Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 10:18 - Sindhi Bible

18 هو يتيمن ۽ بيوہ زالن جو انصاف ٿو ڪري، ۽ پرديسيءَ کي پيار ٿو ڪري، ۽ انهي کي کاڌو ۽ ڪپڙو ٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هو يتيمن ۽ رنن‌زالن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو. هو اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان پيار ٿو ڪري ۽ کين کاڌو ۽ ڪپڙو ٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 10:18
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي گهرجي تہ خداوند جو خوف اوهان تي هجي؛ جيڪي ڪريو سو خبرداري سان ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا وٽ بي انصافي ڪانهي، نہ ماڻهن سان پاسداري، ۽ نہ رشوت خوري.


انهي لاءِ تہ تون يتيمن ۽ مظلومن جو انصاف ڪرين، تہ انسان جو مٽيءَ مان ٺهيل آهي سو وري ڪڏهن ظلم نہ ڪري.


خداوند سڀني ستايلن لاءِ راستي ۽ انصاف عمل ۾ ٿو آڻي.


خداوند سڀني سان ڀلو آهي؛ ۽ هن جو رحم سندس سڀني مخلوقن تي آهي.


خداوند پرديسين کي سنڀالي ٿو؛ هو يتيمن ۽ بيوهن جي سنڀال ٿو ڪري؛ پر بڇڙن جي واٽ آڏي اُبتي ڪريو ڇڏيو.


خدا پنهنجيءَ پاڪ جاءِ ۾ يتيمن جو پيءُ، ۽ بيوہ زالن جو منصف آهي.


خدا اڪيلن کي خاندانن وارو ٿو ڪري: هو قيدين کي ڇڏائي آسودو ٿو ڪري: پر فسادي سڪيءَ زمين ۾ ٿا رهن.


جيڪو هڪڙي خدا کان سواءِ ٻئي جي لاءِ قرباني ڪري، سو اصل تباهہ ڪيو وڃي.


تون ڪنهن مسافر کي نہ ستائج، نڪي انهي تي ڪو ظلم ڪج؛ ڇالاءِ جو اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ مسافر هئا.


اوهين ڪنهن بيوہ يا يتيم کي نہ ڏکوئجو.


جيڪڏهن تون انهن کي ڪنهن بہ طرح ڏکوئيندين ۽ اهي مون کي پڪاريندا، تہ آءٌ ضرور هنن جي پڪار ٻڌندس؛


چڱا ڪم ڪرڻ سکو؛ انصاف ڳوليو، مظلومن جي مدد ڪريو، يتيمن جو انصاف ڪريو، بيوہ زالن جي حمايت ڪريو.


پنهنجا يتيم ٻار ڇڏ، آءٌ انهن کي سنڀاليندس ۽ جيئرو رکندس؛ ۽ تنهنجون بيوہ زالون مون تي ڀروسو رکن.


اسور اسان کي ڪين بچائيندو؛ اسين گهوڙن تي نہ چڙهنداسين، نڪي وري اڳتي اسين پنهنجن هٿن جي ڪم کي چونداسين تہ اوهين اسان جا خدا آهيو، ڇالاءِ جو تون ئي يتيمن تي رحم ٿو ڪرين.


۽ جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ غريب ٿي وڃي، ۽ تو ڏانهن پنهنجو فرض پورو ڪري نہ سگهي؛ تہ تون انهي جي مدد ڪج: هو پرديسي يا مسافر وانگي توسان گڏ رهي.


۽ هيئن ٿيندو، هائو ائين ئي ٿيندو تہ جيڪڏهن تون اسان سان هلندين، تہ جيڪا ڀلائي خدا اسان سان ڪندو، اهڙي ساڳي اسين بہ تو سان ڪنداسين.


تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جا ٻار ٿيو: ڇالاءِ جو اُهو پنهنجو سج چڱن ۽ مندن تي اُڀرائي ٿو، ۽ سچن ۽ ڪوڙن تي مينهن ٿو وسائي.


تنهن هوندي بہ هو هنن ڳالهين جي ڪري پنهنجي بابت شاهدي ڏيندو رهيو، جو هن ڀلايون ڪيون، ۽ آسمان مان اوهان لاءِ مينهن وسايائين، ۽ ڀلا فصل بخشيائين، ۽ اوهان جي دلين کي کاڌي ۽ خوشيءَ سان ڀري ڇڏيائين.


جيڪو ماڻهو پرديسيءَ، يتيم، ۽ بيوہ زال سان ناحق ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ