Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 12:3 - Sindhi Bible

3 ۽ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڊاهي ڇڏجو، ۽ هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، ۽ هنن جون يسيرہ نالي مورتون باهہ سان ساڙي ڇڏجو؛ ۽ اوهين هنن جي معبودن جون اُڪريل مورتون وڍي ڪيرائي ڇڏجو؛ ۽ اوهين انهي هنڌان هنن جو نالو ئي مٽائي ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اوهين هنن جون قربان‌گاهون ڀڃي ڊاهي ڇڏجو ۽ هنن جا پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. هنن جا يسيرہ ديويءَ نالي وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڪيرائي ڇڏجو ۽ سندن معبودن جون تراشي ٺاهيل مورتيون ساڙي ڇڏجو، بلڪ اوهين انهيءَ هنڌان انهن جو نالو ئي مِٽائي ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 12:3
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل کي ائين ماريندو جيئن پاڻيءَ ۾ ڪانو لڏندو آهي؛ ۽ اسرائيل کي، هيءَ چڱي زمين جا هن سندس ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن مان پاڙون پٽي ڪڍي ڇڏيندو، ۽ اُنهن کي فرات نديءَ جي هن ڀر پکيڙي ڇڏيندو؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي لاءِ يسيرت بنايا آهن، ۽ خداوند کي ڪاوڙايو اٿن.


۽ پنهنجي ماءُ معڪہ کي بہ هن راڻي ٿيڻ کان برطرف ڪيو، ڇالاءِ جو هن هڪڙي يسيرت جي لاءِ هڪڙي ڪراهت جهڙي مورت بنائي هئي؛ ۽ آسا اُها مورت وڍي ڪيرائي ڇڏي، ۽ قدرون نهر وٽ اُها ساڙي ڇڏيائين.


پوءِ ملڪ جا سڀ ماڻهو بعل جي گهر ڏانهن ويا ۽ اُنهيءَ کي وڃي ڊاٺائون؛ انهيءَ جون قربانگاهون، ۽ انهيءَ جون مورتون سڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ قربانگاهن جي اڳيان بعل جي پوڄاريءَ متان کي قتل ڪيائون. ۽ ڪاهن خدا جي گهر تي عملدار مقرر ڪيا.


هن مٿانهيون جايون ڪڍي ڇڏيون ۽ ٿنڀ ڀڃائي ۽ يسيرت وڍائي ڇڏيا: ۽ جيڪو پتل جو نانگ موسيٰ جوڙيو هو، سو هن ڀڃائي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو؛ ڇالاءِ جو انهن ڏينهن تائين بني اسرائيل انهيءَ لاءِ لوبان ساڙيندا هئا؛ ۽ هن انهيءَ جو نالو نحشتان رکيو.


۽ هن ٿنڀ ڀڃائي پرزا پرزا ڪري ڇڏيا، ۽ يسيرتون وڍائي ڇڏيائين، ۽ انهن جون جايون ماڻهن جي هڏن سان ڀري ڇڏيائين.


۽ آسا جيڪي ڪيو سو خداوند سندس خدا جي نظر ۾ چڱو ۽ برابر هو:


ڇالاءِ جو هن ڌاريون قربانگاهون، ۽ مٿانهيون جايون ڪڍي ڇڏيون، ۽ ٿنڀ ڀڃائي ڪيرائي، ۽ يسيرتون وڍائي ڇڏيائين؛


انهيءَ هوندي بہ تو ۾ ڪي چڱيون ڳالهيون لڀن ٿيون، جو تو هن ملڪ مان يسيرت ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي خدا جي ڳولا ۾ دل لڳائي اٿيئي.


هاڻي جڏهن سڀ ڪم پورو ٿيو، تڏهن جي اسرائيلي حاضر هئا، سي نڪري يهوداہ جي شهرن ڏي ويا، ۽ ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ يسيرتن کي وڍي ڪيرائي ڇڏيائون، ۽ مٿانهيون جايون ۽ قربانگاهون ساري يهوداہ ۽ بنيمين مان، بلڪ افرائيم ۽ منسي مان بہ، ڀڃي ڇڏيائون، ۽ اهي سڀيئي چٽ ڪري ڇڏيائون. تنهن کانپوءِ سڀ بني اسرائيل موٽي پنهنجي پنهنجي ملڪيت تي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا.


ڇالاءِ جو سندس بادشاهي جي اٺين سال ۾، جڏهن هو اڃا ننڍو هو، تڏهن پنهنجي پيءُ دائود جي خدا جي طلب ۾ رهڻ لڳو: ۽ ٻارهين ورهيہ ۾، يهوداہ ۽ يروشلم مان مٿانهيون جايون، ۽ يسيرتون، ۽ اُڪريل مورتيون، ۽ پلٽيل مورتيون ڪڍڻ لڳو.


جيڪي خداوند کي ڇڏي ڪنهن ٻئي معبود کي ٿا مڃين، تن جا ڏک وڌندا ويندا: آءٌ انهن جي لاءِ رت واريون پيئڻ جون قربانيون ڪين چاڙهيندس، نڪي پنهنجيءَ زبان سان انهن جا نالا وٺندس.


جيڪي ڳالهيون مون توکي چيو آهن، تن جي سنڀال رکج: ٻين معبودن جو نالو ئي نہ وٺج، نڪي تنهنجي واتان اهو ٻڌڻ ۾ اچي.


تون انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو نہ ڪج، نہ انهن جي عبادت ڪج، نڪي انهن جهڙا ڪم ڪج، بلڪ تون انهن کي اصل ڊاهي ڇڏج، ۽ انهن جا ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏج.


بلڪ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو، ۽ هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، ۽ هنن جون يسيرہ نالي مورتون وڍي ڇڏجو.


انهي جي ڪري يعقوب جي خطا ميٽجي ويندي، ۽ اهو سڀ هن جي گناهہ ميٽجڻ جو نتيجو آهي: جڏهن هو قربانگاهہ جا سڀ پٿر چن جي نرم ڳنڍن جهڙا ٿو ڪري، جي ڀڄي ڀري ٿا وڃن، تڏهن اتي يسيرتون ۽ سج جون مورتون وري قائم نہ ٿينديون.


۽ سندن اولاد پنهنجون قربان گاهون، ۽ پنهنجون يسيرتون، ساون وڻن جي ڀرسان ۽ مٿانهين ٽڪرين تي ياد ٿو رکي.


ڇالاءِ جو آءٌ هن جي وات مان بعليم جا نالا ڪڍي وٺندس، ۽ هو وري اڳتي انهن نالن سان نہ سڏيا ويندا.


۽ آءٌ تنهنجون يسيرتون تنهنجي وچ مان پَٽي ڪڍندس، ۽ آءٌ تنهنجا شهر ناس ڪندس.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ سڄي ملڪ مان سڀني بُتن جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندس، ۽ انهن کي وري ڪوبہ ياد نہ ڪندو: ۽ آءٌ انهن جي نبين، ۽ ناپاڪ روح کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس.


تڏهن اتي جي سڀني رهاڪن کي، پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍجو، ۽ انهن جون پٿر جون مورتون، ۽ پلٽيل مورتون برباد ڪري ڇڏجو، ۽ انهن جون اُتانهون جايون ڊاهي ڇڏجو:


پر اوهين خداوند پنهنجي خدا سان ائين نہ ڪجو.


اوهين انهن جي معبودن جي اُڪريل مورتن کي باهہ سان ساڙي ڇڏجو: ۽ جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي، تنهن جي تون لالچ نہ ڪج، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻج، متان تون انهن ۾ ڦاسي پوين: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي:


پر اوهين هنن سان هيءَ هلت ڪجو؛ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو، هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، هنن جون يسيرہ نالي مورتون وڍي ڇڏجو.


۽ اُهو ازدها سمنڊ جي واريءَ تي وڃي بيٺو. ۽ مون سمنڊ مان هڪڙو حيوان نڪرندو ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. ۽ سندس سڱن تي ڏهہ تاج هئا، ۽ سندس مٿن تي ڪفر جا نالا هئا.


۽ اوهين هن ملڪ جي رهاڪن سان ڪوبہ عهد اقرار نہ ڪجو، ۽ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو: پر اوهان منهنجي ڳالهہ نہ مڃي: ڇو اوهان ائين ڪيو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ