Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 11:18 - Sindhi Bible

18 تنهنڪري منهنجون هي ڳالهيون اوهين پنهنجيءَ دل ۾، ۽ پنهنجي روح ۾ ڄمائي ڇڏيو؛ ۽ اوهين نشانيءَ طور انهن کي پنهنجي ٻانهن تي ٻڌجو، ۽ اهي اوهان جي نرڙ تي طوق وانگر هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 تنهنڪري منهنجيون هي ڳالهيون اوهين پنهنجيءَ دل ۽ پنهنجي روح ۾ ڄمائي ڇڏيو. اوهين نشانيءَ طور انهن کي پنهنجين ٻانهن تي ٻڌجو ۽ اهي اوهان جي نرڙ تي ٽڪي وانگر هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 11:18
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون تنهنجو ڪلام پنهنجيءَ دل ۾ رکيو آهي، تہ آءٌ تنهنجي برخلاف گناهہ نہ ڪريان.


۽ اها تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين جي اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي هٿ جي زور سان اسان کي مصر مان ڪڍي آيو.


۽ اها تو وٽ تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ تہ خداوند جي شريعت تنهنجي وات ۾ هجي؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي زور واري هٿ سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.


اي منهنجا پٽ، منهنجي تعليم متان وسارين؛ پر تنهنجي دل ڀلي تہ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪري:


ائين نہ ڪر تہ رحم ۽ سچ توکي ڇڏي وڃن: انهن کي پنهنجي ڳچيءَ سان ٻڌي ڇڏ: انهن کي پنهنجي دل جي تختي تي لکي ڇڏ:


۽ آءٌ هنن کي هڪڙي دل ۽ هڪڙي واٽ ڏيندس، تہ هميشہ مون کان ڊڄندا رهن، تہ کين، ۽ کانئن پوءِ سندن اولاد کي چڱائي رسي:


پر هو پنهنجا سڀ ڪم ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجا تعويذ وڏا ٿا ڪن، ۽ پنهنجن قبائن جون دامنيون ڪشاديون ٿا ڪن،


تڏهن انهن کي چيائين، تہ جن ڳالهين بابت مون اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڀري آهي، تن سڀني کي اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي رکجو؛ ۽ انهن بابت پنهنجن ٻارن کي حڪم ڏجو، تہ اهي هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪن.


ڀلي تہ مسيح جو ڪلام هر قسم جي دانائي سميت اوهان ۾ ججهو ئي رهي. هڪٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو، ۽ فضل سان ڀرپور ٿي پنهنجين دلين ۾ خدا جي لاءِ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو.


تنهنڪري جيڪي ڳالهيون ٻُڌيون اٿئون، تن تي اسان کي زيادہ ڌيان ڏيڻ گهرجي، تہ متان انهن کان پري ڇڪجي وڃون.


تنهنڪري آئون اوهان کي اهي ڳالهيون ياد ڏيارڻ لاءِ هميشہ تيار رهندس، جيتوڻيڪ انهن جي اوهان کي خبر آهي، ۽ جيڪا سچائي اوهان کي مليل آهي، تنهن تي اوهين قائم آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ