Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 13:4 - Sindhi Bible

4 اوهين خداوند پنهنجي خدا جي پيروي ڪجو، انهي کان ڊڄجو، ۽ انهي سان قائم رهجو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف رکندي سندس راهہ تي هلجو. هائو، سندس حڪمن تي عمل ڪجو، سندس ڳالهہ ٻڌجو، سندس ئي عبادت ڪجو ۽ ساڻس ئي چُهٽيل رهجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 13:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ ٿنڀ جي پاسي ۾ اُٿي بيٺو ۽ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيائين تہ خداوند جي پيروي ڪندس، ۽ سندس حڪمن، ۽ سندس شاهدين، ۽ سندس قاعدن جي پنهنجي سموريءَ دل ۽ روح سان سنڀال ڪندس، ۽ هن عهدنامي جون ڳالهيون، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، سي عمل ۾ آڻيندس: ۽ سڀ ماڻهو انهيءَ عهد اقرار تي قائم رهيا.


۽ بادشاهہ پنهنجي جاءِ تي اُٿي بيٺو، ۽ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيائين تہ خداوند جي پيروي ڪندس، ۽ سندس حڪمن ۽ سندس شاهدين ۽ سندس قاعدن جي، پنهنجي سموري دل ۽ سموري جان سان سنڀال ڪندس، ۽ جيڪي عهد اقرار جون ڳالهيون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن تي عمل ڪندس.


پر هن ڳالهہ بابت مون هنن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ منهنجو آواز ٻڌو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس ۽ اوهين منهنجي قوم ٿيندا: جنهن رستي جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان انهي تي هلو، تہ اوهان جو ڀلو ٿئي.


اي انسان، هن توکي ڏيکاريو آهي تہ چڱائي ڇا آهي؛ ۽ خداوند توکان ٻيو ڇا ٿو گهري، انهي کان سواءِ تہ تون انصاف ڪرين، رحم کي پيار ڪرين، ۽ پنهنجي خدا سان نماڻو ٿي هلين؟


اُهي ٻئي خدا جي حضور ۾ راستباز، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قاعدن تي بي قصور هلندڙ هئا.


نڪي پنهنجن عضون کي گناهہ جي حوالي ڪريو تہ ناراستيءَ جا هٿيار ٿين، پر پاڻ کي مُئلن مان جيئرو سمجهي، خدا جي حوالي ڪريو، تہ راستبازيءَ جا هٿيار ٿين.


پر جيڪو خداوند سان گڏ ٿو ٿئي، سو انهي سان هڪڙو روح ٿيو پوي.


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ رڳو انهي جي عبادت ڪج؛ ۽ انهي سان قائم رهج؛ ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


تنهنڪري تون خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪر، ۽ هميشہ هن جي چئي تي، ۽ قانونن تي، ۽ فيصلن تي، ۽ هن جي حڪمن تي عمل ڪج.


انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪرين، سندس فرمانبرداري ڪرين، ۽ منجهس قائم رهين: ڇالاءِ جو اهو ئي تنهنجي حياتي ۽ تنهنجي عمر جي درازي آهي: تہ جنهن ملڪ بابت خداوند تنهنجي خدا تنهنجي ابن ڏاڏن کي، يعني ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب کي قسم کڻي چيو هو تہ اوهان کي ڏيندس، تنهن ۾ تون وڃين رهين.


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ ۽ انهي جي عبادت ڪج، ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل، پنهنجي ساريءَ جان، ۽ پنهنجي ساريءَ طاقت سان پيار ڪر.


انهي لاءِ تہ اوهان جي هلت چلت هر طرح وڻندڙ ۽ خداوند جي لائق ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ ڦلدار ٿئي، ۽ اوهين خدا جي سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو.


۽ پيار هي آهي تہ خدا جي حڪمن تي هلون. هي اهو حڪم آهي، جو اوهان شروعات کان وٺي ٻُڌو، ۽ اوهان کي انهي تي هلڻ گهرجي.


۽ سموئيل اسرائيل جي ساري گهراڻي کي چيو تہ اوهين جيڪڏهن پنهنجي سچي دل سان خداوند ڏانهن موٽو تہ ڌارين معبودن کي، ۽ عستارات کي، پاڻ منجهان ڪڍي اُڇلائي ڇڏيو، ۽ پنهنجين دلين کي خداوند جي لاءِ تيار ڪريو، ۽ فقط انهي جي بندگي ڪريو: تہ اُهو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ