Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 12:7 - Sindhi Bible

7 اتي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو؛ ۽ تنهنجي هٿ جي ڪمائي جنهن ۾ خداوند تنهنجي خدا برڪت وڌي آهي، تنهن لاءِ اوهين پنهنجن گهراڻن سميت خوشيون ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اُتي ئي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو ۽ پنهنجي هٿن جي سڄي ڪمائي، جنهن ۾ خداوند اوهان جي خدا برڪت وڌي هجي، تنهن لاءِ پنهنجن گھراڻن سميت اوهين خوشيون ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 12:7
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو انهيءَ ڏينهن نهايت شادمان ٿيا، ۽ خداوند جي حضور کاڌائون پيتائون. ۽ ٻيو دفعو دائود جي پٽ سليمان کي بادشاهہ ڪري، ۽ خداوند جي طرفان پيشوا ڪري، ۽ صدوق کي ڪاهن ڪري مسح ڪيائون.


۽ نحمياہ، جو ترشاتا هو، سو ۽ عزرا ڪاهن ۽ اُستاد، ۽ لاوي، جي ماڻهن کي تعليم ڏيندا هئا، تن سڄيءَ قوم کي چيو تہ اڄوڪو ڏينهن خداوند، اوهان جي خدا جي لاءِ پاڪ آهي؛ ڪوبہ ڏک نہ ڪريو، نڪي روئو. ڇالاءِ جو جڏهن ماڻهن شريعت جو ڪلام ٻڌو، تڏهن سڀيئي روئڻ لڳا.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيستائين انسان جيئرو آهي، تيستائين خوش رهڻ، ۽ چڱائي ڪرڻ کان سواءِ هنن جي لاءِ ٻي ڪابہ شيءِ بهتر ڪانهي.


۽ هيءَ بہ تہ سڀڪو ماڻهو کائي پيئي ۽ پنهنجي سڄي محنت جو فائدو حاصل ڪري، اها خدا جي ڏات آهي.


ڏسو، جيڪي مون چڱو ۽ ٺاهوڪو ڏٺو آهي سو هي آهي، تہ ماڻهو کائي ۽ پيئي، ۽ پنهنجي محنت جو چڱو ڦل ڀوڳي، جا محنت هو، جيڪي حياتيءَ جا ڏينهن خدا ڏنا اٿس، تن ۾ سج هيٺان ڪري ٿو: ڇا لاءِ جو اهو ئي هن جو حصو آهي.


۽ هن جو سوداگري مال، ۽ هن جو اُجورو خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندو: اهو ميڙي گڏ ڪري رکڻ ۾ نہ ايندو؛ ڇالاءِ جو هن جو سوداگري مال انهن جي لاءِ ٿيندو جي خداوند جي اڳيان ٿا رهن، تہ هو ڍءُ ڪري کائين، ۽ شاهاڻي پوشاڪ ڍڪين.


پر جن اهو اَن گڏ ڪيو آهي سي ئي اهو کائيندا، ۽ خداوند جي تعريف ڪندا؛ ۽ جن اهو شراب گڏ ڪيو آهي سي ئي منهنجي پاڪ مڪان جي ايوانن ۾ اهو پيئندا.


باقي بادشاهہ، سو خداوند جي اڳيان ماني کائڻ لاءِ بادشاهہ ٿي انهي ۾ ويهندو؛ هو در جي اڳئين ايوان مان اندر ايندو ۽ وري ساڳئي رستي ٻاهر ويندو.


اسان جي اکين اڳيان کاڌو ڪَپيو نہ ويو آهي ڇا، هائو، خوشي ۽ سرهائي اسان جي خدا جي گهر کان وڍي نہ ويئي آهي ڇا؟


۽ اوهين ججهو کائيندا ۽ ڍءُ ڪندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي تعريف ڪندا، جنهن اوهان سان اهڙي عجيب هلت ڪئي آهي: ۽ منهنجي قوم ڪڏهن بہ شرمندي نہ ٿيندي.


۽ اوهين پهرئين ڏينهن چڱن وڻن جو ميوو، ۽ کجيءَ جي وڻن جون ٽاريون، ۽ گهاٽن وڻن جا ڏار، ۽ نهرن جون ليون کڻجو؛ ۽ ستن ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ڪجو.


۽ وري اوهين هيئن ٿا ڪريو: اوهين خداوند جي قربانگاهہ لڙڪن سان، يعني رودن ۽ آهن سان ڀري ٿا ڇڏيو؛ جنهنڪري نڪي هو اوهان جو نذرانو ڏسندو، ۽ نڪي اُنهي کي اوهان جي هٿان خوشيءَ سان قبول ڪندو.


۽ روزبروز هڪ دل ٿي هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا، ۽ پنهنجن گهرن ۾ ماني ڀڃي خوشيءَ ۽ دل جي صفائيءَ سان کائيندا هئا،


۽ اوهين، ۽ اوهان جا پٽ، ۽ اوهان جون ڌيون، ۽ اوهان جا غلام، ۽ اوهان جون ٻانهيون، ۽ لاوي، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ ملڻ ڪري، اوهان جي گهرن ۾ رهندا هجن، سي سڀ گڏجي خوشيون ڪجو.


پر اهي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ جيڪو لاوي تنهنجي گهر ۾ هجي سو، اهي شيون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهي هنڌ کائجو، جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي ڪڍي؛ ۽ تون پنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ لاءِ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪج.


جيئن اڄوڪي ڏينهن اسين هتي ڪريون ٿا، يعني جنهن ماڻهوءَ کي جيڪي ٿو وڻي سو ٿو ڪري، تيئن اوهين نہ ڪجو:


۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اتي تون پنهنجي اَن، ۽ پنهنجي شراب، ۽ پنهنجي تيل جو ڏهون حصو، ۽ پنهنجي ڍورن، ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا خداوند جي حضور ۾ کائج؛ انهي لاءِ تہ تون هميشہ خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄڻ سکين.


۽ اتي انهن پئسن سان جيڪي تنهنجي دل چاهي سو وٺج، يعني ڏاند، يا رڍون، يا مئي، يا شراب، يا جيڪا بہ شيءِ توکي وڻي سا وٺي، تون، ۽ تنهنجو گهراڻو، اتي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو، ۽ خوشي ڪجو.


اهو تون پنهنجي گهراڻي سميت انهيءَ جاءِ تي، جا خداوند تنهنجو خدا چونڊيندو، سال بسال کائيندو رهج.


پوءِ تون، ۽ لاوي، ۽ جيڪو پرديسي اوهان جي وچ ۾ رهندو هجي، سي سڀيئي گڏجي، جيڪي نعمتون خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنيون آهن، تن جي ڪري خوشيون ڪجو.


۽ اتي ئي تون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهج، ۽ اهي کائج؛ ۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ڪج.


ڇالاءِ جو تو سڀني شين جي گهڻائيءَ هوندي بہ، خوشيءَ ۽ خوشدليءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت نہ ڪئي.


هميشہ خداوند ۾ خوش رهو، وري بہ ٿو چوان تہ خوش رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ