Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 10:11 - Sindhi Bible

11 پوءِ خداوند مون کي چيو، تہ اُٿ، ۽ ماڻهن جي رهبري ڪر؛ تہ هو انهي ملڪ تي وڃي قبضو ڪن، جنهن بابت مون انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ انهن کي ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ خداوند مون کي چيو تہ ’وڃ، ماڻهن جي اڳواڻي ڪر تہ هو انهيءَ ملڪ تي وڃي قبضو ڪن، جنهن بابت مون سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ اهو کين عطا ڪندس.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 10:11
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي تون وڃ، ۽ جنهن جاءِ بابت مون توکي حڪم ڏنو آهي، اتي پنهنجيءَ قوم کي وٺي وڃ: ڏس، منهنجو فرشتو تنهنجي اڳيان هلندو: تنهن هوندي بہ جنهن ڏينهن آءٌ بدلو وٺندس، تنهن ڏينهن آءٌ انهن کي سندن گناهہ جي سزا ڏيندس.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون ۽ تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، سي هتان روانا ٿي انهي ملڪ ڏانهن وڃو، جنهن بابت مون ابرهام، اسحاق، ۽ يعقوب کي قسم کڻي چيو تہ اهو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.


ڏسو، مون اهو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي: اوهين وڃي انهي ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيو، جنهن بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان، قسم کڻي چيو هو، تہ هو اهو ملڪ انهن کي ۽ انهن کان پوءِ سندن اولاد کي ڏيندو.


۽ آءٌ اڳي وانگر، چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون، جبل تي رهيس: ۽ هن ڀيري بہ خداوند منهنجي ٻڌي؛ ۽ توکي برباد نہ ڪيائين.


هاڻي اي اسرائيل، خداوند تنهنجو خدا توکان ڇا ٿو گهري، رڳو ايترو تہ تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهہ، سندس سڀني واٽن تي هل، ۽ کيس پيار ڪر، ۽ پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان، خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪر،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ