Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 1:11 - Sindhi Bible

11 شل خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا، اوهان کي انهي کان بہ هزار ڀيرا وڌائي، ۽ برڪت ڏئي، جيئن ڪ هن واعدو ڪيو آهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 شل خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي انهيءَ کان بہ هزار ڀيرا وڌائي ۽ جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي تيئن اوهان کي برڪت ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 1:11
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو کيس ٻاهر وٺي ويو ۽ چيائينس تہ هاڻي آسمان ڏانهن نهار، ۽ جي تارن کي ڳڻي سگهين تہ ڳڻ: ۽ چيائينس تہ تنهنجو اولاد ايترو ٿيندو.


آءٌ توکي برڪت تي برڪت ڏيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي وڌائيندي وڌائيندي ايترو ڪندس، جيترا آسمان جا تارا آهن، ۽ جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري آهي؛ ۽ تنهنجو اولاد پنهنجن دشمنن جي دروازي تي قبضو ڪندو.


آءٌ تنهنجو اولاد آسمان جي تارن وانگر وڌائيندس ۽ هي سڀ ملڪ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ تنهنجي نسل مان زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛


هي تنهنجي پيءُ جي خدا جي حڪم سان، ۽ انهيءَ قادر مطلق جي حڪم سان ٿيندو، جو تنهنجي مدد ڪندو، ۽ توکي مٿان آسمان جون برڪتون ڏيندو، ۽ هيٺان اونهي سمنڊ جون برڪتون ڏيندو، ۽ ڇاتين جون، ۽ رحمن جون برڪتون ڏيندو.


۽ يوآب بادشاهہ کي چيو تہ هاڻي خداوند تنهنجو خدا شل تنهنجي قوم وڌائي جيتري هينئر هجي تنهن کان شل سؤ ڀيرا زيادہ ٿئي، ۽ شل منهنجو ڌڻي بادشاهہ انهيءَ کي ڏسي: پر منهنجو ڌڻي بادشاهہ اهو ڪم ڇو ٿو پسند ڪري؟


۽ يوآب چيو تہ خداوند پنهنجيءَ قوم کي سؤ ڀيرا زيادہ وڌائي: پر اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، اهي سڀ منهنجي ڌڻيءَ جا ٻانها نہ آهن ڇا؟ منهنجو ڌڻي بادشاهہ اها ڳالهہ ڪرڻ ڇو ٿو گهُري؟ هو اسرائيل جي لاءِ گناهہ جو سبب ڇو ٿو ٿئي؟


شل خداوند اوهان کي، ۽ اوهان جي اولاد کي وڌائيندو وڃي.


تون ابرهام، اسحاق ۽ اسرائيل کي ياد ڪر، جي تنهنجا ٻانها هئا، جن کي تو پنهنجو قسم کڻي چيو تہ آءٌ اوهان جو اولاد آسمان جي تارن جيترو وڌائيندس، ۽ هيءُ سارو ملڪ، جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي، سو اوهان جي اولاد کي ڏيندس، ۽ اهي هميشہ جي لاءِ انهي جا وارث ٿيندا.


مون توکي جهنگ جي مُکڙيءَ وانگر وڌايو، ۽ تون وڌئينءَ ۽ وڏي ٿئينءَ، ۽ تون نهايت سهڻي ٿئينءَ؛ تنهنجون ڇاتيون اُڀرڻ لڳيون ۽ تنهنجا وار وڏا ٿيا؛ تہ بہ تون اُگهاڙي ۽ ننگي هئينءَ.


تڏهن خدا بلعام کي چيو، تہ تون هنن سان نہ وڃ؛ نڪي انهن ماڻهن کي لعنت ڪج: ڇالاءِ جو اهي برڪت وارا آهن.


انهيءَ طرح هو منهنجو نالو بني اسرائيل ۾ قائم ڪن، ۽ آءٌ انهن کي برڪت ڏيندس.


خداوند اوهان جي خدا اوهان کي وڌايو آهي، ۽ اڄ اوهين آسمان جي تارن وانگر بي شمار آهيو.


ڪهڙيءَ طرح آءٌ اڪيلو اوهان جو جنجال، اوهان جا بار، ۽ اوهان جا جهيڙا جهڳڙا سهي سگهندس؟


ڏسو، مون اهو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي: اوهين وڃي انهي ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيو، جنهن بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان، قسم کڻي چيو هو، تہ هو اهو ملڪ انهن کي ۽ انهن کان پوءِ سندن اولاد کي ڏيندو.


تنهنجا ابا ڏاڏا جڏهن مصر ۾ ويا تڏهن ستر ڄڻا هئا؛ پر هاڻي خداوند تنهنجي خدا توکي آسمان جي تارن جيترو وڌايو آهي.


جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين، تہ پوءِ اوهين جي آسمان جي تارن جيترا هئا؛ سي گهڻو گهٽجي ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ