Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 11:12 - Sindhi Bible

12 اهو ملڪ جنهن کي خداوند تنهنجو خدا سنڀالي ٿو؛ ۽ سال جي شروعات کان وٺي سال جي پڇاڙيءَ تائين، خداوند تنهنجي خدا جي نظر سدائين انهي تي ٿي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 خداوند اوهان جو خدا انهيءَ ملڪ جي سنڀال لهي ٿو. سال جي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين خداوند اوهان جي خدا جي نظر سدائين انهيءَ تي ٿي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 11:12
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند هن کي چيو تہ جيڪا دعا تو منهنجي اڳيان گهري، ۽ جيڪو سوال تو ڪيو آهي سو مون ٻڌو آهي: هيءُ گهر جو تو انهيءَ لاءِ جوڙايو آهي تہ منهنجو نالو هميشہ تائين اُتي رهي، تنهن کي مون پاڪ ڪيو آهي؛ ۽ منهنجيون اکيون ۽ منهنجي دل سدائين اتي رهندي.


جيسين آءٌ اچي اوهان کي انهيءَ ملڪ ڏانهن وٺي وڃان جو اوهان جي پنهنجي ملڪ جهڙو آهي، جو اَن ۽ شراب جو ملڪ آهي، ماني ۽ ڊاک جي منهہ جو ملڪ آهي، زيتون جي تيل ۽ ماکيءَ جو ملڪ آهي: تہ اوهين زندہ رهو ۽ مري نہ وڃو: ۽ جڏهن حزقياہ اوهان کي ٺڳاري چوي تہ خداوند اسان کي ڇڏائيندو، تڏهن هن جي ڳالهہ متان ٻڌو.


پر خدا جي نظر يهودين جي بزرگن تي هئي، ۽ انهن هنن کي نہ روڪيو، جيستائين ڪ اها ڳالهہ دارا تائين نہ پهتي، ۽ انهيءَ بابت خط جي رستي جواب موٽي نہ آيو.


ڏسو جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، ۽ هن جي رحمت ۾ اميد ٿا رکن، تن تي سندس نظر آهي؛


خداوند جون اکيون راستبازن تي آهن، ۽ سندس ڪن اُنهن دانهن جي لاءِ کليل آهن.


تون سڄي سال تي پنهنجيءَ مهربانيءَ جو ڇٽ ٿو رکين؛ ۽ تنهنجن واٽن ۾ سڻڀ ٿو وسي.


جيسين ڪہ آءٌ اچي اوهان کي انهي ملڪ ۾ وٺي وڃان جو اوهان جي ملڪ وانگي اَن ۽ شراب جو ملڪ، ۽ مانيءَ ۽ ڊاک جو ملڪ آهي.


ڇالاءِ جو آءٌ هنن تي چڱائي لاءِ پنهنجي نظر رکندس ۽ انهن کي موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس: ۽ آءٌ انهن کي اڏيندس ۽ ڊاهي ڪين ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي ڄمائيندس ۽ پٽي ڪين ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ