Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 10:14 - Sindhi Bible

14 ۽ ڏس، آسمان ۽ آسمانن جو آسمان، زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، سو سڀ خداوند تنهنجي خدا جو آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ڏسو، عرش عظيم سميت سمورا آسمان، زمين ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، سو سڀ خداوند اوهان جي خدا جو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 10:14
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي پڪ سمجهو تہ جيڪڏهن اوهين منهنجو چيو مڃيندا، ۽ منهنجي عهد تي قائم رهندا، تہ اوهين ٻين سڀني قومن منجهان منهنجي لاءِ هڪڙو خاص خزانو ٿيندا: ڇالاءِ جو ساري زمين منهنجي آهي:


زمين ۽ اُن جي ڀرپورائي خداوند جي آهي؛ جهان ۽ اُن جا رهاڪو بہ هن جا ئي آهن.


آسمان تہ خداوند جو آسمان آهي؛ پر زمين هن انسان کي ڏني آهي.


تون ئي تون خدا آهين: تو آسمان، ۽ آسمانن جو آسمان، اُن جي سڄي لشڪر سميت، ۽ زمين ۽ ٻيون جيڪي شيون اُتي آهن، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي، سو سڀ تو پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن سڀني کي تون ئي قائم رکين ٿو؛ ۽ آسمان جو لشڪر توکي سجدو ڪري ٿو.


آسمانن جا آسمان، اوهين سندس تعريف ڪريو، ۽ پاڻي بہ جي آسمان جي مٿان آهيو، اوهين سندس تعريف ڪريو.


پر خدا سچ پچ زمين تي رهندو ڇا؟ ڏس، تون، آسمان ۾، بلڪ آسمانن جي آسمان ۾ ماپي نٿو سگهين؛ تڏهن هيءُ گهر جو مون جوڙيو آهي تنهن ۾ ڀلا ڪيئن ماپي سگهندين!


جيڪڏهن آءٌ بکايل هجان ها تہ توکي ڪين ٻڌايان ها: ڇو جو دنيا ۽ انهيءَ جي ڀرپوري منهنجي آهي.


پر خدا سچ پچ زمين تي ماڻهن سان گڏ رهندو ڇا؟ ڏس، تون آسمان ۽ آسمانن جي آسمان ۾ سمائجي نٿو سگهين: تڏهن هي گهر جيڪو مون جوڙيو آهي، تنهن ۾ ڀلا تون ڪيئن سمائجي سگهندين!


تڏهن موسيٰ چيس تہ آءٌ شهر مان ٻاهر نڪرڻ شرط پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کڻندس، ۽ گجگوڙ ۽ ڳڙا بند ٿي ويندا، تہ توکي خبر پوي تہ زمين خداوند جي آهي.


پر جي ڪو ماڻهو اوهان کي چوي تہ هيءَ شيءِ قرباني ٿيل آهي، تہ انهيءَ چتائڻ واري جي خاطر، ۽ ضمير خاطر نہ کائو.


ڇالاءِ جو ”زمين ۽ انهي جي ڀرپوري خداوند جي آهي.“


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آسمان منهنجو تخت آهي، ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي: اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گهر جوڙيندا؟ ۽ ڪهڙي جاءِ منهنجي آرامگاهہ ٿيندي؟


انهيءَ کيس برڪت ڏيئي چيو تہ خدا تعاليٰ، جو آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي، تنهن جي برڪت ابرام تي هجي.


جنهن خدا دنيا ۽ جيڪي شيون منجهس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو آسمان ۽ زمين جو خدا ٿي ڪري، هٿن جي جوڙيلن مندرن ۾ نٿو رهي؛


مسيح ۾ هڪڙي شخص جي مون کي خبر آهي تہ چوڏهن ورهيہ ٿيا جو هو ٽئين آسمان تائين کڄي ويو. (مون کي خبر ناهي تہ بدن ۾ ويو، يا بدن کانسواءِ، انهي جي خبر خدا کي آهي.)


۽ خداوند جا حڪم ۽ سندس قانون، جي آءٌ تنهنجيءَ ڀلائيءَ جي لاءِ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن کي مڃيندو رهہ؟


اي يسورون، خداوند جهڙو ٻيو ڪونهي، جو تنهنجي مدد جي لاءِ آسمان تي، ۽ پنهنجي جلال جي لاءِ عرش تي سواري ٿو ڪري.


ڪنهن مون کي شروع ۾ ڪجهہ ڏنو آهي جو آءٌ هن کي اُن جي عيوض موٽائي ڏيان؟ ساري آسمان هيٺان جيڪي بہ آهي سو منهنجو آهي.


انهيءَ جي، جو مدامي آسمانن جي آسمان تي سواري ٿو ڪري؛ ڏس، هو پنهنجو آواز ٿو ٻڌائي، جو قدرت وارو آواز آهي.


پر ابرام سدوم جي بادشاهہ کي چيو تہ مون خداوند خدا تعاليٰ، جو آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي، تنهن ڏانهن هٿ کڻي قسم کنيو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ