11 ۽ سڀ اسرائيلي اهو ٻڌي ڊڄندا، ۽ تنهنجي وچ ۾ وري اهڙي شرارت نہ ڪندا.
11 پوءِ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄي ويندا ۽ اوهان جي وچ ۾ وري اهڙي شرارت نہ ڪندا.“
پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.
ٺٺولي ڪندڙ کي ڌڪ هڻ تہ ڀورڙو عقل سکي: سمجهہ واري کي عتاب ڏي ۽ هو علم سکندو.
جڏهن ٺٺولي ڪندڙ کي سزا ملندي آهي، تڏهن ڀورڙو عقل سکندو آهي: ۽ جڏهن ڏاهي کي تعليم ملندي آهي، تڏهن ان کي علم حاصل ٿيندو آهي.
انهي کان سواءِ تون بني اسرائيل کي چئج، تہ بني اسرائيل مان، يا جيڪي پرديسي اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو پنهنجو اولاد مولڪ کي نذر ڪري ڏيندو، سو ضرور ماريو ويندو: ملڪ جا ماڻهو انهي کي سنگسار ڪري ڇڏين.
۽ خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ماڻهن جي سردارن کي جهلي، خداوند جي حضور اُس ۾ لٽڪائي ڇڏ، تہ خداوند جو غضب اسرائيل تان ٽري وڃي.
جيڪي شهر خداوند تنهنجو خدا توکي رهڻ لاءِ ڏيندو، تن مان ڪنهن جي بابت جيڪڏهن تون ڪا اهڙي ڳالهہ ٻڌين،
۽ سڀ ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄندا، ۽ وري اهڙي گستاخي نہ ڪندا.
۽ ٻيا ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄندا، ۽ تنهنجي وچ ۾ وري اهڙي خرابي نہ ڪندا.
پوءِ انهي جي شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. انهي طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج؛ ۽ سڀ اسرائيلي اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.
جيڪي گناهہ ڪن، تن کي سڀني جي اڳيان ملامت ڪر، تہ ڀلي ٻين کي بہ ڪو ڊپ ٿئي.
۽ يشوع چيو تہ ڇو تو اسان کي تڪليف ڏني آهي؟ خداوند اڄوڪي ڏينهن توکي تڪليف ڏيندو. پوءِ سڀني اسرائيلين هن کي سنگسار ڪيو؛ ۽ هن کي باهہ سان ساڙي پٿرن سان سنگسار ڪيائون.