4 پر اوهين خداوند پنهنجي خدا سان ائين نہ ڪجو.
4 اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ائين نہ ڪجو جيئن هو پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪن ٿا.
ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل کي ائين ماريندو جيئن پاڻيءَ ۾ ڪانو لڏندو آهي؛ ۽ اسرائيل کي، هيءَ چڱي زمين جا هن سندس ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن مان پاڙون پٽي ڪڍي ڇڏيندو، ۽ اُنهن کي فرات نديءَ جي هن ڀر پکيڙي ڇڏيندو؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي لاءِ يسيرت بنايا آهن، ۽ خداوند کي ڪاوڙايو اٿن.
۽ جنهن قوم کي آءٌ اوهان جي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍان، تنهنجين رسمن تي اوهين نہ هلجو: ڇالاءِ جو انهن اهي سڀ ڪم ڪيا آهن، تنهنڪري مون انهن کان نفرت ڪئي.
۽ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڊاهي ڇڏجو، ۽ هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، ۽ هنن جون يسيرہ نالي مورتون باهہ سان ساڙي ڇڏجو؛ ۽ اوهين هنن جي معبودن جون اُڪريل مورتون وڍي ڪيرائي ڇڏجو؛ ۽ اوهين انهي هنڌان هنن جو نالو ئي مٽائي ڇڏجو.
بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا، اوهان جي سڀني قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، انهي لاءِ تہ اتي پنهنجو نالو قائم ڪري، اتي، يعني هن جي مسڪن وٽ اوهين اچجو:
انهي لاءِ تہ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم انهن پنهنجن معبودن لاءِ ڪيا آهن، سي اوهان کي بہ ڪرڻ نہ سيکارين؛ تہ متان اوهين خداوند پنهنجي خدا جا گنهگار ٿيو.
پوءِ اُهي جلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي وٽ آيا، ۽ ساڻن ڳالهہ ٻولهہ ڪري چيائون، تہ