Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 1:1 - Sindhi Bible

1 هي اهي ڳالهيون آهن جي موسيٰ يردن جي هن ڀر بيابان ۾، يعني آرباہ جي ميدان ۾، سوف جي سامهون، فاران، ۽ طوفل، ۽ لابن، ۽ حصيرات، ۽ ديذهب جي وچ ۾، سڀني اسرائيلين کي چئي ٻڌايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هن ڪتاب ۾ اهي ڳالهيون بيان ڪيل آهن جيڪي موسيٰ بني اسرائيل کي ان وقت چيون، جڏهن اهي اردن درياءَ جي اوڀر طرف اردن ماٿريءَ ۾ سوف جي سامهون هئا ۽ انهن جي هڪ پاسي فاران شهر هو تہ ٻئي پاسي طوفل، لابن، حصيرات ۽ ديذهب شهر هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 1:1
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو فاران جي رڻ پٽ ۾ رهڻ لڳو ۽ سندس ماءُ هن جي لاءِ مصر جي ملڪ مان زال آندي.


۽ هو مديان مان نڪتا، ۽ فاران ۾ آيا: ۽ فاران مان ماڻهو وٺي مصر ۾، مصر جي بادشاهہ فرعون وٽ آيا؛ جنهن هن کي هڪڙو گهر ڏنو ۽ کاڌو مقرر ڪري ڏنائينس، ۽ زمين بہ ڏنائينس.


خداوند تيمان مان آيو، ۽ پاڪ خدا فاران جي جبل تان. هن جي جلال آسمانن کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ زمين هن جي تعريف سان معمور هئي.


۽ بني اسرائيل سينا جي بيابان مان ڪوچ ڪري پنهنجي سفر تي نڪتا؛ ۽ ڪڪر فاران جي بيابان ۾ اچي بيٺو.


پوءِ ماڻهو قبروت هتاوہ مان روانا ٿيا ۽ حصيرات ۾ آيا، ۽ حصيرات ۾ منزل ڪري رهي پيا.


تنهن کان پوءِ ماڻهو حصيرات مان روانا ٿيا، ۽ فاران جي بيابان ۾ وڃي تنبو هنيائون.


پوءِ هو فاران جي بيابان ۾ قادس منجهہ، موسيٰ ۽ هارون ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت وٽ آيا، ۽ اچي حال احوال ڏنائون، ۽ انهيءَ زمين جو ميوو ڏيکاريائون.


سو موسيٰ خداوند جي حڪم موجب انهن کي فاران جي بيابان مان موڪليو: اهي سڀ بني اسرائيل جا سردار هئا.


۽ اسين يردن جي پرئين ڀر، يا انهي کان اڳتي، هنن سان گڏ ورثو ڪين وٺنداسين؛ ڇالاءِ جو اسان جو ورثو يردن جي هن ڀر، اُڀرندي ڏانهن اسان کي ملي چڪو آهي.


اسين هٿيار ٻڌي خداوند جي حضور ۾ پرئين ڀر ڪنعان جي ملڪ ۾ وينداسين، پر اسان جي موروثي ملڪيت يردن جي هن ڀر رهي.


سو جيڪڏهن اسان تي تنهنجي مهر جي نظر آهي، تہ هي ملڪ تنهنجن ٻانهن کي موروثي ملڪيت ڪري ڏيئي ڇڏ؛ اسان کي يردن جي پرئين ڀر نہ لنگهاءِ.


۽ رمون فارص مان ڪوچ ڪري، لبناہ ۾ اچي منزل ڪيائون.


۽ لبناہ مان روانا ٿي، ريسہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون.


انهن اڍائي قبيلن کي سندن ورثو، سج اُڀرڻ واري پاسي يردن جي هن ڀر، يريحو وٽ اُڀرندي ڏانهن ملي چڪو آهي.


اوهين ٽي شهر يردن جي پرئين ڀر، ۽ ٽي شهر ڪنعان جي ملڪ ۾ ڏجو: اهي پناهہ جا شهر ٿيندا.


سو اسين شعير ۾ رهندڙ پنهنجن ڀائرن، يعني بني عيسوءَ کان پاسو ڪري، آرباہ جي رستي، ابلات ۽ عصيون جابر مان لنگهياسين. پوءِ اسين ڦري موآب جي ميدان جي رستي هلڻ لڳاسين.


پوءِ موسيٰ اسرائيل جي بزرگن سان گڏجي ماڻهن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو سي سڀيئي مڃيندا رهجو.


حورب ۾ خداوند جيڪو عهدنامو بني اسرائيل سان ڪيو هو، تنهن کان سواءِ موآب جي ملڪ ۾ انهن سان جيڪو عهد ڪرڻ لاءِ هن موسيٰ کي فرمايو، تنهن جون ڳالهيون هن ريت آهن.


۽ موسيٰ وڃي سڀني اسرائيلين کي اهي ڳالهيون ٻڌايون.


هن چيو تہ، خداوند سينا مان آيو ۽ شعير مان انهن تي ظاهر ٿيو؛ هو فاران جبل مان چمڪيو ۽ لکن پاڪ ماڻهن منجهان آيو: هن جي ساڄي هٿ ۾ انهن جي لاءِ باهہ جهڙي شريعت هئي.


يردن جي هن ڀر بيت فغور جي ماٿريءَ ۾ چئي ٻڌايا؛ يعني امورين جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ ۾، جو حسبون ۾ رهندو هو ۽ جنهن کي موسيٰ ۽ بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ ماريو:


پوءِ موسيٰ سڀني بني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي ٻڌو، انهي لاءِ تہ اوهين اهي سکو، ۽ انهن تي عمل ڪريو.


هاڻي خداوند اوهان جي خدا اوهانجن ڀائرن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن انهن کي چيو هو: تنهنڪري هاڻي اوهين پٺتي موٽو، ۽ جيڪا اوهان جي ورثي واري زمين خداوند جي ٻانهي موسيٰ يردن جي هن ڀر اوهان کي ڏني هئي، تنهن ۾ پنهنجن تنبن ڏانهن وڃو.


هاڻي منسيءَ جي هڪڙي اڌ فرقي کي موسيٰ بسن ۾ سندن موروثي حصو ڏنو هو؛ پر ٻئي اڌ فرقي کي يشوع يردن جي پار اُلهندي ڏانهن سندن ٻين ڀائرن سان گڏ حصو ڏنو، تنهن کان سواءِ جڏهن يشوع انهن کي پنهنجن تنبن ڏانهن موڪليو تڏهن انهن کي برڪت ڏنائين،


تڏهن جيڪو پاڻي مٿان ٿي آيو سو بيهي رهيو، ۽ ادم جو شهر، جو ضرتان جي پاسي ۾ آهي، تنهن کان گهڻو پري مٿي چڙهڻ لڳو: ۽ جيڪو پاڻي آرباہ جي سمنڊ ڏي، يعني کاري سمنڊ ڏي ٿي آيو، سو بيهي ويو، ۽ ڇڄي ڌار ٿي پيو: ۽ هو سڀ يريحو جي بلڪل آمهون سامهون لنگهي پار ٿيا.


۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي بادشاهہ يردن جي اُلهندي ڀر، ٽڪرين ۾ ۽ وادين ۾، وڏي سمنڊ جي ڪنارن تي لبنان جي سامهون، يعني حتي ۽ اموري، ڪنعاني، فرزي، حوي ۽ يبوسي هئا، تن جڏهن اها خبر ٻڌي؛


۽ جيڪي هن يردن جي هن ڀر وارن ٻنهي امورين جي بادشاهن سان ڪيو، يعني حسبون جي بادشاهہ سيحون سان، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج سان، جو عستارات ۾ هو.


۽ سموئيل وفات ڪئي، ۽ سڀ اسرائيلي اچي گڏ ٿيا، ۽ هن لاءِ ماتم ڪرڻ لڳا، ۽ هن کي رامہ ۾ سندس گهر ۾ دفن ڪيائون. ۽ دائود اُٿيو ۽ فاران جي بيابان ڏي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ