Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 13:16 - Sindhi Bible

16 ۽ تون انهي جو سمورو لٽ جو مال انهي جي چونڪ ۾ گڏ ڪج، ۽ شهر کي لٽ جي سموري مال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ باهہ سان ساڙي ڇڏج: اهو هميشہ جي لاءِ هڪڙو ڍڳ رهندو؛ ۽ اهو شهر وري نہ ٻڌبو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ان شهر جو سمورو مال ميڙي وچ پڌر ۾ گڏ ڪري، اهو شهر سميت خداوند پنهنجي خدا جي حضور ساڙي ڇڏجو. اهو هميشہ جي لاءِ هڪڙو ڍڳ رهندو ۽ اهو شهر وري نہ ٻڌبو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 13:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جانور سان بدفعلي ڪري تہ اهو ضرور ماريو وڃي.


دمشق بابت ڪلام. ڏسو، دمشق شهر نہ رهندو پر سڃو ڦٽل ڍير ٿيندو.


ڇالاءِ جو تو شهر کي ڍير ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪوٽ واري شهر کي ويران بنائي ڇڏيو اٿيئي: ۽ ڌارين جو محلات بہ شهر نہ رهيو آهي، اهو ڪڏهن بہ اڏڻ ۾ نہ ايندو.


تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ بني عمون جي ربہ تي جنگ جو هل اُٿاريندس، جو ماڻهو ٻڌندا؛ ۽ اهو هڪڙو ويران ڍير ٿي پوندو، ۽ ان جون ڌيئون باهہ سان ساڙيون وينديون: تنهن کان پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اسرائيل انهن جو مالڪ ٿيندو جي ان جا مالڪ هئا.


آءٌ توکي اُگهاڙو ٽڪر ڪري ڇڏيندس: تون ڄارن پکيڙڻ لاءِ ٿيندين؛ تون وري نہ اڏبين: ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو چوي تہ مون خداوند ائين فرمايو آهي.


تنهنڪري آءٌ سامريہ کي ڀترن جو ڍير، ۽ ڊاک جي منهہ وانگر ڪندس، ۽ سندس پهڻ ڪيرائي واديءَ ۾ اُڇلائيندس، تہ جيئن سندس بنياد ڏسڻ ۾ اچن.


اوهين انهن جي معبودن جي اُڪريل مورتن کي باهہ سان ساڙي ڇڏجو: ۽ جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي، تنهن جي تون لالچ نہ ڪج، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻج، متان تون انهن ۾ ڦاسي پوين: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي:


۽ تون ڪابہ مڪروهہ شيءِ پنهنجي گهر ۾ نہ آڻج، نہ تہ تون بہ انهيءَ وانگر برباديءَ جي لائق ٿيندين: تون انهن کي بلڪل ڌڪارج، ۽ انهن کان نفرت ڪج؛ ڇالاءِ جو اها برباديءَ جي لائق آهي.


۽ جيڪي بہ شهر ۾ هو، يعني مرد توڙي زالون، ننڍا توڙي وڏا، ڏاند، رڍون، ۽ گڏهہ، تن سڀني کي ترار جي ڌار سان صفا ناس ڪري ڇڏيائون.


پوءِ هنن انهي شهر کي، جيڪي منجهس هو تنهن سميت باهہ سان ساڙي ڇڏيو: فقط روپو، ۽ سون، ۽ پتل، ۽ لوهہ جا ٿانوَ هنن خدا جي گهر جي خزاني ۾ آندا.


۽ يشوع انهي وقت قسم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ماڻهو اُٿي هي شهر يريحو وري ٻڌندو، سو خداوند جي اڳيان لعنتي ٿيندو؛ ۽ انهيءَ جي بنياد لاءِ پنهنجي پهرين ڄاول ٻار جي قرباني ڏيڻي پونديس، ۽ انهي جا دروازا پنهنجي سڀ کان ننڍي پٽ جي موت تي اڏيندو.


۽ يشوع عئي کي ساڙي هميشہ جي لاءِ ڍير ڪري ڇڏيو، ۽ اُهو اڄ ڏينهن تائين ويران آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ