Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 9:8 - Sindhi Bible

8 اي خداوند، شرمندگي اسان جي ۽ اسانجن بادشاهن، ۽ اسان جي اميرن، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن لاءِ آهي، ڇالاءِ جو اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اي خداوند! اسين، اسان جا بادشاهہ، اسان جا سردار ۽ اسان جا ابا ڏاڏا شرمسار آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 9:8
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هنن اُهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب آهن، ۽ جنهن ڏينهن هنن جا ابا ڏاڏا مصر مان نڪتا تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، هنن مون کي ڪاوڙ پئي ڏياري آهي.


تہ جي انهيءَ هوندي بہ هو جنهن زمين ۾ قيد ٿي کڄي ويا هجن، انهيءَ ۾ پاڻ سنڀالين، ۽ توبهہ ڪن، ۽ پنهنجي قيد ٿيڻ واري زمين ۾ توکي عرض ڪن، ۽ چون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ ڏنگو ڪم ڪيو آهي، ۽ شرارت سان هليا آهيون؛


هاڻي ڌيان سان ڪن ڏي، ۽ تنهنجيون اکيون کليل هجن، تہ پنهنجي ٻانهي جي دعا ٻڌين، جا آءٌ هن وقت، ڏينهن ۽ رات، تنهنجن ٻانهن، بني اسرائيل جي لاءِ ٿو گهران، ۽ ساڳئي وقت ۾ آءٌ بني اسرائيل جا اُهي گناهہ قبول ٿو ڪريان، جي اسان تنهنجي برخلاف ڪيا آهن: هائو، مون ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي گناهہ ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو قديم وقت کان وٺي ماڻهن تو کان سواءِ اهڙو ڪو خدا نہ ٻڌو آهي، نہ ڪنهن جي ڪنن تائين اهو پهتو آهي، نہ ڪنهن جي اک اهو ڏٺو آهي، جو پنهنجي انتظار ڪرڻ واري لاءِ اهڙا ڪم ڪري.


اي خداوند اسين پنهنجي بڇڙائي قبول ڪريون ٿا، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاري بہ: ڇالاءِ جو اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


۽ اهو هن سبب ڪري جو بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ، سندن بادشاهن، ۽ سندن اميرن، سندن ڪاهنن، ۽ سندن نبين، ۽ يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن خرابي ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ هو مون کي ڪاوڙجڻ لاءِ چورين ٿا، يا پاڻ کي ٿا چيڙائين تہ سندن منهن ڦڪا ٿين؟


خداوند سچو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ ان جي حڪم کان باغي ٿيو آهيان: اڙي سڀ قومون ٻڌو، آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، ۽ اوهين منهنجو ڏک ڏسو: منهنجون ڪنواريون ڇوڪريون ۽ منهنجا جوان مرد قيد ٿي ويا آهن.


اسان حڪم عدولي ڪئي ۽ فساد ڪيو آهي؛ تو معافي نہ ڏني آهي.


ڇٽ اسان جي مٿي تان ڪري پيو آهي: افسوس آهي اسان جي حال تي! جو اسان گناهہ ڪيو آهي.


۽ جيڪي تو ڪيو آهي سو مون توکي معاف ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون ياد ڪرين ۽ لڄي ٿين، ۽ شرم جي ڪري وري اڳتي پنهنجو وات نہ پٽين؛ خداوند خدا ٿو فرمائي.


۽ انهي منهنجي حڪمن جي برخلاف بغاوت ڪئي آهي، جو ٻين قومن کان وڌيڪ شرارت ڪئي اٿس، ۽ منهنجن قانونن جي، پنهنجي آس پاس وارن ملڪن کان وڌيڪ انحرافي ڪئي اٿس: ڇالاءِ جو هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ هو منهنجن قانونن تي ڪين هليا آهن.


خداوند اسان جي خدا وٽ، جيتوڻيڪ اسين هن کان باغي ٿيا آهيون، رحمت ۽ معافي آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ