Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 12:1 - Sindhi Bible

1 هي آهن اهي قانون ۽ فيصلا، جن تي اوهين پنهنجي ساري عمر انهي ملڪ ۾ عمل ڪندا رهجو، جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، اوهان کي ورثي طور ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”هي آهن اهي قاعدا قانون جن تي اوهين پنهنجي سڄي عمر انهيءَ ملڪ ۾ عمل ڪندا رهجو، جيڪو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان کي ورثي طور ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 12:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ تو اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن ۾ هو جيترا ڏينهن رهندا اچن، اوترن ۾ توکان ڊڄندا رهن.


ماڻهوءَ جي لاءِ زمين تي جهيڙو جهڳڙو نہ آهي ڇا؟ ۽ هن جا ڏينهن مزور جي ڏينهن جهڙا نہ آهن ڇا؟


جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين خداوند جي حضور ۾ گيت ڳائيندس: جيسين آءٌ حيات آهيان تيسين خدا جي تعريف ڳائيندو رهندس.


شل منهنجي چال اهڙي قائم ٿئي جو آءٌ تنهنجي قانونن تي عمل ڪريان!


جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين خداوند جي تعريف ڪندس: جيسين منهنجو وجود آهي تيسين آءٌ خداوند جي حضور ۾ تعريف ڳائيندو رهندس.


آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. منهنجي قانونن تي هلو، ۽ منهنجي حڪمن جي سنڀال ڪريو ۽ انهن جي تعميل ڪريو:


۽ جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو.


۽ تون خبردار رهج، ۽ جيسين تون انهي ملڪ ۾ جيئرو رهين، تيسين لاوين کي وساري نہ ڇڏج.


۽ مون انهي وقت اوهان کي حڪم ڏيئي چيو، تہ خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ملڪيت طور ڏنو آهي: تہ اوهان مان سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي، اوهان جي ڀائرن بني اسرائيل جي اڳيان پار هلو.


يا جڏهن تون آسمان ڏانهن نهارين، ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان جي ساري خلقت کي ڏسي گمراهہ ٿين ۽ انهن کي سجدو ڪرين، ۽ انهن جي عبادت ڪرين، جن کي خداوند تنهنجي خدا زمين جي سڀني قومن لاءِ رکيو آهي.


يعني هي اهي شهادتون، اهي قانون، ۽ اهي فيصلا آهن، جيڪي موسيٰ بني اسرائيل کي مصر مان نڪرڻ کان پوءِ،


ڏسو، جهڙيءَ طرح خداوند منهنجي خدا مون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح مون اوهان کي قانون ۽ فيصلا سيکاري ڇڏيا آهن؛ انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.


پوءِ موسيٰ سڀني بني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي ٻڌو، انهي لاءِ تہ اوهين اهي سکو، ۽ انهن تي عمل ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ