Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 12:5 - Sindhi Bible

5 بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا، اوهان جي سڀني قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، انهي لاءِ تہ اتي پنهنجو نالو قائم ڪري، اتي، يعني هن جي مسڪن وٽ اوهين اچجو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جو خدا، پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ اوهان جي سڀني قبيلن جي علائقن مان هڪڙي هنڌ چونڊي ڪڍي، اوهين سندس عبادت لاءِ اوڏانهن ئي وڃجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 12:5
50 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن هي ماڻهو يروشلم ۾ وڃي خداوند جي گهر ۾ قربانيون چاڙهيندا تہ هنن ماڻهن جي دل وري پنهنجي ڌڻيءَ ڏانهن لاڙو رکندي، يعني يهوداہ جي بادشاهہ رحبعام ڏي؛ ۽ مون کي ماري موٽي رحبعام يهوداہ جي بادشاهہ ڏي ويندا.


۽ رحبعام بن سليمان يهوداہ ۾ بادشاهي ڪئي. جڏهن رحبعام بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ايڪيتاليهن ورهين جو هو، ۽ يروشلم جو شهر، جو خداوند اسرائيل جي سڀني فرقن مان پنهنجي نالي رکڻ لاءِ پسند ڪيو هو، تنهن ۾ هن سترهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ اُنهي جي ماءُ جو نالو نعمہ هو، جا عمون جي هئي.


جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، اُنهيءَ ڏينهن کان وٺي اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون ڪوبہ اهڙو شهر چونڊي نہ ڪڍيو جنهن ۾ ڪو گهر جوڙيان تہ منهنجو نالو اُتي رهي؛ پر مون دائود کي چونڊي ڪڍيو تہ منهنجي قوم اسرائيل تي رهي.


۽ خداوند جيڪا ڳالهہ ڪئي سا ثابت ڪري ڏيکاري؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي اُٿيو آهيان، ۽ اسرائيل جي تخت تي ويٺو آهيان، جيئن ڪ خداوند واعدو ڪيو هو، ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جي نالي تي گهر جوڙيو اٿم.


پر خدا سچ پچ زمين تي رهندو ڇا؟ ڏس، تون، آسمان ۾، بلڪ آسمانن جي آسمان ۾ ماپي نٿو سگهين؛ تڏهن هيءُ گهر جو مون جوڙيو آهي تنهن ۾ ڀلا ڪيئن ماپي سگهندين!


تہ تنهنجيون اکيون رات ۽ ڏينهن هن گهر ڏي کليل رهن، يعني انهيءَ جاءِ ڏي جنهن جي نسبت ۾ تو فرمايو آهي تہ تنهنجو نالو اتي رهندو: انهيءَ لاءِ تہ جيڪو سوال تنهنجو ٻانهو هن هنڌ ڏانهن ڪندو سو تون ٻڌندين.


پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ اسان جو ڀروسو خداوند اسان جي خدا تي آهي: تہ هو اهو نہ آهي ڇا جنهن جون مٿانهيون جايون ۽ جنهن جون قربانگاهون حزقياہ ڪيرائي ڇڏيون آهن، ۽ جنهن يهوداہ ۽ يروشلم کي چيو آهي تہ اوهين يروشلم ۾ هن قربانگاهہ جي اڳيان سجدو ڪجو؟


تڏهن دائود چيو تہ هيءُ خداوند جو گهر آهي ۽ هيءَ ئي اسرائيل جي سوختني قرباني چاڙهڻ لاءِ قربانگاهہ آهي.


۽ رات جو خداوند سليمان کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي ۽ هيءَ جاءِ پنهنجي قربانيءَ جي گهر لاءِ پسند ڪئي اٿم.


تڏهن يشوع بن يوصدق ۽ سندس ڀائر جي ڪاهن هئا ۽ زربابل بن سالتي ايل ۽ سندس ڀائر اُٿي بيٺا، ۽ اسرائيل جي خدا جي قربانگاهہ جوڙيائون، انهيءَ لاءِ تہ اُنهيءَ تي سوختني قربانيون چاڙهين، جيئن ڪ خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.


۽ جنهن خدا پنهنجو نالو اتي قائم ڪرايو آهي، سو شل انهن سڀني بادشاهن ۽ ماڻهن کي ناس ڪري، جي يروشلم ۾ هن خدا جي گهر جي ناس ڪرڻ لاءِ، هن حڪم ڦيرائڻ واسطي پنهنجو هٿ ڊگهيرين. مون دارا، هي حڪم جاري ڪيو آهي؛ انهيءَ جي گهڻيءَ ڪوشش سان تعميل ڪئي وڃي.


تنهنڪري تون گهڻي ڪوشش ڪري، اُنهن پئسن سان، ڍڳا، ۽ گهٽا ۽ گهيٽا، سندن کاڌي جي قربانين، ۽ پيئڻ جي قربانين سميت، خريد ڪج، ۽ اُهي يروشلم ۾ پنهنجي خدا جي گهر جي قربانگاهہ تي چاڙهج.


پر جي اوهين مون ڏانهن موٽندا، ۽ منهنجا حڪم مڃيندا، ۽ انهن تي هلندا، تہ اوهان مان جيڪي ٽڙي پکڙي آسمان جي تمام پرانهين ڀاڱي تائين ويا هوندا، تن کي آءٌ اتان آڻي انهيءَ هنڌ گڏ ڪندس، جو پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ مون پسند ڪيو آهي.


پر يهوداہ جي قبيلي کي چونڊي، صيون جبل کي پسند ڪيائين.


خداوند منهنجي طاقت، ۽ منهنجو راڳ آهي، ۽ هو منهنجي نجات بڻيو آهي. هو منهنجو خدا آهي، آءٌ سندس تعريف ڪندس؛ هو منهنجي پيءُ جو خدا آهي؛ آءٌ انهيءَ جي بزرگي ظاهر ڪندس.


تون منهنجي لاءِ هڪڙي مٽيءَ جي قربانگاهہ جوڙج؛ ۽ انهيءَ تي پنهنجون سوختنيون قربانيون، ۽ پنهنجون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهج، يعني پنهنجون رڍون ۽ ڏاند انهيءَ تي قربان ڪج؛ ۽ جتي جتي آءٌ پنهنجو نالو قائم ڪندس، اتي آءٌ تو وٽ ايندس، ۽ توکي برڪت ڏيندس.


۽ اتي يعني رحمت جي پوش جي مٿان، شاهديءَ جي صندوق تي جيڪي ٻہ ڪروبي هوندا، تن جي وچ ۾ آءٌ توکي گڏبس، ۽ جن ڳالهين بابت بني اسرائيل جي لاءِ توکي حڪم ڏيڻا هوندم، تن بابت تو سان گفتگو ڪندس.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند جي گهر جي ايوان ۾ اُٿي بيهہ ۽ جيڪي يهوداہ جا شهر خداوند جي گهر ۾ سجدي ڪرڻ لاءِ ٿا اچن، تن سڀني کي اُهي سڀ ڳالهيون ٻڌاءِ، جن جي ٻڌائڻ لاءِ آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان؛ هڪڙو لفظ بہ پٺتي نہ رک.


پر جيڪو منهنجو مڪان سيلا ۾ هو، جتي پهرين مون پنهنجو نالو مقرر ڪيو، اُتي هاڻي اوهين وڃو ۽ ڏسو تہ مون پنهنجي قوم اسرائيل جي شرارت ڪري ان سان ڇا ڪيو آهي.


تنهن ڪري جيڪو گهر منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي، جنهن تي اوهين ڀروسو رکو ٿا، ۽ اُها جاءِ جا مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، تنهن جو اهڙو حال ڪندس، جهڙو مون سيلا جو ڪيو آهي.


۽ انهي کي خداوند جي خيمي جي اڳيان، خداوند جي واسطي قرباني چاڙهڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ نہ آڻيندو: تنهن تي خون جو الزام ايندو؛ ڄڻ تہ هن رت وهايو آهي؛ ۽ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو:


۽ جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ ۾ ويو، تڏهن شاهديءَ واري صندوق تي جيڪو رحمت جو پوش هو، تنهن تان ٻنهي ڪروبين جي وچ مان هن هڪڙو آواز ٻڌو، جنهن ساڻس ڳالهايو.


تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو هنڌ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي جي مسڪن لاءِ چونڊيندو، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جا ڏهان حصا، ۽ اوهان جي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ اوهان جي خوشيءَ جون مڃتائون، جي اوهين خداوند جي اڳيان مڃيندا:


۽ تون خبردار رهج تہ متان جيڪا جاءِ ڏسين اتي ئي پنهنجي سوختني قرباني پيش ڪرين:


پر اهي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ جيڪو لاوي تنهنجي گهر ۾ هجي سو، اهي شيون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهي هنڌ کائجو، جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي ڪڍي؛ ۽ تون پنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ لاءِ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪج.


پر اوهين خداوند پنهنجي خدا سان ائين نہ ڪجو.


۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اتي تون پنهنجي اَن، ۽ پنهنجي شراب، ۽ پنهنجي تيل جو ڏهون حصو، ۽ پنهنجي ڍورن، ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا خداوند جي حضور ۾ کائج؛ انهي لاءِ تہ تون هميشہ خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄڻ سکين.


۽ جيڪڏهن اهو هنڌ جو خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، سو تو کان گهڻو پري هجي، ۽ رستو بہ ايترو ڊگهو هجي جو جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي، تڏهن تون پنهنجو ڏهون حصو کڻي اتي وڃي نہ سگهين،


اهو تون پنهنجي گهراڻي سميت انهيءَ جاءِ تي، جا خداوند تنهنجو خدا چونڊيندو، سال بسال کائيندو رهج.


۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي جو تنهنجي ڳوٺ ۾ هجي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال، جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.


جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي، اتي تون ست ڏينهن خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ عيد ملهائج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا تنهنجي ساريءَ پيدائش ۾، ۽ تنهنجن سڀني ڪمن ۾ برڪت وجهندو، ۽ تون پوريءَ طرح خوش رهندين.


تنهنڪري جيڪو هنڌ خداوند پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اتي تون پنهنجن ڍورن ۽ پنهنجن ڌڻن مان، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ فسح جي قرباني ڪج.


پر جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي شام جو سج لهڻ مهل، جنهن وقت تون مصر مان نڪتو هئين، انهي وقت فسح جي قرباني ڪج.


۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي، اتي تون اهو پچائي کائج: ۽ صبح جو تون اتان موٽي پنهنجن تنبن ڏانهن وڃج.


جيڪڏهن تنهنجن ڳوٺن مان ڪٿي بہ پاڻ ۾ خون، يا دعويٰ، يا ماراماري جون ڪي اهڙيون تڪراري ڳالهيون هجن، جن جو فيصلو ڪرڻ تنهنجي لاءِ تمام ڏکيو هجي: تہ پوءِ تون اُٿي انهيءَ جاءِ تي وڃج، جا خداوند تنهنجو خدا چونڊي؛


۽ ساري اسرائيل ۾ جيڪي تنهنجا ڳوٺ آهن، تن مان جي ڪنهن ۾ بہ لاوي رهندو هجي، ۽ جيڪڏهن اهو پنهنجيءَ دل جي پوري ارادي سان، انهيءَ جاءِ تي اچي، جا خداوند چونڊيندو؛


تڏهن جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن جي زمين جي پيداوار مان پهريون ڦل هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ رکي، انهي هنڌ کڻي وڃج، جو خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي.


جڏهن سڀ اسرائيلي خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ سندس چونڊيل هنڌ اچي حاضر ٿين، تڏهن تون هيءَ شريعت سڀني اسرائيلين کي پڙهي ٻڌائج.


ڇالاءِ جو اُلوهيت جي ساري معموري مجسم طور منجهس ٿي رهي،


پر اوهين صيون جبل وٽ، زندہ خدا جي شهر، يعني آسمان واري يروشلم وٽ آيا آهيو، ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ؛


۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، ۽ جماعت وارو تنبو اُتي کوڙيائون: ۽ اُهو ملڪ سندن تابع ٿيو.


۽ بني اسرائيل ان جي خبر ٻڌي تہ ڏسو، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسي جي اڌ فرقي ڪنعان جي ملڪ جي اڳ واري پاسي، يردن جي ويجهو، يعني بني اسرائيل واري پاسي، هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي آهي.


۽ انهيءَ ڏينهن يشوع انهن کي جماعت جي لاءِ، ۽ خداوند جي قربانگاهہ لاءِ، ڪاٺين وڍيندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ مقرر ڪيو، ۽ اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو اچي.


۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ اهو گهيٽو صيون جبل تي بيٺو آهي، ۽ ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي سندس نالو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ