Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 10:4 - Sindhi Bible

4 ۽ جيڪي ڏهہ حڪم خداوند جبل تي باهہ جي وچ مان جماعت واري ڏينهن اوهان کي ٻڌايا هئا، سي هن پهرئين لکئي موجب انهن تختين تي لکيا: ۽ خداوند اهي مون کي ڏنيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ خداوند انهن تختين تي اڳينءَ لکت موجب اهي ڏهہ ئي حڪم لکيا، جيڪي جبل وٽ اوهان جي گڏ ٿيڻ واري ڏينهن تي خداوند باهہ جي وچ مان اوهان کي ٻڌايا هئا. خداوند اهي تختيون مون کي ڏنيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 10:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هو سينا جبل تي موسيٰ کي سڀ ڳالهيون ٻڌائي رهيو، تڏهن هن کي شاهديءَ جون ٻہ تختيون، يعني خدا جي آڱر سان لکيل ٻہ پهڻ جون تختيون ڏنائين.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجي لاءِ اڳين تختين جهڙيون پهڻ جون ٻيون ٻہ تختيون جوڙي تيار ڪر؛ ۽ آءٌ انهن تختين تي اهي ڳالهيون لکندس، جي اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو،


۽ هو اتي خداوند وٽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون هو؛ هن نڪا ماني کاڌي، نڪو پاڻي پيتائين. ۽ هن انهن تختين تي انهي عهد واريون ڳالهيون يعني ڏهہ حڪم لکيا.


هي تنهنجي انهيءَ درخواست موجب ٿيندو، جڏهن تو حورب ۾ جماعت واري ڏينهن خداوند پنهنجي خدا کي چيو هو، تہ شل آءٌ خداوند پنهنجي خدا جو آواز وري نہ ٻڌان، نڪي آءٌ وري ڪڏهن هيءَ باهہ ڏسان، متان مري وڃان.


۽ خداوند مون کي پٿر جون ٻہ تختيون ڏنيون جي خدا جي آڱر سان لکيل هيون؛ ۽ انهن تي اهي ڳالهيون لکيل هيون، جي خداوند جبل تي باهہ جي وچ مان جماعت واري ڏينهن اوهان سان ڪيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ