Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 1:44 - Sindhi Bible

44 ۽ اموري، جي انهي جبل ۾ رهندا هئا، سي اوهان سان وڙهڻ لاءِ نڪري آيا، ۽ ائين اوهان جي پٺيان پيا جيئن ماکيءَ جون مکيون پونديون آهن، ۽ شعير ۾ اوهان کي ماري، حرمہ تائين ڀڄائي ڪڍيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

44 تڏهن اموري جيڪي انهيءَ جابلو علائقي ۾ رهندا هئا، سي اوهان سان وڙهڻ لاءِ نڪري آيا ۽ ائين اوهان جي پٺيان پيا جيئن ماکيءَ جون مکيون پونديون آهن. هنن ماريندي ماريندي اوهان کي سعير جي جابلو علائقي ۾ حرماہ تائين ڀڄائي ڪڍيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 1:44
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي مون کي ماکيءَ جي مکين وانگي ويڙهي ويون؛ پر ڪنڊن جي باهہ وانگيان وسامي ويون: آءٌ خداوند جي نالي انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ خداوند مصر جي ندين جي تمام مٿانهين ڀاڱي مان مکين کي، ۽ اسور جي زمين مان ماکيءَ جي مکين کي سينڍ وڄائي سڏيندو.


پوءِ عماليقي ۽ ڪنعاني جي انهيءَ جبل تي رهندا هئا، سي هيٺ لهي آيا، ۽ حرمہ تائين انهن کي ماريندا آيا.


۽ خداوند اسرائيلين جي دانهن ٻڌي ۽ ڪنعانين کي گرفتار ڪرايائين؛ ۽ هنن اُنهن کي ۽ انهن جي شهرن کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو: ۽ انهي هنڌ جو نالو حرمہ پئجي ويو.


خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: تون هڪڙي رستي کان انهن تي ڪاهي ويندين، ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان ڀڄي ويندين: تون دنيا جي سڀني بادشاهتن ۾ رلندو وتندين.


جيڪڏهن انهن جو ٽڪر کين وڪڻي نہ ڇڏي ها، ۽ خداوند انهن کي حوالي نہ ڪرائي ها، تہ ڪيئن هڪڙو ڄڻو هزار جي پٺيان پوي ها، ۽ ٻہ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڪڍن ها؟


۽ عئي جي ماڻهن هنن منجهان اٽڪل ڇٽيهہ ماڻهو ماري وڌا: ڇالاءِ جو هو شهر جي دروازي کان وٺي شبريم تائين انهن جي پٺيان پيا، ۽ هيٺ لهندي انهن کي ماريائون: انهي ڪري ماڻهن جون دليون پگهرجي پاڻي پاڻي ٿي ويون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ