زادن کي، جي جبعہ ۾ آهن، اسان جي حوالي ڪريو، تہ اسين انهن کي قتل ڪريون، ۽ اسرائيل مان خرابي ڪڍي ڇڏيون، پر بني بنيمين پنهنجن ڀائرن بني اسرائيل جي ڳالهہ نہ مڃي.


هنن نوان معبود پسند ڪيا؛ تڏهن شهر جي دروازن تي جنگ لڳي: اسرائيل جي چاليهن هزارن منجهہ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ڏسڻ ۾ آيو ڇا؟


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن سائول سان ڳالهائي بس ڪئي تڏهن يونتن جو روح دائود جي روح سان اٽڪي ويو، ۽ يونتن هن کي پنهنجي ساهہ جهڙو پيارو سمجهيو.


تڏهن يونتن ۽ دائود پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو، ڇالاءِ جو هن انهي کي پنهنجي ساهہ جيترو پيار ٿي ڪيو.


۽ يونتن دائود کان انهي محبت خاطر جا هن سان هيس وري بہ قسم کڻايو: ڇالاءِ جو هو انهي کي پنهنجي ساهہ جهڙو پيار ڪندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ