Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 10:12 - Sindhi Bible

12 هاڻي اي اسرائيل، خداوند تنهنجو خدا توکان ڇا ٿو گهري، رڳو ايترو تہ تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهہ، سندس سڀني واٽن تي هل، ۽ کيس پيار ڪر، ۽ پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان، خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪر،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ”هاڻي اي بني اسرائيل! خداوند اوهان جو خدا اوهان کان ڇا ٿو گھري؟ رڳو ايترو تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو، سندس سڀني واٽن تي هلو، ساڻس محبت رکو ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 10:12
55 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سليمان خداوند سان محبت رکي پنهنجي پيءُ دائود جي قانونن تي هليو: رڳو مٿانهن هنڌن تي قربانيون ڪندو هو ۽ لوبان ساڙيندو هو.


پر ياهو خداوند اسرائيل جي خدا جي شريعت تي هلڻ لاءِ سنڀال نہ ڪئي: ۽ يربعام جا گناهہ، جن سان هن اسرائيل کي گناهہ ڪرايا، تن کان هن پاسو نہ ڪيو.


۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن ڪ سندس پيءُ دائود ڪيا هئا.


ڇالاءِ جو هو خداوند کي چُهٽيو آيو، ۽ انهيءَ جي پيروي ڪرڻ ڇڏي نہ ڏنائين، پر جيڪي حڪم خداوند موسيٰ کي ڏنا هئا تن جي تعميل ڪندو آيو.


۽ تون، اي منهنجا پٽ سليمان، پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ، ۽ پوريءَ دل ۽ روح جي خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر: ڇالاءِ جو خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو، ۽ هرڪو خيال جو اُٿي ٿو سو ڄاڻي ٿو: ۽ جي تون هن کي ڳوليندين تہ هو توکي ملندو: پر جي تون هن کي ڇڏي ڏيندين، تہ هو توکي هميشہ لاءِ رد ڪندو.


۽ هنن پنهنجي سموري دل، ۽ سموري جان سان عهد اقرار ڪيو، تہ اسين خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڳولينداسين؛


جيڪڏهن هو ٻڌندا ۽ سندس عبادت ڪندا، تہ هو پنهنجا ڏينهن سک ۾ گذاريندا، ۽ پنهنجا سال خوشين ۾.


مبارڪ آهن اهي جي هن جون شاهديون ٿا مڃين، ۽ پوريءَ دل سان سندس ڳولا ٿا ڪن.


مبارڪ آهي اهو جو خداوند کان ڊڄي ٿو ۽ سندس واٽن تي ٿو هلي.


خداوند انهن سڀني کي سنڀالي ٿو جيڪي کيس پيار ٿا ڪن؛ پر سڀني بڇڙن کي برباد ڪري ڇڏيندو.


اي خداوند، منهنجي طاقت، آءٌ توکي پيار ٿو ڪريان.


اي خداوند جي پاڪ قوم، خداوند کان ڊڄو: ڇو تہ جيڪي کانئس ڊڄن ٿا تن کي ڪابہ گهرج ڪانهي.


شل منهنجي اُمت منهنجو آواز ٻڌي، ۽ اسرائيل منهنجن واٽن تي هلي!


تہ آءٌ سندن دشمنن کي سگهو ئي مغلوب ڪريان، ۽ سندن ويرين جي برخلاف پنهنجو هٿ ڊگهيريان.


تون خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪج، ۽ اهو تنهنجيءَ مانيءَ ۽ پاڻيءَ ۾ برڪت وجهندو؛ ۽ آءٌ تو منجهان بيماري ڪڍي ڇڏيندس.


ڳالهہ جي پڇاڙي اها آهي: سڀ مقرر ٿي ويو آهي: خدا کان ڊڄ، ۽ انجا حڪم مڃ، ڇالاءِ جو انسان جو سمورو فرض اهو آهي.


انهيءَ لاءِ تہ هو منهنجي قاعدن تي هلن ۽ منهنجي قانون جي سنڀال ڪري تعميل ڪن: ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس.


اي انسان، هن توکي ڏيکاريو آهي تہ چڱائي ڇا آهي؛ ۽ خداوند توکان ٻيو ڇا ٿو گهري، انهي کان سواءِ تہ تون انصاف ڪرين، رحم کي پيار ڪرين، ۽ پنهنجي خدا سان نماڻو ٿي هلين؟


انهي کان پوءِ آءٌ وري ماڻهن جي زبان پاڪ ڪندس، تہ هو سڀ خداوند کان دعا گهرن، ۽ هڪ دل ٿي هن جي عبادت ڪن.


هن چيس، تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجيءَ ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجيءَ ساريءَ جان سان، ۽ پنهنجي ساري عقل سان پيار ڪر.


هن ورندي ڏيئي چيو تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجيءَ سڄيءَ دل سان، ۽ پنهنجيءَ سڄيءَ جان سان، ۽ پنهنجيءَ سڄيءَ طاقت سان، ۽ پنهنجي سڄي عقل سان پيار ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.


پر افسوس اوهان تي آهي، فريسيو! ڇاڪاڻ تہ ڦودني ۽ سداب ۽ سڀ ڪنهن ڀاڄيءَ مان ڏهون حصو ڏيو ٿا، پر انصاف ۽ خدا جو پيار ڇڏي ڏنو اٿوَ: پر واجب هو تہ هي بہ ڪريو ها ۽ اُهو بہ نہ ڇڏي ڏيو ها.


تنهن کانپوءِ ساري يهوديہ، ۽ گليل، ۽ سامريہ ۾ ڪليسيا کي امن مليو، ۽ اُها قائم ٿيندي ويئي؛ ۽ خداوند جي ڊپ ۾ هلندي ۽ پاڪ روح جي تسلي ۾ وڌندي ويئي.


ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي، جنهن جي فرزند جي خوشخبري ٻُڌائڻ ڪري آئون پنهنجي روح سان سندس عبادت ٿو ڪريان، تہ ڪيئن نہ آئون هردم اوهان کي پنهنجين دعائن ۾ ياد پيو ڪريان،


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي خدا سان پيار ٿا رکن، تن جي لاءِ سڀ شيون گڏجي ڀلائي پيدا ٿيون ڪن، يعني انهن جي لاءِ جي سندس ارادي موجب سڏيا ويا آهن.


پوءِ خداوند مون کي چيو، تہ اُٿ، ۽ ماڻهن جي رهبري ڪر؛ تہ هو انهي ملڪ تي وڃي قبضو ڪن، جنهن بابت مون انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ انهن کي ڏيندس.


۽ خداوند جا حڪم ۽ سندس قانون، جي آءٌ تنهنجيءَ ڀلائيءَ جي لاءِ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن کي مڃيندو رهہ؟


تنهنڪري تون خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪر، ۽ هميشہ هن جي چئي تي، ۽ قانونن تي، ۽ فيصلن تي، ۽ هن جي حڪمن تي عمل ڪج.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي جيڪڏهن اوهين ڌيان ڏيئي ٻڌندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا، ۽ پنهنجيءَ ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان انهي جي عبادت ڪندا،


خداوند تنهنجو خدا اڄوڪي ڏينهن توکي حڪم ٿو ڏئي، تہ هنن قانونن ۽ فيصلن تي عمل ڪج: تنهنڪري تون پنهنجي ساريءَ دل سان، اهي ياد رکج ۽ مٿن عمل ڪج.


تون خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪج، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون، آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪج.


انهن بابت آءٌ اڄ توکي حڪم ٿو ڏيان، تہ خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪر، ۽ سندس واٽن تي هل، ۽ سندس حڪمن کي، ۽ سندس قانونن کي، ۽ سندس فيصلن کي مڃيندو رهہ، تہ تون جيئرو رهين ۽ وڌندو وڃين، ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، تنهن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي.


انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪرين، سندس فرمانبرداري ڪرين، ۽ منجهس قائم رهين: ڇالاءِ جو اهو ئي تنهنجي حياتي ۽ تنهنجي عمر جي درازي آهي: تہ جنهن ملڪ بابت خداوند تنهنجي خدا تنهنجي ابن ڏاڏن کي، يعني ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب کي قسم کڻي چيو هو تہ اوهان کي ڏيندس، تنهن ۾ تون وڃين رهين.


پر جيڪڏهن اتي بہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي ڳوليندا، ۽ پنهنجيءَ سچيءَ دل سان، ۽ پنهنجي سچي روح سان هن جي ڳولا ڪندا، تہ هن کي لهندا.


شل هنن ۾ اهڙي دل هجي، جو هو مون کان ڊڄندا رهن، ۽ هميشہ منهنجن سڀني حڪمن کي مڃيندا رهن، تہ انهن جو ۽ سندن اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي!


جنهن رستي جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن تي هلجو، تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ اوهان جي هٿ ايندو تنهن ۾ بہ اوهان جو ڀلو ٿئي.


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ ۽ انهي جي عبادت ڪج، ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


۽ تون پنهنجن پٽن، ۽ پوٽن سوڌو خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهين، ۽ هن جي سڀني قانونن ۽ حڪمن تي، جن جو آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان، تن تي پنهنجي ساري عمر عمل ڪرين؛ تہ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


۽ خداوند اسان کي حڪم ڏنو، تہ هنن سڀني قانونن تي عمل ڪريون، ۽ خداوند اسان جي خدا کان ڊڄندا رهون، تہ هميشہ اسان جو ڀلو ٿئي، ۽ هو اسان کي جيئرو رکي، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل، پنهنجي ساريءَ جان، ۽ پنهنجي ساريءَ طاقت سان پيار ڪر.


هاڻي انهي تاڪيد جو مطلب اهو آهي، تہ پاڪ ۽ نيڪ نيت ۽ سچي ايمان سان محبت پيدا ٿئي.


تنهنڪري اچو تہ جيڪا بادشاهت لڏڻ جي نہ آهي، سا حاصل ڪري اهو فضل هٿ ڪريون، جنهن ڪري اهڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون، جو اُها خدا کي پسند اچي؛


رڳو خبرداريءَ سان ڪوشش ڪري انهيءَ حڪم ۽ انهيءَ شريعت جي تعميل ڪجو، جنهن جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي حڪم ڏنو هو ۽ خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکجو، ۽ هن جي سڀني راهن تي هلندا رهجو، ۽ سندس حڪمن تي پورا رهجو، ۽ هن سان چهٽيل رهجو، ۽ پنهنجي ساريءَ دل ۽ ساري روح سان سندس عبادت ڪجو.


تنهنڪري هاڻي خداوند جو خوف رکو، ۽ سچي نيت ۽ صداقت سان انهي جي عبادت ڪريو؛ ۽ نديءَ جي هن ڀر، ۽ مصر ۾، جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هئا، تن کي ڇڏي ڏيو؛ ۽ خداوند جي عبادت ڪريو.


دنيا سان محبت نہ رکو، نڪي انهن شين سان، جي دنيا ۾ آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو دنيا سان محبت رکي ٿو تہ انهيءَ ۾ پيءُ جي محبت ڪانهي.


۽ دنيا کي مغلوب ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي، سواءِ انهي جي، جو اهو ايمان ٿو رکي تہ يسوع خدا جو فرزند آهي؟


تڏهن سموئيل ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ: حقيقت ۾ هيءَ سڀ خرابي اوهان جي ڪيل آهي: انهيءَ هوندي بہ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان نہ ڦرو، پر پنهنجي سموري دل سان خداوند جي عبادت ڪريو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ