Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 13:10 - Sindhi Bible

10 تون انهي کي سنگسار ڪج، تہ هو مري وڃي؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا جنهن توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ٻاهر ڪڍي آندو، تنهن کان توکي ڦيرائڻ جي هن ڪوشش ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اوهين انهيءَ کي سنگسار ڪجو تہ جيئن هو مري وڃي، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان جتي اوهين غلام هئا، ٻاهر ڪڍي آندو، تنهن کان هن اوهان کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 13:10
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ملڪ جا سڀ ماڻهو بعل جي گهر ڏانهن ويا ۽ اُنهيءَ کي وڃي ڊاٺائون؛ انهيءَ جون قربانگاهون، ۽ انهيءَ جون مورتون سڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ قربانگاهن جي اڳيان بعل جي پوڄاريءَ متان کي قتل ڪيائون. ۽ ڪاهن خدا جي گهر تي عملدار مقرر ڪيا.


۽ هنن ان جي برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ بادشاهہ جي حڪم پٺيان خداوند جي گهر جي ايوان ۾ هن کي سنگسار ڪيائون.


آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.


۽ هن کين چيو تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي ترار چيلهہ سان ٻڌي منزلگاهہ ۾ هڪڙي دروازي کان ٻي دروازي تائين گشت ڪري، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي سنگتيءَ کي، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي قتل ڪري.


انهي کان سواءِ تون بني اسرائيل کي چئج، تہ بني اسرائيل مان، يا جيڪي پرديسي اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو پنهنجو اولاد مولڪ کي نذر ڪري ڏيندو، سو ضرور ماريو ويندو: ملڪ جا ماڻهو انهي کي سنگسار ڪري ڇڏين.


جيڪو مرد يا زال ڀوپو يا جادوگر هجي، سو ضرور ماريو وڃي: انهي کي پهڻن سان سنگسار ڪيو وڃي: انهن جو خون سندن گردن تي آهي.


۽ جيئن موسيٰ بني اسرائيل کي چيو، تيئن هنن انهي لعنت ڪرڻ واري کي منزلگاهہ کان ٻاهر آندو، ۽ پهڻ هڻي سنگسار ڪيائونس. سو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن ئي بني اسرائيل ڪيو.


۽ انهي نبيءَ يا خوابن ڏسڻ واري کي ماري ڇڏجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا جو اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، ۽ توکي غلاميءَ جي گهر مان ڇڏايائين، تنهن جي برخلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ جنهن رستي هلڻ لاءِ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي، تنهن کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪريئي. انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


تہ پوءِ جنهن مرد يا زال اهڙو خراب ڪم ڪيو هجي، تنهن کي ڳوٺ جي دروازي تي وٺي اچج، ۽ انهي کي سنگسار ڪري ماري ڇڏج.


۽ انهي کي قتل ڪرڻ لاءِ پهرين انهن شاهدن جا هٿ مٿس پون، پوءِ ٻين ماڻهن جا هٿ: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


پوءِ انهي جي شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. انهي طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج؛ ۽ سڀ اسرائيلي اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.


يا جڏهن تون آسمان ڏانهن نهارين، ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان جي ساري خلقت کي ڏسي گمراهہ ٿين ۽ انهن کي سجدو ڪرين، ۽ انهن جي عبادت ڪرين، جن کي خداوند تنهنجي خدا زمين جي سڀني قومن لاءِ رکيو آهي.


۽ يشوع چيو تہ ڇو تو اسان کي تڪليف ڏني آهي؟ خداوند اڄوڪي ڏينهن توکي تڪليف ڏيندو. پوءِ سڀني اسرائيلين هن کي سنگسار ڪيو؛ ۽ هن کي باهہ سان ساڙي پٿرن سان سنگسار ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ