Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 13:18 - Sindhi Bible

18 اهو تڏهن ٿيندو، جڏهن تون پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪندين، ۽ جيڪي خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ چڱو آهي سو ڪندو رهندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اهو تڏهن ٿيندو، جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي ڳالهہ مڃيندا ۽ سندس جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪندا ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪندا جيڪو خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ چڱو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 13:18
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ توکي برڪت تي برڪت ڏيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي وڌائيندي وڌائيندي ايترو ڪندس، جيترا آسمان جا تارا آهن، ۽ جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري آهي؛ ۽ تنهنجو اولاد پنهنجن دشمنن جي دروازي تي قبضو ڪندو.


جڏهن آءٌ تنهنجي سڀني حڪمن تي نظر ڪندس، تڏهن شرمندو ڪين ٿيندس.


پر اوهين پهرين هن جي بادشاهي ۽ سندس سچائي ڳوليو، ۽ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.


جيڪو مون کي خداوند، خداوند ڪري ٿو چوي، سو سڀڪو آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندو، پر منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن جي مرضيءَ تي جيڪو هلي ٿو، سو ئي داخل ٿيندو.


تنهنڪري جيڪو بہ ماڻهو منهنجو هي ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ اُنهيءَ تي عمل ٿو ڪري، سو اُنهي ڏاهي ماڻهوءَ جي مثل آهي جنهن پنهنجو گهر ٽڪر تي اڏايو.


تون اهو نہ کائج؛ تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي، سو ڪرڻ ڪري تنهنجو، ۽ توسان گڏ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي.


هي سڀ ڳالهيون جن جو آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان، سي ڌيان ڏيئي ٻڌ، تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱو ۽ درست آهي، سو ڪرڻ ڪري تنهنجو، ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي.


جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ تون نڪي انهيءَ ۾ ڪجهہ وڌائج، نڪي انهيءَ مان ڪجهہ گهٽائج.


۽ انهيءَ برباديءَ لاءِ مقرر ٿيل شين منجهان ڪجهہ بہ تنهنجي هٿ ۾ نہ رهي، تہ خداوند پنهنجيءَ خوفناڪ ڪاوڙ کان مُڙي، ۽ توتي رحم ڪري، ۽ توتي مهربان ٿئي، ۽ جيئن هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي، تيئن هو توکي وڌائي.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جا ٻار آهيو: اوهين مئلن جي لاءِ پنهنجي بت تي وڍ نہ وجهجو، نڪي پنهنجي پنبڻين جي وچ جا وار ڪوڙائجو.


۽ تون ڪابہ مڪروهہ شيءِ پنهنجي گهر ۾ نہ آڻج، نہ تہ تون بہ انهيءَ وانگر برباديءَ جي لائق ٿيندين: تون انهن کي بلڪل ڌڪارج، ۽ انهن کان نفرت ڪج؛ ڇالاءِ جو اها برباديءَ جي لائق آهي.


۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍڳ رکي ڇڏيائون، جو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي؛ انهيءَ طرح خداوند پنهنجي ڪاوڙ جي سختيءَ کان ڦريو، انهي ڪري انهي هنڌ جو نالو عڪور جي وادي رکيائون، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ