16 تنهنڪري اوهين پنهنجي دل جو ختنو ڪريو ۽ اڳتي وري ضدي نہ ٿيو.
16 تنهنڪري اوهين پنهنجي دلين تان پردو هٽائي ڇڏيو ۽ اڳتي وري ضدي نہ ٿيو.
اوهين پنهنجي بدن جي کل جو ختنو ڪرائجو: اهو منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪيل عهد جو نشان ٿيندو.
هاڻي اوهين پنهنجي ابن ڏاڏن وانگي سخت گردن وارا نہ ٿيو؛ پر خداوند جي اڳيان نماڻا ٿيو، ۽ هن جي پاڪ مڪان ۾ گهڙو، جو هن هميشہ لاءِ پاڪ ڪيو آهي، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي بندگي ڪريو، تہ هن جي خوفناڪ ڪاوڙ اوهان تان ٽري وڃي.
اي يروشلم، پنهنجي دل شرارت کان ڌوئي صاف ڪر تہ ڇوٽڪارو لهين. ڪيستائين تنهنجا خراب خيال تو منجهہ رهندا.
اي يهوداہ جا ماڻهو ۽ يروشلم جا رهاڪو، اوهين خداوند جي لاءِ پنهنجو طهر ڪرايو ۽ پنهنجي دل جا کولا لاهي اُڇلائي ڇڏيو: متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي اوهان جن بڇڙن ڪمن سبب پکڙي پئي، ۽ اهڙي ٻري جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس.
جو اوهان منهنجي ماني، ۽ چرٻي، ۽ رت، پيش ڪرڻ وقت انهن ڌارين ماڻهن کي منهنجي پاڪ مڪان ۾، يعني منهنجي گهر ۾ آڻي انهي کي پليت ڪيو، جي دل جا اڻ طهريل آهن ۽ جسم جا بہ اڻ طهريل آهن؛ ۽ انهن منهنجو عهد اقرار ڀڃي اوهانجن سڀني بڇڙن ڪمن ۾ زيادتي ڪئي آهي.
تنهن جي ئي ڪري آءٌ سندن برخلاف هليس، ۽ کين سندن دشمنن جي ملڪ ۾ آندو اٿم: تنهن لاءِ جڏهن انهن جي اڻ طهريل دل پشيمان ٿيندي، ۽ پنهنجي گناهہ جي سزا قبول ڪندا؛
۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجيءَ، ۽ تنهنجي اولاد جي دل جو ختنو ڪندو، انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان پيار ڪرين، ۽ جيئرو رهين.
ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي بغاوت ۽ اوهان جي هٺ جي خبر آهي: ڏسو، اڄ تائين آءٌ اوهان سان جيئرو ويٺو آهيان، تڏهن بہ اوهان خدا جي برخلاف بغاوت پئي ڪئي آهي؛ سو منهنجي مُئي کان پوءِ ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪندا؟
انهي کان سواءِ خداوند مون کي فرمايو، تہ مون هن قوم کي ڏٺو آهي، ۽ ڏس، هيءَ ضدي قوم آهي.
تنهنڪري ياد رک، تہ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي راستبازيءَ جي ڪري توکي اهو چڱو ملڪ نٿو ڏئي؛ ڇالاءِ جو تون تہ ضدي اُمت آهين.
۽ انهي ۾ اوهان جو اهڙو ختنو بہ ٿيو جو هٿن سان نہ ٿيندو آهي يعني مسيح جو ختنو، جنهنڪري اوهان تان جسم لاٿو ويو،